ھڪ جپسي ڪالم … سکر جي ڀِڪَ ۾ … NICVD …. حبيب ساجد

                 منھنجي اشھد آڱر جو ڏڪڻ مون سان گڏ منھنجي ٻن دوستن به محسوس ڪيو ھو، جڏھن مان سکر جي عارف بلڊرز ۾ سائين اياز گل جي سھڻي نالي سان لاڳاپيل اياز گل اسٽريٽ جي اترين ڪنڊ ۾ ھڪ پراڻي ۽ ميري بلڊنگ جي پھرين ماڙ جي ھڪ فليٽ جي دروازي تي بيھي ڪال بيل جو بٽن دٻائي رھيو ھيس. منھنجي ذھن ۾ ھڪ سخت مزاج ۽ ڀترَ جو جواب پٿرَ سان ڏيندڙ ان شخصَ جو چھرو گھمي رھيو ھو، جيڪو علمي بحثن ۽ ڪچھرين ۾ پنھنجي ھمعصر وڏن نالن جون کلون لاھي ڇڏيندو ھو ۽ پنھنجي انداز ۾ انھن جي ھجڻ ۽ نه ھجڻ تي سواليه نيشانَ لڳائي خوشي محسوس ڪندو ھو. ھن جي ڪوسن، ساڙيندڙ ۽ لھسائي ڇڏيندڙ جملن کان بنھ گھٽ ماڻھو بچي سگھيا ھوندا، کوڙين سال اڳ مان به ھن جي ھڪ بڙڇيءَ جھڙي جملي جو شڪار ٿي ويو ھيس پر مون ان تي ڪنھن به فورم تي ڪو احتجاج ڪونه ڪيو ھو، بس ھن کي پنھنجي ھڪ دوست جي معرفت ميسيج مُڪو ھو ته ڪنھن جي ذاتي زندگيءَ تي ھڪ طرفي ڪا راءِ قائم نه ڪبي آھي… اگر عدالتَ لڳائڻي ئي آھي ته پوءِ سڀني لاڳاپيل ھستين کي سمنَ جاري ڪيا وڃن. تڏھن ھن کي ڳالھ سمجھ ۾ آئي ھئي ۽ ھن کُليل دل سان مون ڏانهن ھڪ دوست جي معرفت ايڪسڪيوزز اُماڻيا ھئا … اڄ اسان ٽئي يعني مان، غلام علي گُل ۽ صدر سامي سنڌي ٻوليءَ جي گونجدار ۽ گرجدار لھجي واري شاعر پروفيسر ساجد سومري جي فليٽ آڏو موجود ھئاسين ۽ منھنجي آڱر ان ڪري ڏڪي رھي ھئي جو مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڪنھن ھستيءَ سان ملڻ کان پھرين ڪھڙو مُوڊ ۽ منھن تي ڪيتري سنجيدگي يا ڏک طاري ڪجي، جو ھن جي انھيءَ زمان حالَ واري وقت ۾ ھن کي آٿت محسوس ٿئي… خير دروازو کليو ۽ ھڪ ٻارڙو ملازم اسان کي ان ڪمري ۾ وٺي ھليو، جتي ساجد سائين پنھنجي پوئتان کوڙ ساترا وھاڻا رکي ويٺو ھو، ھن جو چھرو وِساڻل، اداس ۽ شيوو وڌيل ھئي، ھن وڏي آواز سان معذرت ڪئي ته ھُو اٿي ڪري اوھان سڀن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ جھڙو ڪونه آھي، ان جي لاءِ معافي گھري رھيو آھي. سڀ ھڪ ھڪ ٿي صوفن تي ويھي رھيا مگر مان ھن جي آڏو ئي سندس پلنگ تي ويھي رھيو ھيس، ھن وڏي مانَ ۽ اڪير وچان پنھنجي پوئتان رکيل ٻه وھاڻا مون آڏو رکيا ۽ چيو ته آرام ۽ ڪُشادگيءَ سان ويھي رھو.. ھن جو ھيٺيون ڌڙ بي ساھو يا پئرالائيز ھو، ھن جو چُرڻ پرڻ بس مٿين ڌڙ سان ئي ممڪن ڏسجي رھيو ھو، ھن جي چھري جي اھا مخصوص اڻ لَکي اداسي پوري ڪمري ۾ ڦھليل محسوس ٿي رھي ھئي. پنھنجي زندگيءَ ۾ بي انتھا متحرڪ ھڪ شخص کي ائين معذور ڏسڻ منھنجي لاءِ ناقابلِ برداشت احساس ھو. ھُو ٻڌائي رھيو ھو ته ھن کي پيمپرس پائڻا پوندا آھن ۽ ھن جي ھيٺين ڌڙ ۾ ٿورڙي به چرپر کي ھو محسوس نه ڪري سگھندو آھي … ھن جي جسم جو ھيٺيون حصو ڪنٽرول ليس آھي، رفع حاجت ۽ ٻين ضروري صفائين لاءِ به ھُو ٻين جي رحم و ڪرم تي رھندو آھي، ھُو پنھنجي جيون ساٿيءَ کي سلام ڪري رھيو ھو، جو ھُوءَ ھر ممڪن طريقي سان ھن جو خيال رکندي آھي، ڪڏھن ڪڏھن ته رات جو ھڪ يا ٻين وڳين ھوءَ ھن جي پيرانديءَ کان ئي ويٺي ويٺي ٿَڪَ وچان ننڊ ۾ ھلي ويندي آھي. ھن جو چوڻ ھو ته ھن جو خاندان ۽ ھن جا 80 سيڪڙو دوست ھن ڳنڀير حالت جي ڪري کانئس شعوري طور تي ڏور ھليا ويا آھن … ھن جي جسم سان اھو ڪجھ ڪيئن ٿيو ۽ ڪٿي ٿيو؟ جڏھن مون ھُن کان اھو سوال پڇيو ته سڀني محسوس ڪيو ھو، ھن جي اکڙين جا ڇپرَ نمڪين آلاڻ ۾ ڀرجي ويا ھئا. ھن جي ڳالھين جي اشھد آڱر جو سڌو اشارو گمس اسپتال گمبٽ جي ڊاڪٽرن ۽ خاص طور تي ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ طرف کڄي رھيو ھو، جن غلط ٽريٽيمنٽ ڪري ھن جي قابلِ علاج مرض کي ناقابلِ علاج بڻائي ڇڏيو ھو. ھن ٻڌايو پئي ته گِمس جي ماھر ڊاڪٽرن چار دفعا آغا خان ليباريٽريءَ جي ھڪ رزلٽ ورائي ورائي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو ۽ کيس اھي انجيڪشنون ھنيون ۽ دوائون ڏنيون، جن ھن جي بيماريءَ کي `ورسٽ ڪنڊيشن` ۾ پھچائي ڇڏيو ۽ صحيح ٿي وڃڻ جي ستر سيڪڙي امڪان کي ڏھ سيڪڙي تي پھچائڻ بعد کيس پنھنجي اسپتال مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو ھو .. ان بعد ساجد سائين ھڪ اڻکُٽ ۽ عذاب زندگيءَ جي ڏينھن ۽ راتين جي حوالي ٿي ويو ۽ اڄ تائين حوالي آھي.

ھُو ٻڌائي رھيو ھو ته ھن جي يونيورسٽي رڳو ھن کي پگھارَ اماڻي رھي آھي، باقي علاج جي حوالي سان ايڏي ساري بجيٽ رکندڙ يونيورسٽيءَ ھٿَ مٿي کڻي ڇڏيا آھن … ھُو ڊاڪٽر يوسف خُشڪ وائس چانسلر لطيف يونيورسٽيءَ جا پوءِ به ٿورا مڃي رھيو ھو، جنھن ايترن ڪرائسس وارين حالتن باوجود ھن جي پگھار مسلسل جاري رکي آھي، جنھن جي ڪري ھن جو ۽ ھن جي پريوار جو گذران ايترو ڀلو ته نه پر پوءِ به عزت ڀريو ٿي رھيو آھي.

مان سوچي رھيو ھيس،  ميڊيڪل سائنس ڪيتري نه ترقي ڪئي آھي، جو اھا بي ساھ عضون ۾ ساھ وجھي ڇڏي ٿي، پر اھائي ميڊيڪل سائنس ساجد سومري سائين جي حوالي سان ايئن بي وس ۽ لاچار ڇو محسوس ٿي رھي آھي!… ساجد سائينءَ جو چوڻ ھو ته اگر ھن ملڪ ۾ نه ته ٻاھرين ملڪ ۾ ھن جي بيماريءَ جو سئو سيڪڙو علاج موجود آھي، بس کيس ڪو اوڏانھن رڳو موڪلڻ جو بندوبست ڪري … ان تي مون کانئس پڇيو ته ڇا ھن سنڌ حڪومت تائين ائپروچ ڪئي آھي؟ جنھن تي، ھن جو چوڻ ھو ته سنڌ ڪابينا ۾ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا شاعر ۽ دانشورَ موجود آھن، انھن جي لاءِ منھنجو معاملو بلڪل به وڏو ڪونھي….  پر ساجد سائينءَ کُليل لفظن ۾ آکيو ته سنڌ جي اڄوڪن مالڪن کي ڪنَ آڏو اچي زور سان ٻڌائڻو پوندو آھي، پاڻ ليکي کين ڪجھ به نه نظرجندو آھي.

مان حيران ٿي سوچيندو آھيان ته سنڌ حڪومت ھونءَ ته سنڌ جي ھر محڪمي جي ڀينگ ڪري ڇڏي آھي، پر رڳو ھڪ محڪمو اھڙو آھي، جنھن جي لاءِ اسان جي مرحوما بينظير جو سڪيلڌو پٽ بلاول ڀٽو زرداري ھر پريس ڪانفرنس ۾ سڀني کي اطلاع ڏيندو آھي ته ھن جي حڪومت سنڌ ۾ ميڊيڪل سائنس جي شعبي ۾ سنڌي ماڻھن کي جيڪي سھولتون مھيا ڪري رھي آھي، اھي سھولتون يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ڪونه ملي رھيون آھن.

مان ھتي انھن اعلي` اختيارين کان رڳو ھڪڙو سوال ڪري رھيو آھيان ته جيڪڏھن اوھان واقعي ميڊيڪل سائنس جي شعبي ۾ اسان جي سنڌ ۾ واھڙَ وھائي ڇڏيا آھن ته سکر جي عارف بلڊرس ڪالونيءَ جي ھڪ سادڙي فليٽ ۾ ، جتان کان بلاول جي اين آءِ سي وي ڊي ۽ ٻارن جي ھاسپيٽل ھڪ سڏ پنڌ جي فاصلي تي موجود آھن، اُتي پروفيسر ساجد سومري جي معاملي ۾ ھُو اڳتي ڇو ڪونه ٿا اچن .. اگر واقعي سنڌ حڪومت اھڙا ڪمال جا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن ته ساجد سائينءَ جو ھي ڪيس سنڌ جي ميڊيڪل شعبي جي مھارتن آڏو خطري جي ڳاڙھي جھنڊي جيان ڇو اڄ تائين جھولي رھيو آھي ۽ ڇو تقاضا ڪري رھيو آھي ته اھي اگر واقعي اھڙا ادارا ٺاھي ويا آھن ته ساجد سائينءَ جو ڪيس ھڪ ٽيسٽ ڪيسَ طور ڇو ڪونه ٿا کڻن، ھُو اڳتي اچي ساجد سومرو کي  ٺيڪ ڪري دنيا کي ڇو ڪونه ٿا ڏيکارين ته ھائو ٻيلي اسان پنھنجي سنڌ حڪومت وسيلي واقعي سنڌي ماڻھن کي ميڊيڪل جي شعبي ۾ ڪمال جون سھولتون ڏنيون آھن ۽ اھو سڀ ڏسي ممڪن آھي ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شھيد بي بي بينظير ڀٽو جو روح ٿورو گھڻو پرسڪون ۽ خوش ٿي پوندو.

ان ڏھاڙي اسان ھِن 2025 سالَ جي آخري ڊسمبر مھيني جي سرد سرد ڏينھن جو ڳپل حصو ساجد سائينءَ سان گذاريو، منجھند جي ماني ھن وٽ کاڌي ۽ ھن کان کوڙ ساتري شاعري ٻڌي .. ساجد سائينءَ جي شاعري پنھنجي حوالي سان ھڪ منفرد ۽ ڪلاسڪ ٽچ، سرور ۽ سُور رکي ٿي … ھن پنھنجي آڏو ڦھليل ھن گلوب جھڙي دنيا کي جنھن نظر سان ڏٺو آھي، سندس شاعري ان دنيا جي ھڪ سگنيچر ٽيون جھڙي ڌُن آھي، جنھن ۾ ڏکَ گھڻو حاوي آھن، ھر سِٽَ دردَ جو ڄڻ ته داستان لڳي رھي آھي. ظاھر آھي جيڪو ماڻھو ھڪ اھڙي زندگي گذارڻ لاءِ مجبُور ھجي، جا زندگي ھن ڪڏھن سوچي به ڪانه ھجي ته ھن تي ڇا نه گذرندو ھوندو! ھڪَ پکيءَ کان جيڪڏھن آسمانن ۾ اُڏرڻ کسجي وڃي ته ھن وٽ باقي بچي ئي ڇا ٿو … ايئن ئي ڪوئل جيڪڏھن ڪُوڪڻ جي سگھ وڃائي ويھي ته ھن جو وجود پوءِ ڪھڙي معنا ۾ وڃي بچندو … ائين ئي ساجد سائينءَ کان جيترو ڪجھ به شاعريءَ جي زباني ٻڌوسين، ان کي اگر ھڪ جملي ۾ سموئجي ته اھا ھڪ اھڙي حيرانيءَ جو احساس ڏياري ٿي، جنھن جي توقع ۽ اميد اسان جي ھن شاعر ڪڏھن ڪئي ئي ڪانه ھئي … ھڪ ٻي، اوپري ۽ نظرانداز ٿيندڙ زندگيءَ جو تصور ڪيڏو نه ايذائيندڙ ھوندو آھي، اسان پيرن ۽ پنڌن جي سھولت رکندڙ ھن جا دوست ھن جي دردَ کي ڪيئن محسوس ڪري سگھون ٿا ۽ ھُو ٻن پيرن جي ھوندي به ٻه وِکون ھلي اوھان سنگتين جو آڌرڀاءُ ڪرڻ پنھنجي فليٽ جي دروازي تي به اچي نه ٿو سگھي … !!!!!

خدا ڄاڻي ته ڪنھن رنگين چمنَ ۾ ڇونه ڄاياسين

ٽِڙياسين دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي!      (اياز)