ھڪ جپسي ڪالم … هڪ ٽيچر جي ڳولها ۾ … حبيب ساجد

                 ڪو ھفتو کن اڳ، اسان جي ادڙي ۽ ليکڪا شبانه سنڌي،    باجاري کان ميسينجر تي پنھنجي ڏک جو جن لفظن ۾ اظھار ڪيو ھو، مان ليکڪ ھوندي به اھي لفظَ ۽ اھي جملا من و عن هتي نه ٿو لکي سگھان … ھڪ ته بيحد ريموٽ ۽ دور راز علائقي جي نياڻي ۽ اھا به جي پڙھي پوي ٿي ۽ ڪٿي سرڪاري نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪري ٿي ته اھا ھڪ عام نه، پر وڏي ڳالھ ڳڻبي آھي. هڪ استاد جيڪو ڪنهن به ٻارڙي جي تعليمي بنيادن جي تعمير ڪندڙ هستي هوندي آهي، ان جي نوڪري جڏهن هر دؤر ۾ خسيس حڪمرانن جي کيسي کي گرم رکڻ واري پوسٽ طور ٽريٽ ٿيندي رهي ته باقي بچي ڇا ٿو!!!

                 سڀ کان اڳ ۾ ته اها ڳالهه ريڪارڊ تي آڻجي، پي پي پيءَ جي يارنهن ساله طويل ۽ لاڳيتي حڪومتي دؤر ۾ ادارن جي جيڪا ڀينگ ڪئي وئي آھي ۽ ان ۾  پي پي پيءَ جيڪي پنھنجا مشهورِ زمانه ۽ ڪرپٽ ماڻھو سربراھ ڪري ويھاريا آھن، ڏٺو ويو آهي ته انھن جي ڪم جو مووٽِو انتظامي امورَ ته ھوندا ئي نه آھن پر جيڪو مووٽِو نظر ايندو آھي ته جيترو به ممڪن ٿي سگهي، ڪيئن به ڪري ايتري ته ڪرپشن ڪجي جو پنھنجو ھي جيون سجايو ڪجي ۽ نه رڳو پاڻ پر پنهنجين ايندڙ ستَن پيڙھين کي به گھر ويٺي موجون ڪرائجن … اھڙي سوچ وارا ماڻھو ڪيئن ادارا ھلائيندا، اهي ته ڪجھ رقم ڪميشن طور مٿي پھچائي فري ھينڊ وٺندا ۽ ان آشيرواد بعد ادارن جي بجيٽ کي ائين ھڙپ ڪري ويندا، جو شرلاڪ هومز جهڙو ڊٽيڪٽر به اچي ڳولها ڪري ته به اھا دولت ڳولھي نه سگھي… اھو ڪمال به پاڪستاني ادارن جو آھي، جيڪڏھن ڪو ڪرپشن ڪري پئسا گم ٿو ڪري ڇڏي ته سَوَ مان رڳو 10 رپيا واپس ڪري وائيٽ هينڊ ٿي سگهي ٿو، باقي 90 سيڪڙو ھن وٽ ئي ڀلي هجي  …. وڃي پيو موجون ڪري .. نو ٽُو ڪرپشن وارو هي ادارو جنهن کي نيب چون، ھن مھل تائين اھڙا ھزارين ڪيس اڪلائي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪرپٽ  ملزمن ۽ ثابت ٿيل مجرمن کي رڳو 10 سيڪڙو واپس ڪرڻ تي نيب خوش ٿي هن جي پٺي ٺپري هن کي جيل مان ٻاھر ڪڍڻ جا انتظام به پاڻ ئي ڪري ٿو. ھڪ اھڙي ملڪ ۾، جتي جو عوام الائي ڪھڙي ڪھڙي قسم جا ٽيڪس ڀري ٿو (چون ٿا اھو ٽيڪس عوام جي ڀلائيءَ ۾ خرچ ٿيندو آھي.. ۽ اھڙي يونيڪ جملي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنھنجي منھن کلي سگھجي ٿو.)

آءِ بي اي سکر جو ادارو پنھنجي امتحان وٺڻ واري سرشتي جي ڪري ڏيھان ڏيھ مشھور رھيو آھي ۽ ھن جي ئي ان سرشتي جي ڪري کوڙ ساترا نوجوان جيڪي حڪومتي ڪارندن کي لکن رپين جون رشوتون ڏيڻ جي قابل نه ھئا، سي استاد ٿي سگھيا آھن ۽ ان جي امتحاني سسٽم جي تعريف به ڪئي وئي آھي پر لڳي ايئن ٿو ھوريان ھوريان ھي ادارو به سنڌ حڪومت جي “پئسا ڏيو .. نوڪري وٺو” جي پاليسيءَ کي فالوو ڪرڻ لڳو آھي، ائين لڳي ٿو ھاڻ ان اداري وٽ بي روزگارن کان ڳري فيس وٺڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه ڪم رھيو ئي ڪونھي. ٿُلھي ليکي اگر ڏسجي ته ھي ادارو ھاڻ پنھنجي وقعت ۽ ساک گھڻي ڀاڱي وڃائي چڪو آھي .. مون جڏھن ڪجھ شاگردن کان ان حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ته انھن جو چوڻ ھو ته آءِ بي اي جي ٽيچرس لاءِ ورتل ٽيسٽن ۾ فاش غلطيون نوٽ ڪيون ويون هيون، خاص طور تي 2016 کان پوء هي ادارو مڪمل طور تي پٽڙيءَ کان لهي چڪو آهي، يعني ڊي _ ريل ٿي چڪو آهي. هجڻ ته ايئن گهربو هو ته هي ادارو پنهنجين غلطين کي سُڌاري ان جو فائدو اميدوارن کي ڏئي ها پر ائين ڪونه ڪيو ويو .. 2016 کان وٺي هن هلندڙ سال تائين لڳ ڀڳ سٺ سيڪڙو اميدوار اي سي ٽي ۽  جي اي ايس ٽي جي امتحان کي ڪڍي نه سگھيا، ان حوالي سان جڏھن آءِ بي اي سکر جي ھڪ ذميوار آفيسر سان رابطو ڪيم ته ھن سڌو سڌو چئي ڏنو ته اسان ته پيپرَ پنھنجي پوري ديانتداري ۽ سچائيءَ سان جاري ڪيا هئا مگر سنڌ جا شاگرد نا اهل آهن ۽ اھي ان ڪري پيپر نه ڪڍي سگھيا جو انھن جي بنيادي تعليم ئي ناقص ۽ ڪمزور آهي ..  مگر جڏھن انھن پيپرن جو گھرائي سان جائزو ورتو ويو ته اھا ڳالھ کُلي سامھون اچي وئي ته آءِ بي اي پاران پڇيل سوالَ ڻوٽيفائيڊ ريڪروٽمينٽ پاليسيءَ يا اي سي ٽي نصاب مطابق ھئا ئي ڪونه… مزي جي ڳالھ اھا به ڏٺي وئي آھي ته پُڇيل سوالن جا جيڪي جوابَ يا ڪِي انسرس آءِ بي اي پاران جاري ڪيا ويا، اھي به غلط ۽ اڙگم بڙگم ٽائيپ ھئا .. ان جو نتيجو اھو نڪتو، جيڪي اميدوار صحيح جواب لکي آيا ھئا، اھي آءِ بي اي پاران غلط مارڪ ڪيا ويا ۽ انھن غلط جوابن جي ڪري شاگردن جون مارڪون به ڪاٽيون ويون …ان کان علاوھ اھا ڳالھ به نوٽ ڪئي وئي ته پيپرن جا گھٽ ۾ گھٽ  60 سوال ٻين ادارن جي پوئين امتحانن مان جيئن جو تيئن ڪاپي ڪري پيسٽ ڪيا ويا … اھو ڏسي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاھ آءِ بي اي انتظاميه کان وضاحت ته طلب ڪئي، مگر آءِ بي اي سکر جي انھن غلط ڪارين جو فائدو اميدوارن کي ڏنو ئي ڪونه ويو ۽ ايئن اھو معاملو لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ جيڪا پوءِ انھن کي ڦٻي به وئي، ڇوته انھن غلط ڪئيز جو فائدو شاگردن کي ڏنو ئي ڪونه ويو. بعد ۾ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي خاموش ذريعن اعتراف به ڪيو ته آءِ بي اي سکر جا تيار ڪيل اي سي ٽي ٽيسٽ پيپرَ 2017 جي طئي ٿيل نوٽيفڪيشن کان صفا مختلف ھئا ۽ رواج پيل پاليسي جي صفا ابتڙ ھئا.

جڏھن 2017 جي ان پاليسيءَ جو جائزو ورتو ويو ته اھا ڳالھ به سامھون اچي وئي ته اي سي ٽي جي ٽيسٽ ۾ لاڳاپيل مضمونن تي مشتمل ھڪ چونڊ سواليه پيپر جوڙڻ کپندو ھئو، جيڪو اي سي ٽي جي 2006 واري نصاب مطابق ھجڻ کپندو ھو، جنهن جون گھٽ ۾ گھٽ مارڪون 60 سيڪڙو ھجڻ کپنديون ھيون.. ٻين سيڪشنز ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي مضمون ۾ 10 سيڪڙو مارڪون کڻڻيون ضروري هونديون آهن، باقي ٻين درسي طريقن جو ريشو 20 سيڪڙو ۽ عام معلومات يا جنرل ناليج جي شعبي ۾ 10 سيڪڙو مارڪون کڻڻ ضروري رکيون ويون. ان جي ابتڙ ڪيو ڇا ويو جو… اي سي ٽي جي ٽيسٽ ۾ مختلف ۽ غير لاڳاپيل مضمونن کي شامل ڪيو ويو، ڪمپيوٽر اسٽڊيز جو ڀاڱو 10 سيڪڙو رکيو ويو، عام معلومات جون مارڪون 10 سيڪڙو، انگريزي ٻوليءَ جو ڀاڱو 20 سيڪڙو، تعليمي اسڪلز جا 10 سيڪڙو، حساب ڪتاب جا 10 سيڪڙو۽ سائنس جي لاءِ  30 سيڪڙو رکيا ويا ھئا .. آءِ بي اي سکر جي اها ورتل ٽيسٽ انھن قاعدن تي به پوري ڪانه ٿي لھي.. آءِ بي اي سکر جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيل جوابي ڪئيز ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنجن سوالن جا جواب غلط يا مشڪوڪ ڏنا ويا هئا، جيڪي ايم سي ڪيو نمبر 6، 32، 81، 84 ۽ 98 جي لاءِ هئا. اھي غلط جوابَ ڪڏھن به درست نه ڪيا ويا ھئا ۽ انھن جي ڪريڪشن جو فائدو اميدوارن کي ملڻ کپندو هو، مگر اهو ڪڏھن به ڪونه ڪيو ويو.

سالَ 2026 جي ٽيسٽن ۾ به آءِ بي اي سکر پاران ورتل ٽيسٽن ۾ فاش غلطيون دھرايون ويون آھن ۽ ان خلاف متاثر شاگرد اڄ به روڊن تي احتجاج ڪري رھيا آھن، مگر سنڌ حڪومت يا آءِ بي اي سکر پاران انھن اهم معاملن جي حل لاءِ ڪوبه تحرڪ وٺندي نظرجن ڪونه ٿا.

مسين مسين سنڌ جي شاگردن کي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي طوافن ڪرڻ ۽ گيسيون پائڻ کان آجپو مليو هو، مگر ھي سائنسي قسم جي فراڊ جو عجيب سسٽم مٿان کان نازل ڪيو ويو آھي، جنھن جا نتيجا ظاھر ظهور سنڌ جي شاگردن جي مايوسيءَ ۽ بي وسيءَ جي روپ ۾ نڪرندا.

منھنجو خيال آھي ته سردار شاھ جيئن ته پاڻ هڪ سيبتو سنڌي شاعر پڻ آھي، اھو سنڌ جي تعليمي مستقبل کي اھڙن اجگر ادارن جي زيادتين کان بچائڻ لاءِ ڪونه ڪو ضرور اپاءُ وٺندو ته جيئن سنڌ جي اميدوارن کي ڪجھ رليف ته ملي پوي ۽ اھي ھن سسٽم جي بيزار ڪندڙ روش ۽ طريقي مان باعزت نموني سان ٻاھر نڪري اڳتي وڌي سگهن … ڇوته سنڌ جي تعليمي سرشتي تي جڏھن جڏھن به ڪا آڱر کڄندي آهي، اها سڌو سڌو سرڪاري تعليمي وزارتن جي ايوانن جهڙن بادشاهي آفيسن کي فوڪس ڪندي آهي.