فاسٽ فوڊ جي شوقين هُن ڇوڪريءَ کي ڪير سمجهائي ..
ته اسان ڳوٺ ۾ راتوڪو بچيل کاڌو ..
صبح جو گرم ڪري کائيندا آهيون ..
(روشن شيخ)
شام جا لڳ ڀڳ پنج ٿي رھيا ھئا ۽ مان سکر جي روٽين وارين رولاڪين مان واندو ٿي ڳوٺ واپس ورڻ لاءِ ڪوٽ پل جي اسٽاپ تي لھي رھيو ھيس. 1987 جي سالَ جي ڪنھن سرد مھيني جون اھي شامون گھريون ناسي ته ھيون ئي ھيون پر اولھ طرف جنھن ھنڌ تان اسان جو سورج ديوتا ڌرتيءَ ۾ الوپ ٿي رھيو ھو، اھو اسان جي تَرَ جي وڏي واھ يعني اَبُل واھ جو بلڪل وچ ھوندو ھو، سورج ديوتا ڪنھن ڳالھ جي ڪاوڙ تان، اڳ ۾ ايترو ته ڳاڙھو ٿي ويندو ھو، ڄڻ ھُو پنھنجي مرضيءَ جي خلاف اولھ ۾ اُلھي رھيو هجي. ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو پيلو اھو سورج ديوتا جڏھن غروب ٿي ويندو ھو، تڏھن به کوڙ ساترو ٽائيم ھن جي ڪاوڙ جي لالي اولھائين اُفق تان نظرجندي رھندي ھئي .. مون کي پنھنجي زندگيءَ ۾ سورج ديوتا جو ايئن لھڻ رڳو ڪوٽ پل اسٽاپ تان ئي سهڻو محسوس ٿيندو ھو، حالانڪه ڪراچيءَ جي ساحل تان به اھو منظر بيحد منَ لُڀائيندڙ ھوندو ھو، پر پوءِ ساحل جي واريءَ کي لَٽي پوري انساني آبادين لائق بڻائڻ واري ان ڊوڙ ۾ ٻيو ڪجھ ٿيو الائي نه پر سج جي سڌو سڌو سمنڊ ۾ لھڻ واري منظر کي وچ ۾ ھٿرادو جوڙيل انساني وسندين وِسائي ڇڏيو آهي. اسان کان هن وقت ڪلفٽن تان شامَ سمئي سج جو ڊائريڪٽ سمنڊ ۾ لھڻ وارو منظر صفا کسجي ويو آهي. ھاڻي سج لھڻ وارو اھو منظر رڳو مبارڪ ڳوٺ کان ئي انجواءِ ڪري سگھجي ٿو. باقي ھر ھنڌان اربن ڊيولپمينٽ جي نالي تي تباھي ٿي وئي آھي. اھڙين شاندار سامونڊي شامن جھڙا نظمَ لکندڙ منھنجو ڳوٺائي روشن حاجناشاھي خير سان ٽئين ڪتاب سان ٽيون ڀيرو صاحبِ ڪتاب ٿي چڪو آھي. شايد اوھان کي اهو ٻڌي حيراني ٿئي ته اسان جي ترَ جو سڄو ئي ادبي ماحول نظم دشمن رھيو آھي. پيرڳوٺ ۾ سائين مسڪين راشدي بھترين غزلَ لکي رھيو ھو، استاد منير سولنگي جڏھن به ھٿ ۾ پڪڙيل پنھنجي ناسي ڊائري کوليندو ھو ته پابند نظمن ۽ غزلن ۾ ايترو ته ٻوڙي ڇڏيندو ھو جو اسان غوطا کائي کائي آخر ڀڄي جان ڇڏائيندا ھئاسين. سائين لطف الله قاضي صاحب پنھنجي مخصوص ۽ جھيڻي کِل سان ڪڏهن ڪڏهن پنھنجو غزل ڪو جھونگاريندي ٻڌائيندو ھو ته ھوٽل ۾ ويٺل ڳوٺاڻا ته ڇا، پيرين اگھاڙي گھمندڙ بيرا به ڪوپَ ساسريون ھٿ ۾ جھلي بيھي ٻڌڻ لڳندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن وڏا مھيسرن کان جي سائين خادم رفيقي اچي وڃي ته سون تي سُھاڳو ٿي پوندو ھو ۽ وري جي منڱرجيءَ جي پُل جو راڻو سائين عاقل سنڌي اچي ويندو ھو ته ھوڪُرا پئجي ويندا ھئا ۽ ھُو شاعري ٻڌائڻ جي شروعات ئي ھن بيت سان ڪندو ھو:
پيارَ تنھنجي آھي ڪيو، مون تي جُلابن جو اثر،
اوڪُڙون ويھي ڪيان ٿو ڪُوڪرا تنھنجي ڪري..
شاعريءَ جي اھڙي پابند ماحول ۾ مون جڏھن نثري نظم لکڻ شروع ڪيا ته اھا شاعري انھن سڀني لاءِ نئين شئي ھئي ۽ انھن جو ريسپانس ايئن ھوندو ھو جيئن ڪنھن اونداھين ڪمري ۾ اوچتو ڪا ڪاري سانت ڇائنجي وڃي.. انھن جي نظر ۾ نظم نالو ئي پابنديءَ جو آھي، نظم و ضبط جو آھي، اھا وچ واري ڪھڙي شئي آھي جيڪا اوپن، کُليل ۽ بنا وزن بحر جي آھي ۽ وري ان کي نظم به چيو پيو وڃي … انڪار ۽ اسھپ واري ان ماحول ۾ منھنجو ساٿ جن ٻن ھستين سدائين ڏنو. انھن مان ھڪڙو روشن شيخ ھو ۽ ٻيو ڪوٽ پل جو راڻو شڪور سولنگي .. انھن نظم جي اھڙي اڻت کي نه فقط پنھنجو ڪيو پر اھڙا ته ڪمال جا نظم لکيا، جو اڄ منھنجو ڳوٺ ۽ ڪوٽ پل بس اسٽاپ جي ادبي دنيا شروع ئي انھن جي نالي سان ٿئي ٿي. شڪور سولنگيءَ جو اڃان ڪوبه ڪتاب ناھي آيو ۽ مان ان حوالي سان فنڊ ريزنگ ۾ رُڌل آھيان ته ايندڙ سال 2026 ۾ شڪور سولنگيءَ جي نظمن جو ڪتاب ڇپجي وڃي.. ۽ اسان جي ٻئي پياري روشن شيخ جا لڳاتار ٽي نثري نظمن جا ڪتاب ڇپجي ويا آھن. تازو ئي ھن جي نظمن جو ٽيون البم “ھن مون کي انفرينڊ ڪري ڇڏيو” ڇپيو آھي. جڏھن ھٿ پير ھڻي مون اھو ڪتاب ھٿ ڪيو ته مان مايوس نه ٿيس … روشن جا نثري نظم سادگيءَ جون انتھائون ڇُھندي ڳوٺاڻي ماحول جون سچيون تصويرون آھن، وچ وچ ۾ شھر جي حسناڪين ۽ بي وفائين جا ذڪرَ اذڪارَ به نظمن ۾ اچي وڃن ٿا. جيئن:
ھوءَ مُوڊ ۾ ھجي ته ..
چڱي ڀلي ماڻھوءَ کي گِدُوءَ پھچائي سگھي ٿي..
ھوءَ مُوڊ ۾ ھجي ته
گرم ڪافي پيئندي
برف جھڙيون ٿڌيون ڳالھيون به ڪري ويندي آھي.
۽ جي ھوءَ موڊ ۾ نه ھجي ته
جيئڻ تان ارواح ئي کڻائي سگھي ٿي.
يا ھي نظم، جنھن ۾ روشن پنھنجي ڳوٺ ۽ ڳوٺ جي وھنوارَ جون ڳالھيون نظم جي لڙھيءَ ۾ فنڪاريءَ سان پوئي ڇڏيون آھن:
مون کي شھر وڃڻو آھي
۽ بابا جي لاءِ ڳاڙھي ڌاڳي سان ٻڌل
پَن جون ٻِيڙيون وٺڻيون آھن..
رَنگ بازارَ مان
پراڻن ڪپڙن کي رڱائڻو آھي..
ڦُول باغ وٽان
گھر جي پراڻي دروازي لاءِ
سستو پردو خريدڻو آھي..
..۽ روشن جو ھي نظم مون کي سڀ کان وڌيڪ ڪِلڪ ڪري ويو آھي ..
جيڪو درياھُ ڪڏھن
اسان جي اک نِھارَ ۾ پورو نه پئي آيو،
ھاڻ اھو اک ۾ لڙڪ جي ڦڙي جيترو رھجي ويو آھي..
واھ واھ .. ڇا ته نظم جو بند آھي جنھن ۾ روشن رڳو ٻن سٽن ۾ اسان جي اڃايل پياسي زندگيءَ جو ڄڻ ته مڪمل احاطو ڪري ڇڏيو آھي.
روشن جو ھڪ ٻيو نظم جنھن جو عنوان آھي “مان ھن جو ٻيو عشق آھيان” به ڄڻ ته ھڪ ماسٽر پيس آھي:
مان ھن جو ٻيو عشق آھيان
ھوءَ پنھنجي وارن تي ساھ ڏيندي آھي،
پر محبت ۾ منھنجو ساھ ڪڍي ڇڏڻ
ھن جي کاٻي ھٿَ جو کيل آھي
ھوءَ اڄ ڪلھ مون “دو نمبري ماڻھوءَ سان”
پھرين نمبر جي محبت ڪري رھي آھي ..
۽ ايئن جيئن جيئن پنن تي پلٽيل ناڪام ۽ اداس محبتن جي اھا ريل ڪھاڻي ڪنھن به اسٽيشن تي ساھُ نه ٿي پَٽي، بس مسلسل ڏکدائڪ سيٽيون گونجائيندي اڳتي ۽ اڳتي وڌي رھي آھي .. منھنجي دعا آھي ته روشن کي جلد ھن جي سپنن واري اسٽيشن ملي ۽ ھُو جڏھن اتي لھي ته پليٽ فارم تي ھن جي پريت پنھنجي ھٿڙن ۾ گل کڻي ھن جو انتظار ڪندي هن کي ملي وڃي … آمين ثم آمين.