| ھڱورجا فوڊ سينٽر تي 5 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿيڻ جو انڪشاف |
ھڱورجا (ن پ ا) ھڱورجا ۾ خوراڪ کاتي پاران فوڊ سينيٽر ۾ آبادگارن کان خريد ڪيل 30 ھزار ٻورين مان 25 ھزار ڪڻڪ ٻوريون نيڪال ڪيون ويون آھن، جڏھن ته رھيل 5 ھزار ٻوريون سار سنڀال نه ٿيڻ خراب ٿي ويون آهن، جڏهن ته اها ڪڻڪ انسانن جي کائڻ جھڙي نه رهي آهي، خوراڪ کاتي پاران 2024 ۾خريد ڪيل ڪڻڪ مان 5 ھزار ٻوريون ۽ ان کان سواءِ 2023 جي 35 سئو ٻوريون ڪڻڪ پڻ جيڪا اڃان تائين نيڪال نه ٿي سگھي آھي جڏھن ته برساتن دوران ڪڻڪ جي بچائڻ لاءِ خوراڪ کاتي جي ڪامورن پاران ڪي بي اثرائتا قدم نه کنيا ويا، جنھن ڪري ڪڻڪ خراب ٿي آھي. ان حوالي سان هڱورجا فوڊ سينٽر جي فوڊ انسپيڪٽر نثار احمد مھر جو چوڻ هو ته سال 2023 واري ڪڻڪ بلڪل خراب ٿي آھي، جنھن بابت پنھنجي آفيسرن کي کي آگاھ ڪيو آھي. ھوڏانھن ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر اختر حسين بوزدار ٻڌايو آھي ھڱورجا فوڊ سينٽر جي جلد وزٽ ڪئي ويندي جيڪا حقيقت ھوندي اھا پڌري ڪندس.