ايندڙ مالي سال لاءِ 1221 ارب جي عبوري ترقياتي بجيٽ منظور: آءِ ايم ايف سبب ڪٽوتين جو انڪشاف
جُون 1, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري ملڪ جي ترقياتي بجيٽ متاثر ٿيڻ لڳي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جا هدف پورا ڪرڻ لاءِ ترقياتي بجيٽ مان هر سال ڪٽوتي ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال 950 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ ۾ صرف 379 ارب رپيا استعمال ٿيا، صحت ۽ اعليٰ تعليم سميت سماجي شعبن ۽ انفراسٽڪچر جا ڪيترائي منصوبا متاثر ٿيا. ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ايس ڊي پي جي پهرين کان جاري منصوبن لاءِ 9 هزار 800 ارب رپيا گهربل آهن، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ 1221 ارب رپين جو وفاقي پي ايس ڊي پي تجويز ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سالياني پلان ڪو آرڊينيشن ڪاميٽي پاران ايندڙ مالي سال لاءِ پي ايس ڊي پي جي منظوري ڏني وئي آهي، پڌرائي موجب ايندڙ مالي سال لاءِ 1221 ارب رپين جي عبوري ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، وزارتن، ڊويزنن ايندڙ مالي سال لاءِ 2800 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ گهري هئي، رٿابندي وزارت موجب مالي مشڪلاتن جي ڪري اهم قومي نوعيت جي منصوبن کي ترجيح ڏني وئي، رٿابندي وزارت پي ايس ڊي پي بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏني، انفرا اسٽرڪچر منصوبن لاءِ 870 ارب مختص ڪرڻ جي تجويز، توانائي لاءِ 378 ارب، ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪيشن لاءِ 173 ارب، فزيڪل پلاننگ اينڊ هائوسنگ لاءِ 42 ارب، سماجي شعبي لاءِ 83 ارب، صحت لاءِ 17 ارب، ايچ اي سي سميت تعليم لاءِ 32 ارب، سائنس ٽيڪنالاجي منصوبن لاءِ 104 ارب،خصوصي علائقن آزاد ڪشمير، گلگت لاءِ 51 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.