160 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينٽرل ڊويلپمينٽ ورڪنگ پارٽي 160.2 ارب رپين جي ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. سي ڊي ڊبليو پي اجلاس جي صدارت وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال ڪئي. اجلاس جي پڌرائي مطابق صحت، هائوسنگ ۽ ٽرانسپورٽ شعبن جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. 8.5 ارب رپين جا ٻه منصوبا منظور ڪيا ويا، جڏهن ته 151.7 ارب رپين جا چار منصوبا منظوري لاءِ ايڪنڪ ڏانهن اماڻيا ويا. سنڌ هيومن ڪيپيٽل 1000 ڏينهن وارو پروگرام ايڪنڪ ڏانهن موڪليو ويو، جيڪو ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غذائيت ۽ فيملي پلاننگ بهتر ڪرڻ لاءِ آهي. حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج ۽ سنڌ فلڊ ايمرجنسي اسسٽنس منصوبو ايڪنڪ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن لاءِ 87 سيڪڙو فنڊنگ ايشيئن ڊوالپمينٽ بينڪ فراهم ڪندو. ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ روڊن جي بحالي ۽ رابطو بهتر ڪيو ويندو. لاکڙا کي مڪران ڪوسٽل هاءِ سان سان ڳنڍيندڙ بلوچستان ۾ لياري کان لاکڙا ۽ اُٿل کان لاکڙا بي ٽي روڊ بحالي وارو منصوبو منظور ڪيو ويو. ونڊر ڊيم منصوبي جو نظرثاني ٿيل پي سي ون ايڪنڪ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن سان آبپاشي ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌندي. پي ايس ڊي پي تحت 9 سيرات چيئرز قائم ڪرڻ جي منظوري، جيڪي قيادت، انساني حقن، تعليم، امن ۽ عورتن جي حقن سميت مختلف شعبن ۾ قائم ڪيون وينديون. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ترقياتي منصوبا انساني ترقي ۽ موسمياتي مزاحمت تي مرڪوز هوندا، جڏهن ته پلاننگ ڪميشن عملدرآمد جي ويجهي نگراني ڪندي.
 

پارليامينٽ ويندڙ رستا سيل، اضافي نفري مقرر
 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليمينٽ هائوس اسلام آباد ڏانهن ويندڙ اهم رستا بند ڪيا ويا. ڪابينا ڊويزن چوڪ تي گاڏين کي اڳتي وڃڻ کان روڪيو ويو، چائنا چوڪ تي ڪنٽينر رکي رستو سيل ڪيو ويو آهي. نادرا چوڪ مرڪزي گيٽ پڻ مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز ۽ سينيٽرن پاران پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو هو. اپوزيشن باني پي ٽي آءِ عمران خان جي صحت بابت حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ احتجاج جو اعلان ڪيو هو. اهڙي اعلان بعد پوليس جي وڏي نفري مختلف هنڌن تي مقرر ڪري روڊ رستا بند ڪيا ويا. جڏهن ته مظاهرين کي روڪڻ لاءِ اضافي اهلڪار به طلب ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.
 

عرب امارات پاران پاڪستان جي قرض واپسي مدي ۾ 2 مهينا واڌ
 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) متحدہ عرب امارات پاڪستان  جي 2 ارب ڊالر جي قرض واپسي مدت ۾ ٻن مهينا اضافو ڪري ڇڏيو. ذريعن مطابق 2 ارب ڊالر جي ڊپازٽ کي مختصر مدي لاءِ 17 اپريل تائين رول اوور ڪئي وئي. يو اي اي اهو اضافو 6.5 سيڪڙو وياج جي شرح تي ڏني آهي. اڳوڻي هڪ مهيني واري توسيع ختم ٿيڻ ۾ رڳو چار ڏينهن باقي هئا، جنهن کان اڳ نئين توسيع ڏني وئي. سرڪاري ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين بعد پاڪستان ٻيهر ڊگهي مدي واري رول اوور لاءِ رابطو ڪندو. يو اي اي جي هڪ ارب ڊالر جي ٽئين قسط جولاءِ 2026ع ۾ واجب الادا هوندي.