GE-414فيبروري 2025 ۾ هندستاني وزياعظم طرفان آمريڪي دوري دوران آمريڪا کان هٿيار وٺڻ ۽ دفائي سامان جنهن ۾
ويڙهاڪ جهاز وڪرو ڪرڻ جي F-35 انجڻيون شامل آهن گڏجي ٺاهڻ لاءِ صدر ٽرمپ سان ڳالهه ٻول ڪئي. آمريڪا طرفان هندستان کي
پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ايف 35 جهاز وڪرو ڪرڻ جي ڳالهه تي پاڪ حڪومت طرفان مخالفت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ان سان هن علائقي ۾ فوجي توازن بگڙي ويندو. انکان سواءِ هندستان فرانس کان 36 عدد رافيل ويڙهاڪ جهاز خريد ڪيا ۽ ٻيهر اپريل 2025 ۾ وڌيڪ 26 عدد جهاز رافيل جهازن جو آرڊر ڏنو.
30 مارچ 2025 تي خبر آئي ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين هٿان 4 هندستاني پوليس وارا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آه. موٽ ۾پوليس هٿان ٻه ويڙهاڪ پڻ مارجي ويا آهن هي واقعو ڪشمير اند ر ڪٿوئا واري علائقي ۾ پيش آيو ۽ هندستان طرفان ويڙهاڪن ۽ مردڙن جو واسطو پاڪستان سان ٻڌايو ويو ، ۽ چيو ويو ته پاڙيسري جي هنن ڪمن کي ختم ڪرڻ کان اڳي نه سمهنداسين. آڱارو 22 اپريل 2025 تي والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ويڙهاڪن جو سير تفريح ڪندڙن تي حمل ٿيو جنهن ۾ 26 ماڻهون قتل ٿي ويا حملي آوورن پنهنجو واسطو مزاحمتي محاظ نالي تنظيم سان ڪيو هن تنظيم جو هن کان پهريان نالو نه ٻڌو ويو آهي. سندن چواڻي ته ڪشمير ۾ ڌارين آباد ڪاري ڪرڻ خلاف هي مزاحمت آهي بحرحال هي پوين 25 سالن ۾ وڌو حملو ۽ انساني زيان چئي سگهجي ٿو. هندستان جي فارين سيڪريٽري حملي آوور جو واسطو سرحد پار سان هجڻ جو ٻڌايو، حملي آوورن جا نالا عادل حسين ٿوڪر ۽ ان جو مدد گار اشرف شيخ هندستاني، ۽ علي ڀائي ۽ هاشم موسى پاڪستان جا شهري ٻڌايا. ۽ انهن چئن جو واسطو پاڪستان اندر مذهبي جماعت سان ٻڌايو. هن واقعي جي موٽ ۾ هندستان سرڪار پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدي کي پاريسو رکڻ، سفارتي لاڳاپا گھٽائڻ، اٽاري بارڊر ڪراسنگ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پهلگام حملي کان جلد ئي پوءِ والاريل ڪشمير مان شڪي ماڻهن جو گرفتاريون شروع ڪيو ويو ۽ ڪافي شڪي ماڻهن جي گھرن کي ڊاٺو ويو.
پاڪستان سرڪار طرفان شروع ۾ پهلگام واقعي جي مزمت ڪئي ۽ پنهنجي طرفان ان عمل تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو. پر پوءِ قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي طرفان جوابي ڪارروائي طور طءِ ڪيو ويو ته سنڌو درياهه جي پاڻي سان ڪنهن به طرح جي رڪاوٽ کي جنگي عمل طور ڏٺو ويندو، پاڪستاني هوائي حدن کي هندستان لاءِ بند ڪيو ويو، ٻه طرفو واپار بند ڪيو ويو، واگها بارڊر پڻ بند ڪئي وئي، شملا معاهدي کي پاسيرو ڪيو ويو ۽ هندستان جي سپارتي عملي ۾ گھٽتائي لاءِ چيو ويو،
پاڪ هند وڄ ۾ سنڌ طاس معاهدو ورلڊ بينڪ جي ٽياڪڙيءَ ۾ 9 سال ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ 1960 ۾ صحيح ڪيو ويو جنهن هيٺ سنڌ طاس جي 6 درياهن مان اوڀر وارا 3 درياهه راوي ، بياس ۽ ستلج هندستان جي حوالي هوندا ۽ اولهه وارن ٽن درياهن سنڌو ندي ، جهلم ، چناب جيڪي پوري سسٽم جو 80 سيڪڙو پاڻي وهائيندڙ آهن پاڪستان جي حوالي هوندا. هي اهڙو معاهدو آهي جيڪو هر حالت ۾ پاڪ ، هند وچ ۾ بحال رهيو، پوءِ اهي گذريل 3 وڏيون جنگيون هجن يا ڪشمير سميت ٻين علائقن ۾ اڻڀڻت چو نه هجي، دنيا تي هن معاهدي کي روشن مثال طور ليکيو ويندو آه، جنهن ۾ ٻن سرحدن اندر هڪ ڪامياب پاڻي معاهدو سڏجي ٿو.
مٿين صورتحال هوندي پاڪسدتان کي معلومات ملي رهي هئي ته انڊين نيوي طرفان ڊگهي مار وارا ميزائيل تيار رکيا ويا آهن ۽ هندستان طرفان ملٽري ايڪشن جون پڪيون جوڻيون پڻ ملي رهيون هيون. مودي طرفان اهڙا بيان جن ۾ قاتلن ۽ مددگارن کي سخت سزا ڏيڻ ۽ پنهنجي فوج کي صحيح وقت تي ايڪشن وٺڻ جي اجازت پڻ شامل هئي. اهڙي خطري کان پاڪستان عالمي برادري کي ڄاڻ ڏيندو پئي رهيو ته هندستان جو حملو اڻٽر لڳي رهيو آهي. هن عرصي ۾ پاڪسان جيڪي به سفارتي ڪوششون ورتيون انهن ۾ پاڪ هند وڄ ۾ ڪشمير جو مسئلو بنيادي مسئلي طور کنيو ويو ۽ آمريڪي صدر سان ملاقات ڪئي ته وڌندڙ تلخي ختم ڪرائڻ ۾ مدد ڪري.
مئي 2025 جي شروعات ۾ هندستان جي امڪاني حملي کي نظر ۾ رکندي آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت ٽو ئريسٽ کي اوڏانهن اچڻ کان روڪيو پنهنجي علائقي ۾ ديني مدرسن کي 10 ڏينهن بند ڪرڻ لاءِ چيو، انهي عرصي ۾ کاد خوراڪ ، دوائن ۽ ضروري سامان جي موجودگي جي خاطري ڪرائي. پاڪستان سرڪار پڻ پنهنجي ايئر بيسز کي روزانو 8 ڪلاڪ بند رکڻ جو چيو. ڪارپس ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ جنرل عاصم منير پنهنجي فوجي تياري تي مڪمل اعتماد ظاهر ڪيو، جنهن ۾ فوج جي خود اعتمادي ، ٻاهرين حملي کان بچاءُ ۽ضرورت پوڻ تي جوابي ڪارروائي شامل آهي.
اربع 07 مئي 2025 تي رات هڪ بجي هندستان پاڪستان اندر 05 جاين بهاول پور ، مريد ڪي ، ڪوٽلي ، باغ ۽ مظفر آباد تي حملو ڪيو هن حملي ۾ ميزائيلن سان گڏ 70 کان مٿي جهازن سان حملو ڪيو جنهن جو ان وقت ئي پاڪ فوج جواب ڏنو ، وزير اعظم پاڪستان ملڪ تي حملي جي ڳالهه ڪئي، ساڻ ئي حڪومت ۽ عوام جو فوج سان هجڻ وارو وچن ورجايو. ۽ چيو ته فوج پنهنجي پوري قوت سان جواب ڏئي رهي آهي. هن پاسي کان هند فوج آپريشن سندور ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، انهن جو چوڻ هو ته انهن ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي هن ۾ پاڪ فوج جي ڪنهن به ٽڪاڻي تي حملو نه ڪيو آهي. ٻئي ڏينهن تي پاڪ فوج هندستان جا 5 ويڙهاڪ جهاز جنهن ۾ رافيل به شامل هيا ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪئي هندستان پنهنجا 3 جهاز ڪرڻ جي تصديق ڪئي جيڪي هندستاني علائقي اندر ڪريا. سي اين اين فرانس جي سڪيورٽي آفيسر جي حوالي سان ڳالهه ڪئي ته گھٽ ۾ گھٽ هڪ رافيل ڪرڻ جي تصديق ٿي آهي. پاڪستان جي وزيراعظم طرفان خطاب ۾ چيو ويو ته پاڪ آرمي دشمن جا 5 جهاز جن تي انهن کي فخر هيو ڪيرائي پنهنجي برتري ظاهر ڪئي آهي. ان هوندي به حڪومت ۽ آرمي چيف دنيا سان واعدو ڪيو آهي ته جيڪڏهن هندستان وڌيڪ حملا نه ڪندو ته پاڪستان طرفان ڪابه اڳرائي نه هوندي. هندستان جا 5 جهاز ڪرن کان پوءِ آپريشن سندور ۾ هندستان ڊرونز استعمال ڪرڻ شروع ڪيا جيڪي سرحد بجاءِ ملڪ اندر حملي لاءِ استعمال ڪيا ويا. ٽئي ڏينهن تي حملي جو جواز هندستان طرفان سندس 15 شهرن ۾ ملٽري اڏن تي ميزائيل حملن جي جواب طور هو. پاڪستان طرفان هن حملي ۾ هندستان جا 29 ڊرونز ڪيرايا ويا جن مان ڪجهه سکر ، عمرڪوٽ، ۽ ڪراچي ڏانهن وڌي رهيا هيا. هنن ڊرونرز ۾ سرائيل جا ٺاهيل هاروپ ڊرونز به شامل رهيا