ھڪ جپسي ڪالم … ڪنارن جون ڪھاڻيون … حبيب ساجد

ڪتابين جھانڪتي ھين،

بند الماري ڪي شيشون سي،

مھينون اب ملاقاتين نھين ھوتين..  (گلزار)

                 ڪتابن جي ھن آخري صديءَ ۾ جڏھن به ڪو نئون ڪتاب ڇپجي، اسان جي اڀريل رڳن سان ڀريل ھٿڙن تائين پھچندو آھي ته اکين ۾ ھڪ ناسي اداس روشني جاڳي پوندي آھي ته اڃان ڪي آھين، ڪل يُڳ ۾ ڪاپڙي، اڃان به ڪي آھين جن کي جديد دنيا جي گئجيٽس ايترو ڪونه موڙيو آھي، جيترو اسان مُڙي ويا آھيون …۽ مان ائڊمٽ ڪيان ٿو ته منھنجي سائين ابوبڪر شيخ سان ڪڏھن به دُوبدُو ڪا ملاقات نه ٿي سگھي آھي، ھُو جڏھن به اسان جي ٻنھي جاڙن شھرن سکر ۽ روھڙيءَ کي پنھنجي تحريرن ۾ زندھ ڪرڻ ڪارڻ آيو آھي ته مان ڪنھن نه ڪنھن ٽرين جي پنهنجي آخري ڪئبن ۾ پنجاپ جا سبزازار فصلَ ڪراس ڪري رھيو ھوندو آھيان يا سنڌ ۾ ڪراچيءَ طرف ويندڙ ڪنھن ٽرين ۾ ٽريڪ جي ٻنھي پاسي جھنگ جي بلائن جيان اڀري آيل ڪانھن ۽ پِيس جي ايراضين وچان گذرندي ڏک محسوس ڪندو آھيان، پنجاپ وارن پنھنجي زمين جو ھڪ ھڪ انچُ سڪارتو ڪيو آھي ۽ ھتي سنڌ ۾ 700 ميلن تائين ڦھليل ريل جي پٽڙيءَ جي ٻنھي ڪنارن تي رڳي تباھي ڏسجندي آھي پٽڙي جي ٻنھي ڪنارن کي سئو سيڪڙو ضايع ڪندي اتي جھنگلن کي اسرڻ ڏنو ويو آھي .

مون پنھنجي ننڍڙي ڪتاب گھر ۾ سائين ابوبڪر شيخ جو ھڪ ننڍڙو ڪارنر بڻائي رکيو آھي جتي سندس پنج ئي ڪتاب ترتيب سان رکيل ھوندا آھن، ابوبڪر شيخ منھنجي پسنديده ليکڪن ۾ شماربو آھي، ھُو منھنجي لاءِ ايترو ئي معتبر ۽ محبوب آھي، جيترو مون کي سرگوڌا جي ڪنھن شاھين جھڙو ليکڪ ۽ ريلوي جو ايڊيشنل جنرل مينيجر مرحوم زبير شفيع غوري محبوب ھوندو آھي، يا جيئن لاھور مان ڪشالا ڪري ڪھي ايندڙ اسان جو پيارو درويش لکاري سلمان رشيد جنھن انگريزيءَ ۾ “ مِٺي ــ وِھسپرس آف دي سينڊ” ۽ “دييوسائي ــ لينڊ آھي دي جينٽس” جھڙا ڪتاب لکي ھن دنيا ۾ پنھنجي زوردار موجودگي محسوس ڪرائي آھي. سنڌ جي برپٽن ۽ بيابانن ۾ ڪھاڻيون ڳولھڻ  جو اھو فن اھو ڪرڻ ڄاڻي جنھن جي پوئتان فڪرِ معاش جو مورڙي وارو مانگرمڇ نه ھجي … پر ھتي ته ٻئي مسئلا لاڳو آھن ، معاش جو مانگر ته پوئتان آھي ئي آھي ۽ ان کان ڪجھ وقت پاڻ بچائي جڏھن اسان جو پيارو سنگتي ۽ محبوب مسافر ابوبڪر شيخ پنھنجي گوناگون ڪھاڻين سان اسان جي آڏو ايندو آھي ته اھي ماڳ جيڪي اسان پنھنجي شھر ۾ روز صبح شام پيا ڏسندا آھيون … ھڪ الڳ ئي حساب سان اسان جي اکين آڏو اچي بيھي رھندا آھن ۽ اسان حيران ٿي چوندا آھيون .. واهه .. ھي ته ڪمال ٿي ويو، ان ڳالھ جي ته اسان کي خبر ئي ڪونه ھئي.. اسان صبح شام ستين جي آستان وٽان لنگھندا آھيون ۽ تاريخ سان واسطو ھجڻ باوجود به ابوالقاسم نمڪين جي ان آستاني ۽ خاندان جي قبرستان کي مجبورن به ستين جو آستان چوندا آھيون ڇوته اھو نالو عام لوڪ جي چپن ۽ ذھنن تي اڪريل آھي، ھاڻي ڪيتريون به ڪوششون ڪيون ، مھمون ھلايون پنج سيڪڙو به جي ان ٿَلهي کي ابولقاسم نمڪين جو آستانو يا صفن صفا چون … مشڪل لڳي ٿو.

ابوبڪر شيخ ھن مھل تائين اسان يعني ھن جي چاھيندڙن کي پنھنجي ڪتابن وسيلي پنج دفعا حيران ڪري چڪو آھي، ھن جا اڳ ۾ آيل چار ڪتاب مون پنھنجي ڪمري جي بوڪ شيلف ۾ نه رکيا آھن بلڪه سامھون پنھنجي رائٽنگ ٽيبل تي ئي رکيا آھن ته جيئن انھن مان ريفرنسز آسانيءَ سان ڪڍي ڪنھن نه ڪنھن ليک ۾استعمال ڪري سگھان .. مان ابوبڪر شيخ ۽ سائين اميرگل ڪٽوھرَ کي اَن آفيشيل آرڪيالاجسٽ سڏيندو آھيان ڇوته انھن آثار قديمه جو علم يونيورسٽين ۾ نه پڙھيو آھي پر گھمندي ڦرندي اھي ماڳ ووڙي لڌا آھن جن تائين اڄ به آرڪيالاجي جي شعبي جا ماڻھو ڪونه پھتا آھن يا پھچڻ جي انھن ۾ ھاڻ طلب ڪانه رھي آھي ..تمام سھڻي اسان جي ھن سائينءَ جا ھن مھل تائين پنج ڪتاب اچي چڪا آھن جن کي لاھور جي مشھور اداري سنگ ميل پبليڪيشن پنھنجي خرچ تي ڇپائي پڌرو ڪيو آھي، مان ڀايان اسان جو ابوبڪر واحد سنڌي ليکڪ آھي، جنھن جا ڪتابَ ھڪ پنجاپي پبلشر وڏي چاھَ ۽ فخر سان ڇپرائيندو آھي .. ابوبڪر سائين جا اڳ ۾ جيڪي چار ڪتاب آيل آھن اھي ھي آھن ..

تاريخ ڪي مسافر ـــ

ڪٿائين جادوگر بستيون ڪي ـــ نگري نگري ڦرا مسافر ـــ

سنڌو گھاٽي اور سمندر

۽ ھي پنجون ڪتاب “پاني ڪي ديوتا” .. جيڪو به تاريخي ڳولھائن ۽ سفرڪٿائن تي آڌارت آھي … ابوبڪر شيخ جي خوبي منھنجي خيال مطابق اھا آھي جو ھن تاريخ ۽ آرڪيالاجيءَ جھڙي دقيق ۽ خشڪ سبجيڪٽ کي ايتري ته دلنشيني عطا ڪئي آھي جو اھي جادوگر تحريرون پڙھندي ايئن محسوس ٿيندو آھي ڄڻ اسان پڙھندڙ به ابوالقاسم نمڪين جي ويڙھاڪ مھمن ۾ ھن سان گڏ گڏ گھوڙي تي جنگيون جوٽي رھيا آھيون … اھو لاشڪ ته اسان جي ابوبڪر جي تحرير جو ڪمال آھي … سنڌ جي تاريخ تي جيترو ڪم انگريزن ۽ فارسي مھم جُو گھوڙي سوارن ڪيو آھي ايترو اسان جي سنڌ جي تاريخ دانن نه ڪيو آھي ، مرحوم مولائي شيدائيءَ کي ڇڏي ڪري اسان وٽ پروفيشنلي جنھن به سنڌ جي تاريخ لکي آھي ان لاءِ ريفرنسز انھن جا ئي کنيا آھن جيڪي اسان جي سنڌ جي سلطنتن جھڙي وسيع خطي تي قابض ٿي رھيا .. ظاھر آھي انھن جو سڄو زور پنھنجي قبضي کي جسٽيفاءِ ڪرڻ تي ھوندو آھي ان ڪري اسان کي سدائين ھڪ اھڙي تاريخ دان جي گھرج  رھندي آئي آھي جيڪو نج پج پنھنجي ھستيءَ ۽ ان جي ڊي اين اي سميت سنڌي ھجي ۽ سنڌ پرست ھجي … ان حوالي سان مان ابوبڪر شيخ جي انھن تحريرن لاءِ پنھنجي دل ۾ وڏي مڃتا رکندو آھيان جيڪي ھن سنڌ جي تاريخ کي سنئون سڌو ڪرڻ جي چاھ سان لکيون آھن .

ابوبڪر شيخ جون ھي تحريرون پنھنجي اندر ۾ سنڌ جي تاريخ جا اھي راز افشان ڪن ٿيون جيڪي پرڏيھي تاريخ دانن پنھنجن مصلحتن آڌار لڪائي ڇڏيا ھيا، سي راز هاڻ هن وڏي واڪي ۽ صاف لفظن ۾ ظاھر ڪيون آھن .. سنڌ جي ماڻھن تي ڌارين حملا آورن جا ڪِيس، قتلامَ ۽ انھن جي بي رحم روين جا داستان اوھان کي ابوبڪر جي پنجن ئي ڪتابن ۾ جابجا نظر ايندا. ابوبڪر شيخ کي اھوئي ڪم سنڌيءَ ۾ به ڪرڻ کپي ڇو ته اردوءَ زبان جي ھنج ۾ ھُن سنڌ جي تاريخي سفر جا جيڪي سھڻا ليک لکيا آھن اھي ھن جي پنھنجي ماتا ــ ٻولي سنڌيءَ ۾ به ھجڻ کپن .. ۽ اھا ھن وقت جي وڏي ۾ وڏي ضرورت آھي .

مون کي سدائين فخر محسوس ٿيندو آھي ته ابوبڪر شيخ پنھنجي انداز سان اھو ڪم ڪري رھيو آھي، جيڪو سنڌ جي تاريخ جي نالي سان جُڙيل انيڪ سرڪاري ادارن کي ڪرڻو ھوندو آھي پر اھي سنڌ جي خزاني جا ڪروڙين رپيا ھضم ڪرڻ بعد به ابوبڪر شيخ جي ڪنھن ھڪ ليک جھڙو اهم ڪم به نه ڪري سگھيا آھن جنهن کي پڙھي ڪري چئي سگھجي ته سنڌي ادب ۽ تاريخ جي انهن سرڪاري ڪامورن کڻي پنھنجي پگھارَ ئي جسٽيفاءِ ڪئي ھجي. ابوبڪر شيخ ھن مھل پنھنجي پئرنٽ اداري يعني ڊان ڊاٽ ڪام کان الڳ ٿي ھم سب ڊاٽ ڪام جي اوپن پليٽ فارم تي پنھنجا ليک رکي رھيو آھي ۽ مون کي اھو چوندي ڪوبه وڌاءُ محسوس ڪونه ٿي رھيو آھي ته جيڪڏهن ڪو ادارو اڳتي اچي ابوبڪر شيخ جي لکڻين کي سنڌي ويس ڏئي ۽ ھڪ رمتي جوڳيءَ جي ڪٿائن کي سنڌ جي شاگردن تائين پھچائي سگهي ته جيئن انھن ڪچڙن ذهنن کي خبر پوي ته پاڪستان جي اسلامي اشرافيه جن رھزن افغانين کي اسان جا ھيروز ڪري پيش ڪري رهي آهي، اهي اسان جي نوجوان ذھنن کي پنھنجي ھٿ ٺوڪيل مذھبي جنون جي واڌاري لاءِ استعمال ڪندي زهرآلود ڪري رھي آھي، ان مجرماڻي عمل کي روڪي ، بلڪه سنڌ حڪومت کي بي انتها قابلِ نفرت وفاقي ڪريڪيولم مان جان ڇڏائي پنھنجي پيور، خالص ۽ سچي پچي سنڌي تاريخَ سنڌي ٻارڙن کي پڙھائڻ جو قدم کڻي وٺي… ڇوته ھڪ پاسي وفاقي حڪومت مذھبي جنون ۾ ورتل جٿن ھٿان ڄڻ ته بيوس ۽ يرغمال نظرجي رھي آھي ۽ ٻئي طرف انھن جي ئي سوچ ۽ ليگسيءَ کي پنھنجي جوڙيل نصاب ذريعي ڄڻ ته ھٿي به ڏئي رھي آھي … ارطغرل غازيءَ جھڙن ڊرامن بجاءِ اوھان دولھ دريا خان جھڙن امر ڪردارن کي پنھنجي ٻارڙن جي نازڪ ذھنن آڏو آڻي رکو ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ 20 سالن بعد جيڪا اسان جي سنڌي نسل پروان چڙھندي ان اڳيان گھٽ ۾ گھٽ محمود غزنويءَ ۽ تيمور لنگ جھڙي حاڪمن کي اسلامي چوغو پارائي ھيرو ڪرڻ جي ڪڌي ڪم کان پاسيرو ٿي سگھجي ٿو ..