| پي ٽي آءِ 27 هين ترميم جي حمايت نه ڪندي: حليم عادل شيخ |
پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل جي سٽي ڪورٽ ۾ حليم عادل شيخ پهچي ويو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جو عوام سجاڳ آھي 27 ترميم پاس ڪرڻ نه ڏينداسين، ھن چيو ته پي ٽي آءِ ڪنھن به صورت ۾ 27 ترميم جي حمايت نه ڪندي ڪنھن ۾ جرعت ناھي جو ڪوئي ترميم کي پاس ڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان ڳالھائي، پيپلزپارٽي جو ڪردار ٻه نمبر آھي، جيئن ڪئنالن واري مسئلي تي ھو 27 ترميم تي به ايئن ئي ھوندو ھن وڌيڪ چيو ته 27 ترميم کي پاس ۽ حمايت ڪرڻ وارا پاڻ کي ڪيئن ليڊر سڏائي سگھندا.