پي آءِ اي جا 35 مان 13 جهاز خراب: 830 ارب جو نقصان: وڌيڪ 24 ادارا خانگائڻ جو اعلان

جُون 11, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾  ڳالهائيندي نجڪاري جي وفاقي وزير عليم خان چيو آهي ته پي آءِ اي جي 35 جهازن مان 13 خراب آهن، 830 ارب روپين جي نقصان سان پي آءِ اي وڌيڪ نٿو هلي سگهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ 24 ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پيپلز پارٽيءَ جي ميمبر شرميلا فاروق چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو ڪهڙو طريقيڪار آهي، خدشا آهن سول ايوي ايشن، پي آءِ اي جي نجڪاري شفاف طور تي نه ڪري سگهندي. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري وارو عملو پيچيدا آهي، وفاقي ڪابينا 9 آگسٽ 2023 تي پي آءِ اي سي ايل جي نجڪاري جي مظوري ڏني، 12 پارٽين پي آءِ اي جي خريداريءَ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، جائزي بعد 6 ڪمپنين کي پري ڪواليفاءِ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ جو هدف رکيو آهي. پي آءِ اي وٽ 35 جهاز، 13 جهاز گرائونڊ آهن. پي آءِ اي جو عملو ۽ پائيليٽ محنتي آهن، اميد آهي ته نجڪاري بعد ڪنهن به  ملازم کي نه ڪڍيو ويندو. حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي. حڪومت ايندڙ سالن ۾ 24 ادارن کي نجڪاري ڪرڻ وڃي پئي. پي آءِ اي نقصان ۾ ڇو وڃي رهيو آهي، سڀني کي پنهنجي ڳچي ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، سڀني پارٽين ان ۾ حصو وڌو آهي. هن چيو ته 830 ارب روپين جو نقصان آهي، 13 جهاز نٿا هلن. 830 ارب جي نقصان سان پي آءِ اي وڌيڪ نٿو هلي سگهي. پي آءِ اي جي نجڪاري پبلڪ پرائيويٽ پاٽنر شپ تحت ڪري رهيا آهيون. پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شريڪ سموريون ڪمپنيون پاڪستاني آهن. زمين نٿي ڏني وڃي , سيد نفيسه شاه چيو ته پي آء اي جي نجڪاري ۾ شفافت نٿي نظر اچي پي آء اي فيڊرل ليجسليٽو لسٽ پارٽ ٽو ۾ شامل آھي انهي لسٽ ۾ شامل مامرا سي سي آء جي دائري ۾ اچن ٿا ڇا سي سي آء کان منظوري ورتي وئي آھي

Leave A Comment