| 13 لک حج پانڌيئڙن جي مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ جمعي نماز |
مڪو شريف (م ڊ) 13 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي. پاڪستان مان سرڪاري اسڪيم وارا 77 هزار 821 حج پانڌيئڙا مڪي شريف پهتا آهن جڏهن ته 6 هزار 931 پاڪستاني پانڌئيڙا مديني ۾ عبادتن ۾ مصروف آهن. مڪي مان پاڪستاني حج مشن هدايت ڪئي آهي ته پانڌيئڙا ڇٽي ۽ پاڻي جون بوتلون پاڻ سان گڏ رکن.