ھڪ جپسي ڪالم … نفرتن جي نگري بڻايل ــ سنڌ ورسٽي … !…حبيب ساجد

ھُو ديوارن ۽ موبائل اسڪرينن پوئتان لِڪي ڪري

اسان جي لاءِ دوزخ تخليق ڪندا رھندا آھن ۽ اسان

انھن جا پاڙيسري ٿي ڪري به بي خبر رھندا آھيون … (صفحوــ 149)

                 سنڌ يونيورسٽي سدائين منھنجي دل کي ڇِڪَ ڪندي آھي، ھر ھفتي ٽرين ورڪنگ ۾ ڪوٽڙيءَ جي ريلوي پل وٽان لنگھندي مان يونيورسٽيءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آھيان مگر منھنجي نگاھَ المنظر کان اڳتي ڪجھ به نه ڏسي سگھندي آھي، سنڌ يونيورسٽي، جنھن جي قيام ۾ سائين جي ايم سيد جون ڪوششون ڪنھن کان وسريل ھونديون ! … يونيورسٽيءَ جي اوائلي وائس چانسلر سائين آءِ آءِ قاضيءَ جي زندگيءَ جا آخري ايام ۽ ھن جي بي وقت خودڪشي .. عرفان مھدي جو پاڻ کي المنظر وٽان سنڌوءَ جي لھرن حوالي ڪرڻ ۽ ان بعد شاگرد سياست جون آمرانه ذھنيت واريون قيادتون ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل اخلاقي ۽ ذھني تباھيون جن جو کاڄ گھڻو تڻو غريب شاگردن کي ڪيو ويو، جن سنڌ جي ڪنھن سھڻي آئيندي جي لاءِ پنھنجون زندگيون قوم پرست پارٽين کي ارپن ڪيون ۽ وقت جي ويڙھ ۾ خاموشيءَ سان استعمال ٿي ڪري وارجي ويا .. مون کي ياد آھي ڪو ڏھاڪو سالَ اڳ مان پنھنجي آرڪيالاجيءَ جي استاد ۽ مينٽر سائين مختيار قاضيءَ سان ملڻ پنھنجي پياري دوست منصور حمزي سان سنڌ يونيورسٽيءَ ويو ھيس قاضي صاحب انھن ڏينھن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آثارِقديمه جو شعبو قائم ڪري رھيا ھيا .. ملڻ کان ڪجھ وقت اڳ ۾ مان منصور سان ڪينٽين ۾ ويٺي چانھ پي رھيو ھيس ته اوچتو ھلچل مچي وئي ۽ مون ڏٺو اسان جي ڀڪ ۾ چانھ پيئندڙ ھڪ سنھڙي وجود واري پينٽ شرٽ پاتل نوجوان جي مٿان ھڪ ڪاٽن جو ڪف ڏنل وڳو پھريل سنڌي شاگرد ليڊر مڇون وٽيندو اچي بيھي رھيو ۽ اوچتو ئي اوچتو ان سنڌي نوجوان کي ٺئوشن سان ورائي ويو ۽ ھُو ٺئونشا کائي ۽ چپن وٽان رت ٽمائيندو اتان ھٽي ويو ھو، ليڊر جنھن کي سڀئي ڪامريڊ سڏي رھيا ھيا ، بار بار چئي رھيو ھو، منع ڪئي ھئي مانس ته فلاڻي ڇوڪريءَ سان نه ملجانءِ .. پوءِ به وڃي ھن سان ملي آيو… مطلب ته پنھنجي ڪنھن ڪلاس فيلو ڇوڪريءَ سان ڳالھائڻ لاءِ به شاگردن کي انھن لوفر قسم جي ليڊرن جي اين او سيءَ جي گھرج پوندي ھئي .. ان ڏينھن مون منصور کي ٻڌايو ھو جيڪڏھن سائين جي ايم سيد پنھنجي پارٽيءَ جي ان سياسي وارث کي ايئن ڪنھن غريب کي چنبا ھڻندي ڏسي ھا ته ڪيڏو نه ڏُکي ٿئي ھا..

پنھنجي پياري دوست اشفاق لغاريءَ سان منھنجي پھرين ملاقات امر اقبال جي خيرپور واري گھر ۾ ٿي ھئي، جتي اسان کوڙ ساترو ٽائيم ڪچھري ڪئي ھئي، ان بعد اشفاق ھڪ ڀيري روھڙيءَ ريلوي جي بوڪنگ لاءِ آيو ھو ته مون سان اسٽيشن تي مليو ھو ۽ ھُو مون کي پنھنجي ڪار ۾ خيرپور تائين کنيو آيو ھو..ھُو ھڪ خوش مزاج ۽ ڳالھ ڳالھ تي ٽھڪَ ڏيندڙ انسان لڳو ھو، جيڪو پنھنجي نوڪريءَ کي دل جي سچائيءَ سان سرانجام ڏئي رھيو ھو، ھُو انھن وقتن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي خيرپور ڪئمپس ۾ آفيسر ٿي آيل ھو ۽ مان ڀايان لڳ ڀڳ سال کن خيرپور ۾ رھيو ھو، ان بعد ھن سان رابطو ٽُٽي ويو ھو.. ڪجھ ڏھاڙا اڳ فيس بوڪ تي اشفاق جي لکيل ڪتاب ”نفرت ڪي دريافت“ جو اشتھار پڙھيو ته فورن پبلشر کي اھو ڪتاب آرڊر ڪري ڇڏيو ۽ ٽن ڏينھن اندر اھو ڪتاب مون کي ملي به ويو … ڪالھ جڏھن مان ملتان جي ريلوي ريسٽ ھائوس ۾ سڄو ڏينھن فري ھيس ته ھن جو ڪتاب ھڪ ويھڪ ۾ ئي پڙھي ورتم …

پاڪستان جھڙي ھوائي توائي ملڪ ۾ معاشرا ڪيئن ھجڻ کپن، اھو ھڪ وڏو موضوع آھي، ھن سوڪالڊ معاشري ۾ جيڪي ڪجھ اشفاقَ جھڙن جوانن سان ٿيو آھي يا اڃان تائين ٿي رھيو آھي… سوشل ميڊيا جي تيز وھڪرن واري ھن وقت ۾ ھاڻ اھو بلڪل به ڳجھو نه رھيو آھي، سنڌ يونيورسٽي … جا اسان جي سائين جي ايم سيد جو ھڪ خواب ھئي اھا ھاڻ ڪھڙي شھرت سان اسان آڏو ڦھليل آھي ، اھو پَسي سچ ته حيرانيون ورائي وينديون آھن .. سُڌريل ملڪن ۾ شاگرد سياست جا 95 سيڪڙو فائدا ھوندا آھن ۽ اھڙيون يونينون پنھنجي پنھنجي فڪر ۽ جھنڊي سان نمايان رھنديون آھن پر اسان جي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ضياءَ شاھي دئور جي پابندين ۽ ان بعد سنڌ جي شاگرد سياست ۾ ڪرمنلس کي انجيڪٽ ڪرڻ بعد ان سڄي مثبت ۽ شاگرد دوست ماحول کي جھڙيءَ طرح سان ڪامريڊن جي ھٿان يرغمال ڪري انھن ذريعي مادر علمين کي مفلوج بڻايو ويو اھو موضوع ھڪ ڪتاب جيتري مواد جي گھرجائو آھي .. مان اشفاق جي ڪھاڻي پڙھي ڪافي وقت ته گم سم ۽ ذھني طور تي مفلوج رھيس ته اسان جي ھن معصوم ھرڻ جھڙي سھڻي دوست ڪيئن ايترو وقت بگھيڙن جي پوش پاتل رڍن وچ ۾ گذاريو ۽ ڪيترو نه ڀوڳيو … آصف جھڙو ھڪ اھڙو ڪردار جنھن کي اوھان ڪھڙو به نالو ڏيو، ڪنھن شعبي جو سربراھ ، ڪنھن اداري جو ھيڊ يا ڪنھن ائڊمنسٽريٽيو پوسٽ جو آفيسر، جيڪو ويٺو ته شاگردن ۽ ملازمن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ پوسٽ تي ھوندو آھي پر اھو پنھنجي اندر ۾ ھڪ مِرون کي به لڪايون ويٺو ھوندو آھي يا ھڪ اھڙي سرپينٽ (ازدھا نانگ) کي کير پيئاريندي نظرجندو آھي جيڪو بار بار معصومن کي ڏنگي رھيو ھوندو آھي، جن ماڻھن جي وئلفيئر ۽ ڀلائيءَ لاءِ انھن کي لکين رپيا پگھار ڏني ويندي آھي، ھي اھڙن کي ئي ڪنھن زھريلي ڪوريئڙي جيان شڪار ڪندا آھن .. آصف جھڙا ڪردار اصل ۾ ھن معاشري جا ئي اھي ڪردار آھن جيڪي پنھنجي زھريلن ذھني مرضن  جو اظھار سوشل ميڊيا تي ھڪ عورت جي آئي ڊي ۽ سڃاڻپ ٺاھي ماڻھن مٿان ڪندا رھندا آھن، سوشل ميڊيا ته آھي ئي اھڙي بازار جيان، جتي ڪنھن جي به ۽ ڪھڙي وقت به آسانيءَ سان عزت اڇلائي سگھجي ٿي ۽ پوءِ ڪنھن عورتاڻي آئي ڊي جي پردي پوئتان ويھي ان جو مزو ذھني مريض مردَ مزو وٺندا آھن ۽ اُڀا اُڀا ٽھڪ ڏئي پنھنجي ذھن جي خصيص پڻي کي پاڻي ڏيندا رھندا آھن .. ڇا ڪو نارمل انسان سوچي سگھي ٿو ته آصف جھڙن ماڻھن جي اخلاقي ۽ ذھني ائپروچ ڪھڙي ليول جي ھوندي جيڪي عورت جي نالي سان ٺاھيل پنھنجي ڪوڙي فيس بوڪ پيج جي نرڙ تي ڪعبي جي تصوير ھڻي ان جي پاڪائيءَ جي آڙ ۾ پنھنجي يونيورسٽيءَ جي روشن خيال ملازمن يا شاگردن ۽ شاگردياڻين جون عام پاڪيزه تصويرون ڪنھن آءِ اي اورينٽ سافٽ ويئرن جي مدد سان اگھاڙيون ڪري فيس بوڪ تي رکي پنھنجي مردانه ۽ خصيص اخلاقي ڪمزوريءَ جو اظھار ڪندا رھن ٿا ۽ مٿو پٽڻ جو مقام ته اھو به آھي جو اھي پنھنجي اھڙن منفي حرڪتن جو دفاع به ڪندا رھن ٿا .. سون تي سُھاڳو اھو به آھي جو اسان جو اھوئي معاشرو سڀ ڪجھ ڄاڻيندي به انھن بگھيڙن جي ڪيل اھڙن ناڪاري ڪمن کي جسٽيفاءِ ڪندي به نظرجن ٿا ، جيئن اشفاق جي ھن سڄي اسٽوريءَ ۾ قدم قدم تي اھڙن ڪردارن جي سڃاڻپ ڪري سگھجي ٿي … جنھن سوچ کي بند ڏيڻ جي گھرج ھجڻ کپي ان سوچ کي وئلڊٽي ڏيڻ وارا به ان ئي چارديواريءَ ۾ رھن پيا … ڇا ان کان وڌيڪ ويسٽ لينڊ قسم جي ڪا مادر علمي ھوندي جتي علم، تحقيق ۽ مثبت سوچ جي پرچار بجاءِ اتي اھڙا عنصر حاوي نظر اچن ٿا جن جو مووٽيو يا رايو تعليم، عزت ۽ ڌرتيءَ جي قرض بابت بي انتھا ڪِريل، ڇسو ۽ سطحي رھيو آھي … اھڙي ماحول جي ھوندي ڪير پنھنجي عزتن يا ڌيئرن کي ان جھنمن جھڙو ماحول رکندڙ يونيورسٽين حوالي ڪري سڪون واري ننڊ ڪري سگھندا ھوندا ۽ سمجھندا ھوندا ته  اسان جون نياڻيون ھڪ محفوظ ماحول ۾ تعليم پرائي رھيو آھن …

اسان جي اشفاق جي ڪھاڻي بلڪل به نئين ڪانه آھي .. ضياءَ شاھي دئور ۾ جيڪي زھريلو ٻج اسان جي معاشري ۾ پوکيو ويو ھيو ھاڻ اھو سربلند ٿي چڪو آھي ۽ ان جي لُڻڻ جو وقت اچي ويو آھي،  ان سوچ جا پھريدار اسان ۽ اوھان کي سنڌ جي مادر علمين ۾ جامَ ۽ گھڻائيءَ ۾ نظرايندا آھن … پاڻ سوچيو ھڪ اھڙي يونيورسٽي جتي فزڪس جو پروفيسر فزڪس جا قانون مجبوريءَ ۾ پڙھائي ۽ بعد ۾ ماڻھن آڏو توبنھ تائب ٿئي ته نعوذ بل لاه مان ته ڪفر پڙھائي آيو آھيان، مون کي ته دوزخ به جاءِ نه ڏيندي … ۽ جتي ايووليوشن يا ارتقا جي ٿيوريءَ جو ليڪچرار ارتقا جي ٿيوريءَ تي ليڪچر ڏيڻ بعد پنھنجي شاگردن کي چئي ته اسان ھي سڀ مجبوريءَ ۾ انگريزن جي غلاميءَ جي ڪري پڙھي رھيا آھيون .. ھن ٿيوريءَ کي متان سچ سمجھيو اٿوَ … مذھبن جي ڏيکاريل رستن ۾ ئي نجات آھي ان ڪري مان به توبنھن تائب ٿيان ٿو ۽ اوھان کي به تلقين ڪيان ٿو ته توبنھن تائپ ٿي سٺا مسلمان بڻجو ۽ ڪمال جي ڳالھ اھا آھي ته پنھنجي پگھار وٺڻ مھل انھن جي ذھن تي ڪا ھڪ به لڪير پشيمانيءَ واري نظرجندي ناھي ته ھُو جنھن سبجيڪٽ کي مڃين ئي ڪونه ٿا ان جي پگھار ڇو ٿا وٺن، اھا اخلاقي گراوٽ ھر جاءِ ۽ ھر شعبي ۾ جام نظرجندي آھي …

افسوس ته اھو به آھي ته اھڙي زھريلي سوچ جي سرواڻي اسان جي آڏو ويٺل اھي عنصر ڪري رھيا آھن جن جي پنھنجي ڪابه اخلاقي زندگي ناھي، اھي سدائين ھڪ سواليه نيشان جيان 24 ڪلاڪ اسان جھڙن سوڪالڊ معاشرن ۾ نظرجن ٿا ۽ اھي گھڻائيءَ ۾ اچي ويا آھن، نتيجي ۾ اسان جھڙن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻھن جو ساھ سدائين مُٺ ۾ رھي ٿو …

جليل حيدر لاشاريءَ جي ھن شعر ۾ لڪل انھيءَ سچ کي ڪوبه محسوس ته  ڪري ئي سگھي ٿو…

شب ڪو شيطان بھي مانگي ھي پناھين جس سي

صبحَ ڪو وه صاحبِ ايمان ھُوا  ڦرتا ھي

جاني ڪب، ڪون، ڪسي ماردي، ڪافر ڪهه کر

شھر ڪا شھر مسلمان ھُوا  ڦرتا ھي..