| 10سيڪڙو شاگرد مفت پڙهايو: خانگي ميڊيڪل ورسٽين کي حڪم: داخلا لاءِ مارڪون گهٽائڻ واري پٽيشن رد |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ پرڳڻي جي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ مارڪن جو شرط گهٽائڻ لاءِ داخل درخواست رد ڪندي داخلا پاليسي لاءِ مقرر ڪيلن شرطن کي پي ايم ڊي سي جو اختيار قرار ڏئي ڇڏيو, عدالت چيو ته قانون تحت پي ايم ڊي سي کي داخلا پاليسي ۽ معيار مقرر ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي، عدالت چيو ته ميڊيڪل جي تعليم مقدس پيشو آهي، جنهن ۾ ميرٽ تي ڪو به سمجهوتو ٿي نٿو سگهي, عدالت موجب سنڌ حڪومت پڻ داخلا لاءِ مارڪون گهٽائڻ جي مخالفت ڪئي آهي، عدالت چيو ته پي ايم ڊي سي پاران داخلائن ۾ واڌ قانون مطابق ناهي، سپريم ڪورٽ پڻ خالي سيٽن جي بنياد تي ميرٽ گهٽائڻ کي درست قرار ناهي ڏنو, خالي سيٽن جي مسئلي جو حل معيار گهٽائڻ نه پر حقدار شاگردن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي ؛ عدالت چيو ته سنڌ پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز رولز 2005 تحت نجي ادارن لاءِ 10 سيڪڙو شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ لازمي آهي، هتي انهي قانون تي عملدرآمد ناهي ٿيو، گهٽ مارڪن وارن کي داخلائون ڏيڻ سان ميرٽ تي پورو لهندڙ شاگردن سان ناانصافي ٿيندي، عدالت هدايت ڪئي ته پي ايم ڊي سي هر سال اڳواٽ داخلا پاليسي ۽ شيڊيول جاري ڪري، مقرر ڪيل معيار ۾ بعد ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وڃي, عدالت سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته خالي سيٽن بابت پي ايم ڊي سي سان گڏجي جامع پاليسي تيار ڪري، عدالت نجي ميڊيڪل ڪاليجن کي هدايت ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو شاگردن کي مفت تعليم فراهم ڪن, درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته ايم بي بي ايس لاءِ 55 سيڪڙو ۽ بي ڊي ايس لاءِ 50 سيڪڙو مارڪن جو شرط رکيل آهي، سخت معيار مقرر ڪرڻ سبب وڏي انگ ۾ سيٽون خالي رهجي ويون آهن، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو داخلا لاءِ گهٽ ۾ گهٽ مارڪون 45 ۽ 40 سيڪڙو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، پي ايم ڊي سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته داخلا پاليسي لاءِ معيار مقرر ڪرڻ سندن اختيار آهي, وڪيل موجب سنڌ ۾ 14300 اميدوارن گهربل نمبر (مارڪون) کنيا آهن, سنڌ جي 4400 سيٽن جي مقابلي ۾ اميدوارن جو انگ گهڻو وڌيڪ آهي، هن چيو ته سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن جون سڀ سيٽون ڀرجي چڪيون آهن، رڳو خانگي ڪاليجن جون 284 سيٽون وڌيڪ في سبب خالي آهن.