| عمر ڪوٽ ويجهو ويم دوران عورت ٻار سميت فوت: ڊاڪٽر تي الزام |
عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ويجهو نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ ويم دوران ناري تازي ڄاول ٻار سميت فوت ٿي وئي. ڇاڇرو جي ڳوٺ ڪانڪيو جي رھواسڻ رحمت نهڙي تازي ڄاول ٻار سميت فوت ٿي وئي، جڏھن ته فوتي عورت جي ڀاءُ عبدالله مبينا طور ڊاڪٽر ۽ اسپتال عملي تي سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته انهن جي لاپرواهي سبب ماءُ ۽ ٻار ٻئي حياتي وڃائي ويٺا آھن. وارثن موجب اسان صبح ڏهين وڳي رحمت کي سول اسپتال عمرڪوٽ وٺي وياسين جتي ڊاڪٽر صنوبر چيو ته مريضه کي منهنجي پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر وٺي وڃو اتي نارمل ڊليوري ٿي ويندي، وارثن جو چوڻ آهي ته مبينا طور سڄي رات انتظار ڪرائڻ بعد اسان کي ٻن لاشن جي صورت ۾ نتيجو ڏنو ويو هڪ نئين ڄاول ٻارڙي جو ۽ ٻيو اسان جي عورت جو وارثن اسپتال ٻاهران لاش رکي سخت احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو انهن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر صنوبر ڪنڀر جي سنگين غفلت سبب ٻن قيمتي جانين جو نقصان ٿيو وارثن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر صنوبر ۽ ملوث عملي خلاف فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏھن ته اسپتال انتظاميه جي ڊاڪٽر محمد ڄام ڪنڀر جو چوڻ آهي ته مريضه جي پيٽ ۾ ٻار اڳ ۾ ئي فوت ٿي چڪو هو ڪيس خطرناڪ نوعيت جو هو ۽ اسان وارثن کي ان بابت آگاهه ڪيو هو باقي الزام بي بنياد آهن ڊاڪٽر ڄام ڪنڀر جو چوڻ ھو ته اسپتال ۾ ايندڙ ھر مريض جو اسان ھڪ جيترو خيال ڪندا آھيون، ڪوشش ھوندي آھي ته سڀني کي شفا ملي باقي الزام بلڪل بي بنياد آھن.