ھڱورجا مائينر ۾ نينگر ٻڏي فوت
جُون 13, 2025
ھڱورجا ( پنهنجي ڊيسڪ) هڱورجا ڀرسان ھڱورجا مائينر ۾ معصوم نينگر وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو،8ورهين جو اڪبر سهتو هڱورجا مائينر ۾ ٻڏي ويو ، واقعي جي اطلاع تي وارث ڄاڻايل هنڌ تي پهچي ٻڏي ويل نينگر کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو