15 سالن جي عمر ۾ منهنجون جعلي فحش تصويرون ٺهيون: جهانوي ڪپور

15 سالن جي عمر ۾ منهنجون جعلي فحش تصويرون ٺهيون: جهانوي ڪپور

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره جهانوي ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته هن 15سالن جي ننڍي عمر ۾ فحش ويب سائيٽ تي پنهنجون جعلي ( ڊيپ فيڪ ) تصويرون ڏٺيون، جنهن ڳالهه کيس صدمو پهچايو. هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي جهانوي ڪپور چيو ته هي واقعو منهنجي اسڪول جي ڏينهن ۾ پيش آيو،  مون آءِ ٽي ڪلاس دوران اهڙين ويب سائيٽن تي پنهنجون تصويرون ڏٺيون، اهو مڪمل طور تي ڊيپ فيڪ جهڙو مواد هو، جنهن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه هو، انهي تجربي مون کي ننڍي عمر ۾ شهرت جي منفي رخن جو احساس ڏياريو. هن سوال اٿاريو ته ڇا عوامي شخصيت هجڻ جي قيمت اهڙي غير اخلاقي مواد کي برداشت ڪرڻ آهي؟ جهانوي ڪپور سوشل ميڊيا تي پکڙجندڙ مصنوعي ذهانت سان پيدا ٿيندڙ جعلي مواد تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز به گردش ۾ آهن، جيڪي مڪمل طور تي مصنوعي آهن پر اهي حقيقي طور تي پيش ڪيون وينديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن مختلف نيوز پليٽ فارم به انهن کي شيئر ڪندا آهن. هن چيو ته اها صورتحال پيشيورانه مسئلن کي به جنم ڏئي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ ڊائريڪٽر اسان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اهڙي جعلي مواد کي بنياد طور استعمال ڪري سگهن ٿا.