ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ)اسٽيٽ بينڪ 10 کان 5 هزار رپين تائين 7 قسمن جي نون نوٽن جي ڊزائين لاءِ آرٽ مقابلي جو اعلان ڪيو آهي
ان ڏس ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان آرٽسٽن، ڊزائينرن ۽ آرٽ اسٽوڊنٽس کان 11 مارچ تائين 10، 20، 50، 100، 500، 1000 ۽ 5000 رپين جون نيون ڊزائينون گهرايون آهن، پهرين 3 بهترين ڊزائينن کي روڪ انعام ڏنا ويندا
اسٽيٽ بينڪ موجب نيون ڊزائينون فائنل ڪري وفاقي سرڪار کي موڪليون وينديون، منظوري ملڻ بعد نئين سيريز جا نوٽ جاري ٿيندا
بينڪ اختيارين موجب نوان نوٽ جاري ٿيڻ دوران پراڻا نوٽ به هلندا رهندا، جيڪي آهستي آهستي ختم ٿيندا
بينڪ اختيارين موجب نوان نوٽ جاري ڪرڻ ۾ 2 کان 3 سال لڳندا آهن، اسان ڪوشش ڪري 2 سالن اندر نوان نوٽ آڻينداسين،