10 مئي کي حق جي معرڪي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان: ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو: وزيراعظم

  10 مئي کي حق جي معرڪي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان: ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حق جي معرڪي جو تَتُ اهو آهي ته اسان جي پاسي شاهين غالب هئا ۽ دشمن جي جهازن جو ملبو هو،  حق جي معرڪي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد جي پاڪستان مَونيُومَينٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم شهباز شريف  فيلڊ مارشل عاصم منير سوڌو هٿياربند فوجن جي سربراهن، جوانن ۽ عوام کي ڀيٽا پيش ڪندي هر سال 10 مئي تي حق جي معرڪي جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو  ته بزدل دشمن اسان تي جنگ مڙهي پر جڏهن اسان جا شاهين اُٿيا ته دشمن جون وايون بتال ٿي ويون، آمريڪي صدر ٽرمپ جا ٿورائتا آهيون جو جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، برادر ملڪن ۽ چين پاران ڀرپور حمايت جا به ٿورا مڃيا، صدر آصف زرداري تقريب کي خطاب ۾ چيو ته 10 مئي پاڪستان جي تاريخ جو سونهري باب آهي، ڀارتي اڳرائي تي پاڪستان جو ردعمل سونهري اکرن سان لکيو ويندو، پهلگام واقعي جي بهاني دشمن پاڪستان تي بنا جواز حملو ڪيو، پاڪ فوج ۽ ايئر فورس ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، اسان جي ايئر فورس دشمن جا 8 جهاز ڪيرائي ڇڏيا، افغانستان وسيلي پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي ختم ٿيڻ گهرجي.