| 150 ليڊي هيلٿ ورڪرز پوليو گروپن مان خارج: ڪي اين شاهه ۾ ريلي |
خيرپور ناٿن شاهه (ن پ ا) ليڊي هيلٿ ورڪرز خيرپور ناٿن شاهه ۾ مطالبن لاءِ بلوچ پيٽرول پمپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي جي اڳواڻي نوربانو ملاح، فاطمه ملاح، سردار بيگم،هوا خاتون، مختيار بروهي ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن چيو ته نور بانو ملاح کي هٽائڻ کان اڳ تعلقا سپروائيزر ڊاڪٽر احمد بخش چانڊيو 150 کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پوليو گروپن مان بنا نوٽيس جي خارج ڪيو. عورت ايريا انچارج ۽ يو سي ايم اوز کي هٽائي مرد ايريا انچارج ۽ يو سي ايم اوز مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ليڊي هيلٿ ورڪرز کي هٽائي ڊاڪٽر احمد بخش چانڊيو جي ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن کي پوليو ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ويو آهي.هنن مطالبا مڃي انصاف جي گهر ڪئي.