فيس بوڪ اسڪرول ڪندي مون بيحد احترام ۽ محبتن وچان پنھنجي سوشلسٽ سنگتي ڪامريڊ احسن جعفريءَ جو ليک پڙھي ورتو ۽ سچ ته کوڙ ساترو وقت اکيون ٻوٽي اھو پئي سوچيو … جيڪا ريئلائيزيشن اسان جي سنڌ ۾ فخر وچان مھاجر سڏرائيندڙ انھن جي ڇھين پيڙھيءَ کي ھاڻ اچڻ لڳي آھي، اھا اگر شروع ۾ ئي اچي پوي ھا ته اڄ سنڌ جو سماجي تاڃي پيٽو ايترو گنجريل ۽ غيرمحفوظ محسوس نه ٿئي ھا، افسوس جو ايئن ٿي نه سگھيو، نفرتون پوکبيون ته لڻبيون به نفرتون ئي … اھا ڳالھ سمجھڻ جي آھي ته جيئن پنجاب ۾ پاڻ کي کوڙ سالن تائين “پناھي” سڏائيندي سڏائيندي، آخرڪار اتان جا مھاجرَ پنجاپي معاشري ۾ ضم ٿي ويا، صادق آباد ۽ رحيم يار خان ۾ منھنجا ڪافي پناھي سنگتي آھن، جيڪي ھاڻ پنجابي سڏرائيندي فخر محسوس ڪندا آھن، اڄ به انھن سان ملندو آھيان ته محسوس ٿيندو آھي ڄڻ ڪنھن پنجابي سان ملي رھيو آھيان پر افسوس اھو سنڌ ۾ نه ٿي سگھيو. ھڪ عجيب نيريٽيو جي پوئتان مھاجرن پنھنجون ڪيتريون ئي پيڙھيون نفرتن جي سُتي پيئاري وڏيون ڪيون آھن. مھاجرن سنڌ ۾ اسان جي سنڌ جي سنڌي ديوانن ۽ ھندن جي ڇڏيل ملڪيتن کي جھڙيءَ ريت لٽ مار جيان قبضي ۾ آندو، ان تي گھڻو ڪجھ لکڻ جي ضرورت آھي.
ڪامريڊ احسن جعفري سکر ۾ منھنجو ھڪ پيارو سنگتي آھي، ڪجھ سالَ اڳ اسان سڀ سوشلسٽ سوچ وارا دوستَ جن ۾ ڪامريڊ سعيد خاصخيلي، ڪامريڊ احسن جعفري، ڪامريڊ عابد، ڪامريڊ سليم (مرحوم) ۽ ڪامريڊ خالد فاروقي سکر ۾ ڪٿي نه ڪٿي ميٽنگس ڪندا ھئاسين ۽ کوڙ ساترا سوشلزم تي ليڪچر پروگرام ترتيب ڏيندا ھئاسين … ريل جي نوڪريءَ جي ھڻ ھڻان ۾ مان انھن سان گھڻو وقت ھلي نه سگھيس ۽ ڪنڊائتو ٿي ويو ھيس. ڪامريڊ احسن جعفريءَ جو ھي فيس بوڪ نوٽ مان اردوءَ مان ان ارادي سان ترجمو ڪري رھيو آھيان ته جيئن ٻيا مھاجرَ سڏرائيندڙ سنڌ جا واسي اسان جي ڪامريڊ احسن جي ھن سوچ جي مثبت انداز ۾ موٽ ڏين ۽ سنڌ جي سماجي تشڪيل ۾ 80 سالن جي نقصان پڄاڻان ڪجھ ته ڀرپائي ڪري سگھن.
ڪامريڊ احسن لکي ٿو ته،
“مان ھڪ اھڙي مھاجر خاندان ۾ پئدا ٿيو ھوس، جنھن 1947 ۾ گڏيل ھندستان جي ملڪ ٽٽڻ بعد چاچا غالب جي پئدائشي شھر آگري مان ھجرت ڪري، سنڌ ۾ اچي روھڙي شھر ۾ رھائش اختيار ڪئي ھئي. منھنجي خاندان جي ڪھاڻي به ھن خطي جي لکين پريوارن جيان ھجرت، خوف، جدائي ۽ نئين گھر جي تلاش جي ڪھاڻي آھي، مگر منھنجي پنھنجي فڪري زندگيءَ جي ڪھاڻي رڳو مھاجر ھجڻ جي ڪھاڻي ڪانھي، ھي ان سڃاڻپ متعلق سوال ڪرڻ، ان کي طبقاتي شعور جي روشنيءَ ۾ وري ٻيھر سمجھڻ ۽ آخرڪار پنھنجي ڌرتي “سنڌ” سان محبت کي پنھنجي شعوري چونڊ طور تي قبول ڪرڻ جي به ڪھاڻي آھي.
مون سدائين پنھنجي چئوڌاريءَ ھڪ اھڙو بيانيو پروان چڙھندي ڏٺو آھي، جنھن ۾ مھاجر ھجڻ ھڪ تاريخي تجربو ناھي پر ھڪ طرح سان نسلي ۽ تھذيبي برتريءَ جو احساس به بڻجي ويو ھو. سنڌ جي اصلوڪن سنڌي ماڻھن کي پسماندو، ڪمتر ۽ جاھل سمجھڻ ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ کي رڳو اھڙي جاءِ تصور ڪرڻ، جتي اچي اسان مھاجر آباد ٿياسين، اھو سڀ انھيءَ ئي سوچ جو حصو ھو. بدقسمتيءَ سان ھڪ وڏي عرصي تائين مان به انھيءَ ذھنيت جو حصو رھيو ھوس ۽ ذھني طور تي ان سوچ کان مڪمل آزاد ڪونه ھيس، مگر مارڪسزم جي مطالعي بعد تاريخ ۽ سماج کي پرکڻ جو منھنجو زاويو صفا بدلجي ويو. مارڪسزم مون کي اھو سمجھايو ته انسانن جي وچ ۾ اصل تضاد سدائين زبان، نسل يا قوم جو تضاد ناھي، اڪثر انھن تضادن جي پوئتان معاشي مفادَ، طبقاتي طاقت ۽ وسيلن تي قبضي جو سوال موجود ھوندو آھي. حڪمران طبقو محنت ڪش مزدورن کي ورھائڻ لاءِ ڪڏھن مذھب، ڪڏھن نسل، ڪڏھن زبان ۽ ڪڏھن قوميتن جي عنصرن کي استعمال ڪندو آھي. جڏھن ھڪ غريب سنڌي ۽ ھڪ غريب مھاجر ھڪ ٻئي کي پنھنجو دشمن سمجھڻ لڳن ته ان جو سڀ کان وڏو فائدو ان سرمائيدار يا حڪمران طبقي کي ٿئي ٿو، جيڪو ٻنھي جي محنت جي موٽ ۾ پنھنجي لاءِ دولت پئدا ڪري ٿو. ھي اھو مقام آھي، جتي سنڌ جي مسئلي کي به سمجھڻ جي ضرورت آھي. 1947 جي ورھاڱي بعد ھندستان مان ايندڙ لکين ماڻھن سنڌ ڌرتيءَ تي پناھ ورتي ۽ سنڌ ڌرتيءَ پنھنجي حقيقي ۽ تاريخي روايت جو مان رکندي انھن لُٽيل پُٽيل مھاجرن لاءِ پنھنجي گھرن جا دروازا کولي ڇڏيا. سنڌ جي شھرن روھڙي، سکر، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي ماڻھن پنھنجي ثقافت مطابق انھن جو آڌرڀاءُ ڪيو. اھڙيءَ طرح ھڪ اوپري ۽ اجنبي ڌرتي انھن مھاجرن لاءِ ھڪ گھر بڻجي پئي. انھيءَ تاريخي حقيقت کي سمجھڻ ۽ تسليم ڪرڻ تمام ضروري آھي ۽ ان تاريخي آڌرڀاءُ لاءِ مان سنڌ جي ماڻھن جا ٿورا مڃڻ تمام ضروري سمجھان ٿو. مگر تاريخ جو ھڪ ٻيو رُخ به آھي … مھاجر آباديءَ جي ھڪ حصي سنڌ ڌرتيءَ کي پنھنجو نئون وطن بڻائڻ بجاءِ پاڻ کي ھڪ مستقل سياسي ۽ تھذيبي مٿڀرائپ جي تصور ۾ قيد ڪري ڇڏيو. سنڌ جي اصلوڪن رھواسين کي ڪمتر سمجھڻ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي اٻوجھائپ ۽ جھالت سان جوڙڻ ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ اقتدار تي پنھنجو فطري حق سمجھڻ ان ذھنيت جون مختلف شڪليون آھن. ھتي مارڪسي نقطه نظر اسان آڏو ھڪ اھم سوال سامھون آڻي بيھاري ٿو.. ڇا ھڪ سنڌي محنت ڪش مزدور واقعي به ھڪ مھاجر محنت ڪش جو دشمن آھي! منھنجو جواب آھي .. نه.
ٻنھي جون مشڪلاتون ڪافي حد تائين ھڪ جھڙيون آھن. ھڪ غريب سنڌي ھاري وڏيري ۽ جاگيردارَ جي استحصالَ جو شڪار آھي، جڏھن ته ھڪ غريب مھاجر مزدور ساڳي ئي طرح سان سرماياداري استحصال جو شڪار آھي. ھڪ بيروزگار سنڌي نوجوان ۽ ھڪ بيروزگار مھاجر نوجوان ٻئي پنھنجي روزگار لاءِ ھڪڙي ئي نظام سامھون بيٺل آھن. سرڪاري ادارن ۾ ھيٺين گريڊ وارا ملازم ھجن يا ڪنھن مِل جا مزدور ھجن، انھن جي محنتن جو وڏو حصو انھن جي ھٿ ۾ اچي ئي ڪونه ٿو. ان ڪري محنت ڪشن کي زبان ۽ نسل جي نالي تي ورھائڻ اصل ۾ طبقاتي سياست جي خلاف سرمائيداري نظام جو سڀ کان وڏو ھٿيار آھي. اھا به ھڪ حقيقت آھي ته سنڌ جو قومي سوال رڳو مصنوعي قسم جو سوال ڪونھي. سنڌ جي ماڻھن جا نج پنھنجا تاريخي، ثقافتي، لساني ۽ معاشي حقَ آھن. پنھنجي زمين، زبان، وسيلن ۽ سياسي اختيار جو حق گھرڻ کي قوم جي تنگ نظري نه ٿي چئي سگھجي، بلڪه اھو انھن جو بنيادي انساني ۽ قومي حق آھي. مارڪسزم اسان کي محڪوم قومن جي حقِ خود اختياريءَ ۽ ان جي قومي سوال کي نظرانداز ڪرڻ جو سبق ڪونه ٿو ڏئي، بلڪه سمجھائي ٿو ته قومي جبر ۽ طبقاتي استحصال ڪيئن ھڪ ٻئي سان جُڙي سگھجن ٿا. ان ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي ورھاڱي جي ڪنھن به منصوبي کي مان سنڌ جي محنت ڪش عوام جي فائدي ۾ نه ٿو سمجھان. سنڌ کي ٻوليءَ ۽ نسل جي بنياد تي ڀاڱا ڪري ڇڏڻ سان عام سنڌيءَ يا عام مھاجر جي زندگي ڪڏھن به بھتر نه ٿي سگھندي، ان سان نه بي روزگاري جو انت ايندو، نه ئي غربت، مھانگائي، يا جاگيرداري ۽ سرمائيداري استحصال ختم ٿيندو .. ھا باقي اھي طاقتون ضرور مضبوط ٿينديون، جيڪي عوام جي توجهه پنھنجي اصلي ۽ حقيقي مسئلن کان ھٽائي، انھن کي ويري بڻائي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون نفرتن وچان بيھارڻ چاھين ٿيون. اڄ جيڪڏھن سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو وري نسلي نفرت جي باھ کي ڀڙڪائڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آھن ته اسان کي ماضيءَ جي پنھنجي غلطين مان سبق سکڻو پوندو. اسان کي اھو طئي ڪرڻو پوندو ته اسان پنھنجي شناخت ۽ سُڃاڻپ کي ھڪ ٻئي جي خلاف استعمال ڪنداسين يا ان کي ھڪ وسيع تر انساني ۽ طبقاتي يڪجھتيءَ جو حصو بڻائينداسين.
مان ھڪ مھاجر آھيان ۽ مان ان حقيقت کان انڪار ڪونه ٿو ڪريان. منھنجي خاندان جون جڙون آگري ۾ پوريل آھن، مگر منھنجي زندگيءَ جي مٽي سنڌ جي آھي، منھنجي ٻاروتڻ ۽ جوانيءَ جون سموريون يادون منھنجي سنڌ سان جُڙيل آھن. منھنجي زبانن ۾ سنڌ جي صدا شامل آھي، منھنجا ڏک ۽ منھنجون خوشيون به ھن ئي سرزمين جي ماڻھن سان جُڙيل آھن. ان ڪري سنڌ سان منھنجي محبت ڪنھن به ٻي قوم سان نفرت بلڪل به ناھي، بلڪه ان جي بلڪل ابتڙ، سنڌ سان محبت جو سڌو سڌو مطلب آھي سنڌ جي ماڻھن سان محبت، انھن جي ٻوليءَ سان محبت ۽ انھن جي ثقافت جو احترام، انھن جي تاريخي حقن کي تسليم ڪرڻ ۽ انھن سان ملي ڪري ھڪ اھڙي معاشري جي تشڪيل جي جدوجھد ڪرڻ جتي ڪنھن کي به ھن جي ٻوليءَ، نسل، ذات يا مذھب جي بنياد تي ڪمتر نه سمجھيو وڃي .
مان پنھنجي ماضيءَ کان شرمندو ناھيان، مگر مان پنھنجي ماضيءَ جي ھر سوچ جو دفاع به ڪونه ٿو ڪريان. انسان جي اصل آزادي شايد اھائي آھي ته ھو پنھنجي ورثي کي اکيون بند ڪري قبولڻ بجاءِ ان کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي پرکي سگھي.
مان انڊيا (انڊيا به اسان جي سنڌ جي درياءَ انڊس جي ڪري انڊيا سڏجي ٿو) جي شھر آگري کان لڏي آيل ھڪ فرد آھيان، مگر اڄ مان پنھنجي سنڌ کي رڳو رھڻ واري ھنڌ طور نه ٿو ڏسان، بلڪه سنڌ کي پنھنجي ۽ پنھنجي ٻارن جي وطن طور مڃتا ڏئي رھيو آھيان .. ۽ جيڪڏھن سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جو مطلب اھو آھي ته مان سنڌ جي محڪوم، محروم ۽ محنت ڪش انسانن سان گڏ گڏ بيٺو آھيان ۽ مان بغير ڪنھن ھٻڪَ جي صاف ۽ سرعام چئي رھيو آھيان:
مان سدائين سنڌ سان گڏ آھيان …. مان سنڌ جي ورھاڱي جي سخت خلاف آھيان … ۽ گڏوگڏ ڪجھ ماڻھن پاران ڦھلايل نسلي نفرت جي به خلاف آھيان ۽ ھر ان سياست جي خلاف آھيان، جيڪا ھڪ محنت ڪش انسان کي ٻئي محنت ڪش انسان جو ويري بڻائي ٿي .. ڇوته آخرڪار اسان جي اصل لڙائي ھڪ ٻئي سان ناھي، اسان جي لڙائي ان نظام سان آھي، جيڪو انسان کي ورھائي ٿو ۽ انھن جي محنتن جي ٻل تي حڪمراني ڪري ٿو.
(ڪامريڊ احسن جعفري .. سکر)