نوشهروفيروز ۾ ناياب ڦاڙهو شڪار: 11 ڄڻن خلاف ڪيس داخل
آگسٽ 7, 2024
نوشهروفيروز (رپورٽر) جهنگلي جيوت کاتي نوشهروفيروز جي ٽيم پنجوڙ ذريعي ناياب نسل جي ڦاڙهي جو غير قانوني شڪار ڪري ذبح ڪندڙ 3 ڄاتل ۽ 8 اڻ سڃاتل شڪارين خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، وائلڊ لائيف کاتي نوشهروفيروز جي گيم انسپيڪٽر مرتضيٰ خشڪ مطابق مٺياڻي حد جي ڪچي ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري شڪارين پنجوڙ ذريعي ناياب نسل جو شڪار ڪري ان کي ذبح ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پهتاسين ته شڪارين ڦاڙهي جو گوشت ورهائي ڇڏيو هو، اهڙي غير قانوني شڪار ڪرڻ تي ٽن شڪارين زاهد لاکير، اشفاق ۽ عمران لاکير سميت 8 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ووڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي