ڊسمبر 2025ع تائين ٻوڏ سٽيلن جا 15 لک گهر تعمير ٿيندا: وفاق 50 ارب حصو ڏئي: مراد علي شاهه
جُون 7, 2024
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي هڪ ڪروڙ 23 لک ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ 21 لک نون گهرن جي تعمير شروع ڪئي آهي سنڌ جي متاثرن جو انگ دنيا جي 154 ملڪن جي آبادي کان وڌيڪ آهي، 264250 گهرن کي صفائي سٿرائي جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ 39 ارب رپين جي فنڊنگ ڪئي وئي آهي، ڪالهه سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز جي آفيس ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهرن جي اڏاوتي ڪم جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 2.1 لک گهرن جي تعمير لاءِ 550 ارب رپين جي ضرورت هئي، سنڌ حڪومت ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان 440 ارب رپيا حاصل ڪيا آهن ، باقي 110 ارب رپين جي کوٽ پرڏيهي فنڊنگ ۽ وفاقي حڪومت جي سهڪار سان پوري ڪئي ويندي، هن چيو ته هڪ لک گهر اڏجي چڪا آهن، جڏهن ته 525000 گهر تعمير هيٺ آهن. ايندڙ سال جي آخر تائين 12 کان 15 لک گهر مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته انهي ميگا رٿا کي شفاف بڻائڻ لاءِ گهرن جي تعمير واري گرانٽ سڌو سنئون متاثرن جي بينڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ٿئي ٿي، اهي متاثر پاڻ مرضي موجب تعميراتي سامان خريد ڪري تربيت يافته مسترين ذريعي ڪم ڪرائين ٿا، انهي رٿا ۾ ڪو ٺيڪيدار ناهي، انهي رٿا ذريعي 800000 عورتن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ملندا هيستائين 10 هزار عورتن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن، هن چيو ته اسان واش (پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت) پروگرام لاءِ مليل 39 ارب رپين مان 264250 گهرن کي صفائي جي باٿ رومن سميت اهم سهولتون فراهم ڪيون آهن، هن گهرن جي بحاليءَ لاءِ فنڊن جا تفصيل ڏيندي چيو ته خيرپور ۾65.67 ارب سان 218,894 گهر، دادو ۾ 37.97 ارب سان 126,588 گهر، لاڙڪاڻي ۾ 30.15 ارب سان 100,518 گهر، نوشهري فيروز ۾ 29.56 ارب سان 98540 گهر، جيڪب آباد ۾ 26.31 ارب سان 87723 گهر، شهيد بينظيرآباد ۾ 21.70 ارب سان 72346 گهر ۽ شڪارپور ۾ 21.10 ارب سان 70335 گهر تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته ٻيهر تعمير ٿيل گهرن کي سولر انرجي فراهم ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت انهي لاءِ 2 لک سولر پينل لڳائڻ جو عزم ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت گهرن جي اڏاوت لاءِ پنهنجي حصي جا 50 ارب رپيا ڏيڻ وارو واعدو اڃا پورو ناهي ٿيو. مون کي يقين آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجو واعدو پورو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ايڪنڪ نه جڙڻ ڪري 4 مهينن کان منظوري التوا هيٺ آهي.