100 کان وڌيڪ ڪارڪن مارجڻ جي دعويٰ، ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان، ڌرڻو تحريڪ آهي، جاري رهندو: گنڊاپور

نومبر 28, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته آپريشن جي نالي تي بيگناهه، پرامن ۽ محب وطن شهرين جي وحشياڻي قتل ۽ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن تي بربريت جي ننگا مظالم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي. چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل آهي ته شهيد ڪارڪنن جي وحشياڻي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي ۽ وزيراعظم، گهرو وزير ۽ اسلام آباد ۽ پنجاب جي آءِ جيز خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي، مينڊيٽ چور فسطائين جي زور تي سرڪاري مشينري جي سڌيون گوليون هڻي 100 کان وڌيڪ  بيگناهه ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي، جن مان هينئر تائين 8 جا تفصيل اسان وٽ اچي چڪا آهن. شهيدن ۾ انيس شهزاد ستي، ملڪ مبين اورنگزيب، عبدالقادر، ملڪ صفدر علي، احمد ولي، محمد الياس ۽ عبدالرشيد شامل آهن. ترجمان تحريڪ انصاف موجب اسلام آباد جي روڊن تي پرامن مظاهرين تي گولين جي برسات ڪئي وئي، سوين بيگناهه پاڪستاني زخمي ۽ رت ۾ ڳاڙها ٿيا، حڪومت جي ظلم ۽ بربريت کي نظر ۾ رکندي راڄڌاني کي بي حس شهرين جو ذبح خانو بڻائڻ واري منصوبي کي نظر ۾ رکندي پرامن احتجاج کي في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي.سياسي ۽ ڪاروباري ڪميٽين ۾ حڪومت جي بربريت جي تفصيلن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ان کي باني چيئرمين عمران خان آڏو رکيو ويندو ۽ سندس هدايتن جي روشني ۾ مستقبل جو ايڪشن پلان جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڪا فوجي يا هٿياربند پارٽي ناهي ۽ نه ئي اها پاڻ کي رياستي قاتلن هٿان پنهنجي عوام کي قتل ڪرڻ جي خواهشمند آهي. پرامن احتجاج لاءِ اسان جا ڪارڪن تمام مشڪلاتون، رڪاوٽون، تشدد، ڏاڍ ۽ بربريت برداشت ڪندي ڊي چوڪ تي پهتا، پر هو پنهنجي شهرين جا لاش ڍير ٿيڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهن. 24 ڪروڙ پاڪستانين کي رڍ، ٻڪريون سمجهندڙ درندن لاءِ شهرين جو قتل تفريح جو ذريعو ٿي سگهي ٿو، پر تحريڪ انصاف پاڪستان عوام، ان جي وسيلن ۽ قومي مفاد جي محافظ آهي، پرامن سياسي جدوجهد جي ڊگهي تاريخ آهي، 24 نومبر کان اڄ تائين لاشون ڪيرائڻ جي حڪومتي منصوبي کي روڪيندا رهيا آهيون. ان کان اڳ 26 مئي 2022، 3 نومبر 2022، 26 نومبر 2022، 8 مارچ 2023، 15 مارچ 2023 ۽ 18 مارچ 2023 ۽ 24 مارچ 2023 سميت هر موقعي تي تحريڪ انصاف پاڪستان حڪومت کي ڊاهڻ جي هر ڪوشش جي مذمت ڪري چڪي آهي. رتوڇاڻ لاءِ پرامن احتجاج ناڪام ٿي ويو، باني چيئرمين عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سموري سياسي جدوجهد آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ۽ پرامن تاريخ تي مشتمل آهي.سچي آزادي اسان جو مقصد آهي، ان لاءِ وڙهندا رهنداسين جيستائين رت جو آخري قطرو اسان جي رڳن ۾ آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته اسان انهن ڪارڪنن ۽ شهرين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ اتر پنجاب جي ضلعن مان باهه ۽ رت جا درياهه پار ڪري پرامن احتجاج ڪيو ۽ مڪمل پرامن طور تي ڊي چوڪ تي پهتا.راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا ماڻهو به سڄي ملڪ مان ايندڙ قافلن جي ميزباني تي بيحد شڪر گذار آهن. باني چيئرمين عمران خان جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ تاريخي احتجاج ڪندڙ پاڪستانين جا به ٿورائتا آهيون.  ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عوام هجي يا نه هجي، ڌرڻو هڪ تحريڪ آهي، جيڪو جاري رهندو، لازمي ناهي ته هر ڌرڻي ۾ عوام هجي، اسان جا ڪيترائي ڪارڪن شهيد ڪيا ويا، بشريٰ بيبي ماءَ جيان آهي، فائرنگ سبب خطروهيو، ان ڪري کيس ڪڍي ويس. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته باني جي سڏ تي ڌرڻو هنيو ۽ اُن جي ئي سڏ تي واپس ٿيندو، اسلام آباد ۾ اسان جي ماڻهن تي تشدد نه ٿئي ها ته هو به جواب نه ڏين ها، پي ٽي آءِ کي احتجاج ۽ جلسن جي اجازت نٿي ڏني وڃي، اسلام آباد ۾ بشريٰ بيبي ۽ مون تي سڌي ريت حملو ٿيو، اغوا جي به ڪوشش ڪئي وئي، اُنهن سڀني کي جواب ڏيڻو پوندو. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي عالمگير خان سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي ته 27 نومبر سانحه ڊي چوڪ ۾ شهيدن جو انگ 100 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، صرف هڪ اسپتال ۾ 33 لاش آندا ويا.

Leave A Comment