Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_3udfv9k0ump7gmfc3oqul5iteo, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
12 ربيع الاول جي مناسبت سان ... حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي شخصيت ۽ پيغام مبارڪ  ... عرفان ڏاهري - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar 12 ربيع الاول جي مناسبت سان ... حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي شخصيت ۽ پيغام مبارڪ  ... عرفان ڏاهري - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

12 ربيع الاول جي مناسبت سان … حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي شخصيت ۽ پيغام مبارڪ  … عرفان ڏاهري

مڪي جي سرزمين تي نور جي پالوٽ سان گڏوگڏ انقلابي صدا جي صورت ۾ سڄي عرب توڙي  ڪل ڪائنات جي ڪايه پلٽ ڪندڙ هڪ رحمدل ، سچار ، امين ۽ اعليٰ اخلاق جي سڀني صفتن سان سينگاريل ، امن ۽ محبت جو سفير ، نفرت ۽ دوئيءَ کي دور ڪندڙ ، پيار ۽ پريت جو پيامبر  12 ربيع الاول 571 ع تي سوجهري جي سرهاڻ کڻي هن ڌرتيءَ تان هڙئي تاريڪيءَ جي دروازي جا طاق ٽوڙي ڪلفتن جا ڪوٽ ڪيرائي ، امن جي استحڪام خاطر  عرب جي سرزمين تي جنم ورتو. جنهن جي هستيءَ جا ڪيترا ئي عشاق سندس جي قول ۽ فعل جي پيروي ڪرڻ سان گڏوگڏ  سندس پيار ۽ محبت ۾ مشغول ۽ مستغرق ٿي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليا.! سندس ذات جا نه رڳو مسلمان فدائي هئا پر ڪيترا ئي ڪافر ، يهودي ، عيسائي ۽ مجوسي وغيره به سندس شخصيت جا سچا پچا عاشق هئا.هٽلر چوندو هو ته ” فقط هڪ  ئي نبي آهي ، جنهن جي شان جو مان قائل آهيان ۽ اهو  ”محمد صلي الله عليه واله وسلم “ آهي. سر ٿامس ڪارلائل چوندو هو ته ، ” مون  کي محمد صلي الله عليه واله وسلم کان وڌيڪ ٻين تي مهربان ، غريبن لاءِ سخي ۽ معاشري ۾ قابلِ اعتبار شخص ڪٿي به نظر نه آيو.“ ڪنهن  ڏاهي بلڪل سچ ئي لکيو آهي ته، ” محمد صلي الله عليه واله وسلم  هڪ اهڙو پيغمبر هو، جنهن جي ويجهو سندس ۽ هڪ عام ماڻهو جو مرتبو يا درجو هڪجهڙو ئي هو، ان ڪڏهن  به مالي مفاد سان  پنهنجي ذات کي نه نوازيو ، ڀلا جنهن لاءِ خود خدا فرمائي ته ، “ اسان تنهنجي ذڪر کي بلند ڪري ڇڏيو” (سوره الشرح ، آيت نمبر 4 ) ته پوءِ اهڙي عظيم ۽ اعليٰ هستيءَ جي عظمت بابت هڪ عام ماڻهو ڪهڙي  راءِ ڏئي سگهي ٿو! ۽ اها ڳالھ بيشڪ صداقت ۽ سچائي تي مبني آهي جو سندس ذات بابرڪات  نه رڳو هڪ ڪامل، مڪمل ۽ اڪمل هئي پر پاڻ هميشه سچ جا ساٿي ۽ حق جي حاصلات جا حمايتي رهيا . ڪيترن ئي ڪافرن سندن اخلاق، سچائي ۽ ايمانداريءَ کي ڏسي سندن مٿان ايمان آندو، ڏٺو وڃي ته سندن زندگي مبارڪ جو هر هڪ لمحو، هر هڪ گهڙي۽ هر هڪ قول اسان لاءِ راھِ هدايت خاطر هڪ مشعلِ راھه جي مصداق آهي. پاڻ ٻالڪپڻي ۾ ئي ماءُ ۽ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويا هئا. اهو ئي سبب آهي جو کين يتيمن ، مسڪينن ۽ غريبن سان بيحد گهڻي محبت هئي ۽ قرآن پاڪ ۾ به الله تعالي کين هدايت ڪئي ته ” يتمين جي حال کان غافل نه رهو “ ، سندن جي سموري حياتي ڏکين مرحلن کي طئي ڪندي گذري ، پورهيت جي پرتووي هيٺ بسر ٿيندڙ  پاڻ پنهنجي سموري حياتي مبارڪ هميشه بي پهچ ۽ بي يارو مددگار انسانن جي خدمت ۾ وقف ڪئي. سندس مقصد ۽ منشور ۾  ڪنهن به ذات پات جو ڪوبه عمل دخل نه هوندو هو ۽ نه  ئي ڪڏهن  سندن وٽ عربي ۽ عجمي جو الڳ الڳ تصور قائم هو . پاڻ هميشه ايڪي ۽ ٻڌي جو درس ڏيندا رهيا ۽ اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڀني جهانن جي لاءِ رحمت للعالمين بڻجي آيا. پاڻ هميشه اخلاقي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي سڌارڻ جي ڳالھه ڪندا هئا . تڏهن ته ” هيرو ۽ هيروشپ “ جهڙي مشهور تصنيف جي مصنف ” ٿامس ڪارلائل “ سندن باري ۾ لکيو آهي ته ” هي ڪهڙو بادشاھه آهي ، جيڪو پورهيت به آهي ۽ پورهيت انسانن جو مرڪز ، محور ۽ مقناطيس به ! ٽيويهن سالن جي نبوت واري دور ۾ عربن جهڙي مٿي ڦريل قوم رات ڏينهن سندس اک جي اشاري جي منتظر رهي پئي جنگجو ، مهم جو ، ڀڙڪيلا ۽ جهيڙيڪار ماڻهو جيترو هن هستيءَ کي ويجهو هئا اوترا اڃا وڌيڪ ٿيندا پئي ويا وري ايترا عقيدتمند ۽ پتنگن وانگر ٻلهار ٿيندا پئي رهيا! سندن شخصيت ۽ زندگيءَ جي ان مختصر عرصي جي مسقل مزاجي جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ تي ڪيترا ئي دنيا جا ڏاها ، مفڪر ، فلاسافر ، شاعر ۽ اديب حيرت ۾ آهن ته آخرڪار پاڻ ايترو سڀ ڪجھه ڪيئن ڪيائون.!! جنهن جو هڪڙو ئي سبب لکن جو مٽ آهي ته، سندس  هر هڪ گفتيءِ ۾ معنيٰ جو موتي سمايل هوندو هو، جيڪو ساڻس هڪ ڀيرو ملندو هو ته ٻيهر ملڻ لاءِ سندس دل بيحد گهڻي مشتاق ۽ منتظر رهندي هئي، سندس سهڻي سيرت ۽ صورت، مرڪندڙ چهرو ۽ پيشاني ۾ چمڪندڙ نور جي لاٽ کي جنهن هڪ ڀيرو ڏٺو ته ان کان دنيا جي هر شيءِ ئي وسري ويندي هئي، جيڪو سندس پيار، پريت ۽ پاٻوهه جي خوشبو سان معطر ڪچهريءَ جي ماحول  ۾هڪ ڀيرو شريڪ ٿيو ته اهو سندس گفتگوءَ جي سحرانگيزي، مٺاس ۽ ميٺاج ۾ پنهنجو سڀڪجهه وڃائي ويهندو هو، سندس گهور جا گهايل، مسڪراهٽ جا ماريل پتنگن وانگر پچي شمع جي مٿان سڙي خاڪ ٿيڻ جو پڪو پهه ڪري ويهندا هئا ۽ اهي ئي صفتون هيون جو خد خدا به سندن ذات مبارڪ جو عاشق ٿي پيو، تنهنڪري سندس شخصيت بابرڪات تي جيترو لکجي سو گهٽ آهي. 
سندن جو پيغام مبارڪ:
سرور ڪائنات، سردارِ هر دو عالم، تاجدار حرم، مسڪينن جي مهندار، يتيمن جي يار، غمگينن جي غمخوار، امن ۽ محبت جي علمبردار جيڪو دين الحق ( اسلام )آندو، ان ۾ عام انسانيت جي لاءِ هدايت ۽ نصيحت، فلاح ۽ بهبود، امن ۽ آسودگي، نجات ۽ ڇوٽڪاري، سلامتي ۽ ڀائيچاري جو پيغام سمايل آهي. اهو پيغام مبارڪ صراط المسقيم جو هڪ چٽو دستاويز آهي. رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ جو هڪ موثر ذريعو آهي ان ۾ ڪنهن به  قسم جي تنگيءَ ۽ زبردستيءَ جو حڪم ناهي. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ قران پاڪ ۾ فرمايو آهي ته، ” دين جي معاملي ۾ زبردستي نه آهي.“ ( سوره البقره ، آيت نمبر 256 ). بلڪ ’ سوره يونس ‘ ۾ الله تعاليٰ بلڪل واضح طور تي اهو فرمايو آهي ته ، ” پر جيڪڏهن تنهنجو رب گهري ها ته سچ پچ دنيا ۾ جيڪي به انسان آهن ، سڀ گڏجي ايمان آڻين ها !  ڇا تون ماڻهن  تي زبردستي ڪندين ته هو ايمان آڻين ؟ .“ ( آيت نمبر 99 ). اهڙي ريت معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن تي به ڪا زور زبردستي، جبر ۽ ڏاڍ مڙهيل ناهي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ واضح فرمايو آهي ته، ”عقل وارن لاءِ کليل نشانيون آهن“ . سو زبردستي ۽ ڏاڍ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿي، نبي اڪرم صلي الله عليه واله وسلم جن جي پيغام مبارڪ ۾ ته بردباري ۽ تحمل سان گڏوگڏ نرمي ۽ نفاست به شامل آهي، ان ۾ نفرت ۽ نفاق جو ته امتزاج ئي ناهي. ” مڪتوباتِ احمدي “ ۾ اچي ٿو ته ” هڪٻئي سان دشمني نه رکو ، حسد نه ڪريو ، خدا جا ٻانهو پاڻ ڀائر بڻجي وڃو “ . جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ هميشه بغض جي باھه کان بچڻ جي تاڪيد ڪيائون ۽ پاڻ ۾ بنا ڪنهن رنگ ، نسل ۽ قوم جي هڪ ئي حقيقي مالڪ جا ٻانها ٿي رهڻ جو سبق ڏنائون ، پاڻ فرمايائون ته ، ” توهان مان تيستائين ڪوبه مومن نٿو ٿي سگهي ، جيستائين اهو پنهنجي ڀاءُ لاءِ به ساڳيو نه چاهي جيڪو پنهنجي لاءِ چاهي ٿو.“ ( بخاري ، مسلم ) نبي سائينءَ فرمايو ته ، ” ماڻهوءَ جي اسلام جي خوبي ۽ ڪمال ۾ هي داخل آهي ته هو فضول ۽ غير مفيد ڪمن ۽ ڳالهين کان پاسيرو هجي .“( ابن ماجه ، ترمذي شريف ) پر اسان جي سماج ۾ هر هڪ جاءِ تي فضول بحث مباحثا  فرقيواريت جي آڙ ۾ ڪيا وڃن ٿا ، جنهن سان سماج ۾ انتهاپسندي ءَ، نفرت ، حسد ، ڪيني ۽ ڪدورت جهڙي جذبات ۽ جوش سان ڀڙڪيل باھ ڪيتريون ئي وسندڙ وستيون ويران ڪري ڇڏيون ! رسول الله فرمايو ته، ” الله تعاليٰ کان سندن فضل ۽ مهرباني گهرو ، ڇاڪاڻ ته الله کي اها ڳالھه ڏاڍي محبوب آهي ، جو سندس ٻانها کائنس گهرن.“ ( جامع ترمذي ) پاڻ فرمايائون ته، ” مسلمانن ۾ ڪامل ايمان ان جو آهي ، جنهن جا اخلاق وڌيڪ سٺا هجن . “ ( ابو دائود )
بهرحال لکڻ لاءِ سندن تعليمات بابت گهڻو ڪجهه آهي ، پر طوالت کان ڪناره ڪشي ڪندي اسان سندس تعليمات مان ڪجھه روشن پهلو بيان ڪيا آهن. اسان کي گهرجي ته اسان قرآن پاڪ جي تعليمات سان گڏوگڏ حديث ۽ شريعت جي تعليمات کي به ڏسون، پڙهون ۽ سمجهون ! نه ته اسان ۽ اسان جو سماج هميشه تنزليءَ جهڙي تاريڪيءَ سان ڀرپور هنگامه خيز طوفان جي ور چڙهي،خزان جي موسم ۾ ڇڙندڙ  پيلن پنن وانگر پن پن ٿي وينداسين ۽ اسان مٿان ٻيون قومون قابض ٿي وينديون، جنهن جي غلامي جا طوق ۽ زنجير هميشه اسان جي ڳچيءَ ۾ ڳهڻن جيان پاتل هوندا پوءِ اسان هميشه انهن جي ظاهري ڏيک ويک ، زيب و زينت  ڏسي خوش ٿيندا رهنداسين، جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي. 

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *