هڪ سال اندر 14 ڀيرا بجلي مهانگي، اضافي اگھن سان واهپيدارن تي 455 ارب رپيا واڌو بار

آگسٽ 12, 2024

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت هڪ سال اندر سال ۾ 14 ڀيرا بجلي مهانگي ڪري واهپيدارن تي 455 ارب رپيا واڌو بار وجھي ڇڏيو. ان ڏس ۾ ميڊيا تي آيل انگن اکرن موجب جولاءِ 2023 کان آگسٽ 2024 تائين ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 14 ڀيرا مهانگي ڪئي وئي ۽ واهپيدارن تي 455 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار وڌو ويو. جولاءِ 2023 ۾ مئي جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 90 پيسا، آگسٽ ۾ جون 23 جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 81 پيسا مهانگي ڪئي وئي. اهڙي ريت سيپٽمبر ۾ جولاءِ 2023 جي ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 46 پيسا ۽ آڪٽوبر ۾ آگسٽ 2023 جي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 71 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي.

Leave A Comment