15 فيبروري تي هڪئي ڏينهن پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن جا ٻه ڪرڪيٽ ميچ ٿيندا؟

15 فيبروري تي هڪئي ڏينهن پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن جا ٻه ڪرڪيٽ ميچ ٿيندا؟

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ وڏي خوشخبري آهي ته اهي هڪ ئي ڏينهن روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻه ميچ ڏسي سگهندا.ڪرڪيٽ جي شوقينن هاڻي تائين پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ ئي ايونٽ ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا آمهون سامهون ٿيندي ڏٺو آهي. پر ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ يادگار لمحو اچي رهيو آهي جڏهن ڪرڪيٽ جي شوقينن کي صرف هڪ ٽورنامينٽ ۾ نه پر هڪ ئي ڏينهن تي ٻه پاڪستان-ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ ملندا.روايتي حريف جي وچ ۾ اهي ميچ ايندڙ مهيني 15 فيبروري تي کيڏيا ويندا.آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 7 فيبروري کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن جي ميزباني ڀارت ۽ سريلنڪا ڪري رهيا آهن، جنهن جو سڀ کان وڏو ميچ 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ شيڊول آهي. جڏهن ته ساڳئي ڏينهن بينڪاڪ ۾ هڪ ٻيو پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو ٿيندو، جيڪو وومين ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز جي حوالي سان کيڏيو ويندو.ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل وومين ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. 8 ٽيمن تي مشتمل هي وومين ٽي 20 ٽورنامينٽ 13 کان 22 فيبروري تائين ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ ۾ کيڏيو ويندو.