اڇڙي ٿر جي ڪاڪاهو ڇنڊڻ جي 10 سالن کان کاٽي نه ٿي، 14 ڍنڍون کاريون، رهواسي زهريلو پاڻي پيئڻ سبب بيمار

جُولاءِ 1, 2024

ھٿونگو (ن پ ا) اڇڙي ٿر جي ڪاڪاهو ڇنڊڻ جي گذريل 10 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري اڇڙي ٿر جي ڪيترين ئي ڍنڍن جو پاڻي کارو ٿي ويو، اڇڙي ٿر جي ڍنڍن دِمن واري، ٻوٽار، ڀيٽارو، پاٻوڙائي، تَس، آت، تڏھري، ڪڪواري، ڀڙڪ، لانڍي ۽ گپڻي سميت 14 ڍنڍن جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري جر جو پاڻي پيئڻ جي لائق ناهي رهيو، ڍنڍن تائين پاڻي نه پهچڻ سبب مڇي سميت ناياب پکي به اڻ لڀ ٿي ويا آهن، سائبريا ۽ ٻين ملڪن کان ناياب نسلن جي پکين اچڻ ڇڏي ڏنو، ورهاڱي کان به اڳ برطانيا سرڪار پاران ھٿونگو شھر ڀرسان نارا ڪئنال مان نڪرندڙ 8 دروازن تي مشتمل ڪاڪاهو ڇنڊڻ ٺاهي وئي هئي ته برساتي ٻوڏن ۽ واڌو پاڻي ڪاڪاھو ڇنڊڻ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪاڪاهو ڇنڊڻ جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري اڇڙي ٿر جي ڍنڍن کي تازو پاڻي ناهي ملي رهيو، کاٽي ۽ صفائي نه ٿيڻ ڪري ڪاڪاهو ڇنڊڻ جي پيٽ ۾ پن ۽ ٻيا گاھ وڌي ويا آهن، ڪاڪاهو ڇنڊڻ مان اڇڙي ٿر جي ڍنڍن تائين پاڻي جو پهچڻ ناممڪن بنجي ويو آهي، رابطو ڪرڻ تي اڇڙي ٿر جي سماجي اڳواڻ ستار هنڱورجو ٻڌايو ته موسميات کاتي سنڌ ۾ مون سون جي زوردار برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آھي پر انتظاميا ڪاڪاھو ڇنڊڻ جي کاٽي ڪرائڻ لاءِ تيار ئي ناھي، هن چيو ته برساتن سبب پاڻي ۾ واڌ جي ڪري ناراڪئنال ۾ گهارا پوڻ جو نه رڳو هٿونگو ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خطرو آھي پر تعلقا هيڊ ڪواٽر شھر کپرو به ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچڻ جو انديشو آھي، هن چيو ته ڪاڪاهو ڇنڊن جي کاٽي ڪرائڻ سان ۽ ان ۾ پاڻي جي ڇوڙ ڪرائڻ سان نه رڳو اڇڙي ٿر جون ڍنڍون آباد ٿينديون پر ناراڪئنال کي گهارا پوڻ جو خطرو روهڙي کان ڇور تائين ٽري ويندو، هن وڌيڪ چيو ته نئون ٺھندڙ ناراڪئنال ٺاهڻ بجاءِ پراڻي ناراڪئنال ۽ ڪاڪاهو ڇنڊڻ جي کاٽي ڪرائي وڃي ها ته تمام گهڻو بهتر هو، ڇو ته نئين ناراڪئنال جي زميني سطح مٿي رکي وئي آھي، جنهن سان گهارا پوڻ سميت علائقي ۾ تمام گهڻي سم ٿيندي ۽ ماڻھن جون آباد ٻنيون فصل اپائڻ جي لائق نه رهنديون

مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري جر جو پاڻي پيئڻ لائق نه رهيو

هٿونگو: ڪاڪاهو ڇنڊڻ ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري اڇڙي ٿر جي ڪيترن ئي تڙن جي جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي، جر جي پاڻي ۾ زهريلو سنکيو مليل پاڻي واپرائڻ سبب ٿر جي مختلف تڙن تي آباد ڪيترن ئي ڳوٺن جا رهواسي چمڙين جي بيمارين سميت جسم جا سنڌَ سڪڻ وارين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، اسلام آباد سميت ٻاهرين ملڪ جي ليبارٽرين پڻ اڇڙي ٿر جي جر جي پاڻي کي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو، اڇڙي ٿر جي کوهن جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري مقامي ماڻھو مجبور ٿي کارو پاڻي پي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ٿر جا ماڻھو اڇڙي ٿر ۾ برساتي پاڻي کي ٽانڪن ۾ وجهي گڏ ڪري ڪافي ڏينهن تائين واپرائين ٿا

بااثرن ڪيترن ئي جاين تي ڳنڍا ڏئي پاڻي جا لنگھه بند ڪري ڇڏيا

هٿونگو: ڪاڪاهو ڇنڊڻ ۾ نه رڳو آبپاشي کاتي جي ذميوارن گذريل ڪيترن ئي سالن کان کاٽي ناهي ڪرائي، جڏهن ته مقامي قبضا مافيا پڻ ڪاڪاهو ڇنڊڻ کي لَٽي ختم ڪرڻ لاءِ ٻاهر کان به مٽي کڻائي ڪيترن ئي جاين تي ڳنڍا ڏئي پاڻي جا لنگھه بند ڪري ڇڏيا آھن جنھن سبب پاڻي قدرتي ڍنڍن تائين نٿو پھچي سگھي

ڪاڪاهو ڇنڊڻ جي ايراضي تي بااثرن جا قبضا: سوڙهو ڪري فصل پوکي ڇڏيا

هٿونگو: ڪاڪاهو ڇنڊڻ انگريز دور ۾ وجود ۾ آئي،ڪاڪاهو ڇنڊڻ کي اتي جا مقامي ماڻھو ڇنڊڻ، نَئي ۽ اڇڙي ٿر جي سونهن ڍنڍ جي نالي سان سڏين ٿا، پاڻي جو هيٺاهون وهڪرو هجڻ ڪري ڪاڪاهو ڇنڊڻ جي پاڻي جو پڙاڏو ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين ٻڌو ويندو هو، جڏهن ته گذريل 15 سالن کان ڪاڪاهو ڇنڊڻ جي ايراضي تي مقامي بااثرن قبضا ڪري ان کي سوڙهو ڪري ٻنيون پوکي ڇڏيون آھن، برساتن، ٻوڏن ۽ ناراڪئنال ۾ پاڻي جي وڌڻ جي صورت ۾ ڪاڪاهو ڇنڊڻ جي سمورن دروازن کي کوليو ويندو هو، ڪاڪاهو جي کلڻ سان ناراڪئنال تي پاڻي جو دٻاءُ گهٽجي ۽ گهارا پوڻ جو خطرو پڻ ٽري ويندو هو.

اڇڙي ٿر جي ڍنڍن جي خوبصورتي ڏسڻ لاءِ پرڏيهي سياح به اچن ٿا

هٿونگو: ساوڻي جي وسڪارن دوران اڇڙي ٿر جي ڍنڍن جي خوبصورتي کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر جا سياح وڏي انگ ۾ پهچي لطف اندوز ٿين ٿا، جڏهن ته ماضي ۾ سنڌ جا نالي وارا ليکڪ، شاعر، اديب شيخ اياز، امداد حسيني، تاجل بيوس ۽ ٻين سان مشاعرا، ادبي ويهڪون ۽ شامون ملهائڻ جا پروگرام پڻ ڪيا ويا، سانوڻ جي برساتن ۾ سنڌ سميت ملڪ  جي ٻين شھرن مان پڻ انگ ۾ سياح اچي ڪيترائي ڏينهن کيمان کوڙي رهائش اختيار ڪندا هئا، جڏهن ته هاڻي گذريل 10 سالن کان اڇڙي ٿر جون ڍنڍون کاريون ٿيڻ ڪري نه ته ڪي وسڪارن دوران سياح اچي رهن ٿا ۽ نه ئي ڪي ادبي پروگرام ٿي رهيا آهن

بااثرن جي قبضن سبب مقامي ملاح مڇي مارڻ کان محروم

هٿونگو: اڇڙي ٿر جي ڪيترن ئي ڍنڍن تي بااثرن قبضا ڪري ورتا، مقامي ملاح وڏي وقت کان مڇي مارڻ کان قاصر بڻيل، اڇڙي جي ڍنڍن تائين پاڻي جي رسائي نه ٿيڻ ۽ ڍنڍن تي مقامي بااثرن قبضا ڪري ورتا آهن، مقامي رهواسي ستار ملاح دانهيندي چيو ته اڇڙي ٿر جي اڪثر ڍنڍن مان ڪيترن ئي سالن کان اتي جا بااثر  ملاحن کي مڇي جو به شڪار نٿا ڪرڻ ڏين، ڍنڍن تي بااثرن قبضو ڪري ڇڏيو آھي، جنهن ڪري مقامي ملاح انتهائي مفلسي ۽ لاچاري واري زندگي گذاري رهيا آھن، هن چيو ته ڍنڍن کي سڪائڻ لاءِ ڪاڪاهو ڇنڊن ۾ بااثر پاڻي نٿا ڇوڙ ڪرائڻ چاهين، جن ڪاڪاهو ڇنڊڻ ۾ ڪيترائي ڳنڍا ۽ بند ڏيارائي ڇڏيا آھن، جن کي کولڻ ۽ ڪاڪاهو ڇنڊڻ ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ اسان مٿي تائين لاڳاپيل آفيسرن کي درخواستون ڏنيون آهن پر و به تدارڪ ناهي ٿيو

Leave A Comment