ھڪ جپسي ڪالم … فون مان نڪري آڏو اچي ويھڻ … حبيب ساجد

“اڄ به منھنجيون اکيون، تنھنجي درَ جي چانئٺ تي،

فقير جي خالي ڪشڪول جيان، دان ملڻ لاءِ آتيون بيٺيون آھين،

ڪاش تون ڄاڻي سگھين ھا ته،

ھڪ ديدَ جي معنا ڇا ھوندي آھي!!!”

                 ان نظم جي سرجڻھار، جا سکر ۽ نوابشاھ جي وچ واري ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رھندي آھي، منجھند جو ٻي وڳي جڏھن فون ڪري ٻڌايو ته ھوءَ سکر ۾ آھي ۽ 17.30 تي ملنداسين ته مان ھڪ پراسرار قسم جي خاموشيءَ ۾ ويڙھجي ويو هيس. پنھنجي لائبريريءَ ۾ ويٺي ويٺي مون کي اڍائي ڪلاڪ ٿي ويا ۽ ليپٽاپ جي ڪي بورڊ کي نه ڇُھڻ جي ڪري اھو اتي ئي ھائبرنيشن ۾ ھليو ويو.

                 لڳ ڀڳ پنجين وڳي ھن ميسيج ڪيو ته کيس پنج منٽ دير ٿي ويندي، مان ريلوي جو ماڻھو انھيءَ ليٽ جو آفيشلي عادي رھندو آيو آھيان، سو مان به پنج لڳي 25 منٽ تي ڪي ايف سي سکر پھچي ويس ته حيرانگيءَ وچان ھن جو ميسيج پڙھيم ته ھوءِ مٿين ماڙ تي ھڪ ٽيبل والاري ويھي چڪي آھي … مان ڪي ايف سي جا کوڙين دروازا ڪراس ڪندو جيئن ڏاڪڻن تي چڙھيس ته پري کان ئي ھڪ ليڊيءَ جنھن کي ڳاڙھو ويس پاتل ھو، مون کي ڏسي ھٿُ ھِلايو … مان ان تي حيران ھيس ته نه ھن مون کي ڪڏھن ڏٺو ھو ۽ نه ئي مان کيس ڪتابن کان ٻاھر جي دنيا ۾ ڪڏهن پاتو ھو … مان جنھن مھل ھن جي آڏو خالي ڪرسيءَ تي ويھي رھيو ھوس ته ھن مون ڏانھن آدر ۾ پنھنجو ھٿ وڌايو ۽ مون ڪجھ لمحا پنهنجي هٿ ۾ ھڪ ريشمي ھٿ جي رڳن وچان وھندڙ رت جي روانيءَ کي به ڄڻ ته محسوس ڪري ورتو ھئو .. ھن جي عمر چاليھن جي آس پاس ھوندي ۽ ھن جي چھري جي سانوري ۽ پراعتماد مرڪ پورا ٻه ڪلاڪ يعني جيترو وقت مان ھن سان ويٺل رھيس،  ھڪ لمحي لاءِ به جَھڪي نه ٿي ھئي. ھوءَ مون لاءِ چاڪليٽ ڪيڪ جو ھڪ پئڪٽ، ھڪ ڪتاب ۽ منھنجو لکيل ھڪ ليک جيڪو مون ھن جي نظمن تي ويھارو سال کن اڳ لکيو ھو ۽ جيڪو هن ڪنھن اخبارَ ۾ ڇپرايو ھو، اھو مون لاءِ کڻي آئي ھئي ..

ھن جو اکيون بي حد ڪاريون، چنچل ۽ ڪنھن شرارتي ٻار جيان ڪنهن مهل مشعالن جيان ٻري پئي پيون ته ڪنھن مهلَ ڪنهن اڻ ڄاتل غم جي اولڙي ۾ اچي ٿڪل ٿڪل به لڳڻ لڳيون ھيون .. ھن جي ڳالھائڻ جو لھجو صفا ڪنھن اهڙي نوجوان ناريءَ وارو ھو، جنھن ڄڻ تازو تازو ڪي خواب ڏٺا ھجن ۽ انھن جي تعبير ڄڻ ڪي ايف سيءَ کان ٻاھر ڪنھن ڪار ۾ ويٺي ھن ھن جو انتظار ڪري رھي ھجي .. ھُوءَ مون کي بلڪل ان مايا جيان محسوس ٿي رھي ھئي، جنھن جي ڪردار کي اسان ٻنھي جي گرو ديو گلزار پنھنجي فلم اجازت ۾ ھڪ شاعرہ طور پورٽري ڪيو ھو … پر مان ھن جو نصير شاھ ڪونه ھيس … مان ڪوٽ ميرمحمد جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جو ٻروچ ماڻھو سمورو وقت ھن جي ھٿن ۽ چپن ڏانھن ئي نھاريندو رھيو ھوس، جيڪي ادا ڪيل لفظن جي سپورٽ ۾ ڪڏھن اُٿي رھيا ھيا ته نثري نظم جي اردو شاعره عذرا عباس جي نظمن جي ڪتاب “ميز په رکھي ھاتھ” جي ٽائٽل جيان ميز تي ھڪ ٻئي مٿان رکيل پسي رھيو ھيس، ڪنھن مھل اھي ئي خاموش ھٿَ دائرا ٺاھي ھوائن ۾ ڄڻ ڪا تشبيھ جوڙي مون کي ڪا ڏکي ۽ مشڪل ڳالھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا … مان ياد ڪري رھيو ھيس .. جڏھن منھنجي نظمن جي ڪتاب “انجلي” جا پروف منھنجو آل ٽائيم محسن سائين عزيز سولنگي ۽ قاضي احمد شھر جو منھنجو ساٿي ۽ دوست معشوق ڌاريجو ڏسي رھيا ھئا ته منھنجي پبلشر ۽ ھم نام ساٿي ساجد سنڌيءَ فون ڪري چيو ته اوھان جي ڪتاب تي ھڪ ماھ جبين پنهنجي راء لکڻ چاھي ٿي. جيڪا اوھان کي ۽ اوھان جي نظمن کي ڪافي عرصي کان ڄاڻي سڃاڻي رھي آھي .. مون کي ٻيو ڇا پيو گھرجي ۽ مون کيس ھا ڪئي ھئي .. اھو مضمون جيڪو ساجد کي  ان پاران مليو، اھو مون اڳواٽ ڪونه پڙھيو ھو، ڪتاب جڏھن ڇپجي منھنجي ھٿڙن تائين پھتو ھو ته ان ماه جبين جو اهو ليک مون لاءِ به اھڙو ئي سرپرائيز ھو جيڪو ممڪن آھي ساجد سنڌيءَ لاءِ به شايد ھجي.. مون کي ياد آيو ته ويھارو کن سال اڳ اھا ھستي منھنجي نظمن کي پڙھي مون ڏانھن پنھنجي راءِ خطن ذريعي موڪليندي ھئي ۽ ھن جون ڳالھيون پراچين سنسڪرت جي شاعر اِمارو جي نظمن جيان حيران ڪندڙ ۽ عجيب قسم جون ھونديون ھيون … مون کيس ڪڏھن به ڪنھن ادبي اسٽيج تي ڪونه ڌٺو ھيو، شايد چند ڏھاڙا اڳ ھوءَ بيدل بيڪس جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاء آرٽس ڪائونسل سکر آئي ھئي ۽ امر اقبال کان منھنجي لاءِ پچيو ھئائين … اھا ئي ھستي اڄ مڪمل مجسم منھنجي سامھون ڪرسيءَ تي ويٺي مرڪي مون ڏانهن نهاري رهي ھئي ۽ مون کي پنھنجي ڪنھن لکيل نظم جو پس منظر سمجھائي رھي ھئي، جنھن نظم کي مان سمجھندي به اڻ ڄاڻ بڻجي ھن جي ڳالھائڻ ۽ باڊي لينگويج جي حسناڪين کي حيرت وچان پسي رھيو ھيس … اسان اتي تقريبن ٻه ڪلاڪ ويھي ڪچھري ڪئي ھئي ۽ ھن کان ھن جا کوڙ ساترا نظمَ ٻڌا ھئا … نظمن جي نيريشن ۾ ھن جي ادائيگي لھندڙ سج جي لاليءَ جيان پراسرار ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ ھئي … ھن جي ھٿن جي چُرپُر ۽ لھجي جي  خاموش لرزش هن جي نظمن جي ادائيگيءَ کي بيحد خاص بڻائي رھي ھئي … ھوءِ ھڪ نظم ٻڌائي ساھ پٽن لاءِ ٽيبل تي ڪجھ خاص ڳولھڻ لڳي پئي ۽ پوءِ آئيس ڪريم جي بائول مان ھڪ چمچو ڀري، ڪجھ پل ڄڻ نظر نه ايندڙ ڪنھن ڪڪر کي ڪي ايف سيءَ جي سيلنگ ڇت تي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي .. ھن جو لھجو نو ڊائوٽ بيحد ماٺيڻو ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ ھو … هوءَ مون کي پنهنجا مختصر نظم ٻڌائي رهي هئي …

*

تاريخ کي ورجائڻ واري ڳالھ

 مون کي ڏاڍي پسند آھي

مان چاھينديس اي دوست ته

تنھنجي ۽ منھنجي تاريخَ

وري وري پئي ورجائجي …

**

زھر به مٺو ھوندو آھي

ايئن سڀ چوندا آھن

پوءِ ٻڌ منھنجا مٺڙا  ! 

مون سان مٺو مٺو ڳالھائيندو ڪر.

*

منھنجي نگاھَ

تنھنجي سمنڊ جھڙي وجود تي

“سرفنگ” ڪندي لھر لھر سان وڙھي ٿي،

پر توتائين ڪين رسي ٿي ..

*

ھن جي سانورن چپن مان نڪتل نظمن کي ٻڌندي ٻڌندي شامَ گھري ناسي ٿي وئي ھئي ۽ اسان جي ڀِڪ واريون گھڻيون ڪرسيون خالي ٿي چڪيون ھيون .. ھن جي لھجي ۾ به ڄڻ ڪو ازلي قسم جو ٿڪُ لھي آيو ھو … ان بعد اسان اتان اٿي ٻاھر ملٽري روڊ تي  آيا ھئاسين .. اسان جو ارادو ھو ته ڀڪ ۾ ئي سائين شير محمد عباسيءَ جي ذاتي لائبريريءَ کي وزٽ ڪجي ھا ، جيڪا ھن ريٽائرمينٽ کان پوءِ پنھنجي گريجوئيٽي وارن پئسن مان ٺھرائي ھئي، پر دير ٿي وڃڻ ڪري اھو پروگرام ڪئنسل ڪيوسين … ھوءَ جنھن مھل رڪشا ۾ ويھي رڪشا واري کي پنھنجي ڌيءَ جي گھر جي ائڊريس ٻڌائي رھي ھئي ته ان مھل مون کي پئبلو نيرودا جي ھڪ نظمَ جون هي سِٽون ياد اچي رھيو ھيون …

*

 ھتي …ھا،  ھتي ئي ڳولھجو مون کي

ڇو ته مان ھتي ڪجھ چوڻ بنا ئي بي داغ رھيو هيم

مان ھتي ٻيھر پاڻي ۽ ھن جي وحشي دل جي

 حرڪت بڻجي ويندم،

مان ھتي وڃائجي ويندم

۽ وري لڀجي به پوندم

مان ھتي شايد

پٿر يا خاموشي … ٻنھي مان

ڪنھن ھڪ ۾ ڍلجي ويندم ..