ڪوئيٽا ۾ پڪنڪ تي آيل 16 ڄڻا اغوا، سڃاڻپ بعد 6 آزاد، پنجاب واسي 10 ڄڻا کنڀيا ويا
جُون 21, 2024
ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ پڪنڪ پوائنٽ تان ڪسٽم اهلڪار سميت 10 ڄڻن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ اغوا ڪيو ويو. اغوا جو اهو وڏو واقعو ڪوئيٽا جي ڀر واري علائقي زرغون جي سياحتي ماڳ شعبان تي پيش آيو، جتي هٿياربندن جي وڏي انگ پڪنڪ پوائنٽ کي گهيري ۾ وٺي اتي موجود ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا، هٿياربندن 16 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو پر 6 ڄڻن کي ڇڏي ڏنو ۽ 10 ڄڻن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، مغوين ۾ هڪ ڪسٽم اهلڪار سميت پنجاب جا رهواسي ماڻهو شامل آهن. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي جي ناڪابندي ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.