Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_gdr4usn6j89qnee5teqgd4qjdd, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
17آڪٽوبر غربت جو عالمي ڏھاڙو ...منظور ھاليپوٽو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar 17آڪٽوبر غربت جو عالمي ڏھاڙو ...منظور ھاليپوٽو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

17آڪٽوبر غربت جو عالمي ڏھاڙو …منظور ھاليپوٽو

جيڪڏهن معاشي ماھرن صنعتڪار سيڙپ ڪارن غربت کي سنجيدھ نـ ورتو تـ ايندڙ ٻـ اڍائي صدين تائين دنيا جي سئوسيڪڙو آبادي غربت ۾ ايترو وڪوڙجي ويندي جو ڪي صديون وري انسان لاءِ ترقي ۽ خوشحالي خواب بڻجي ويندي ڇاڪاڻ تـ صنعنتڪارن سيڙپڪارن جي ترقي جو محور دوارومدار عام ماڻھو سان سڌو سنئون تعلق رکي ٿو، جڏھن تـ دنيا جي تقريبن اڌ آبادي کي غربت سخت متاثر ڪري ڇڏيو آھي ٽي ارب کان وڌيڪ ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ 2.50 کان گھٽ آمدني دنيا۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ 1.25 ڊالر کان به گھٽ آمدني ڪمائين ٿا پوءِ اھا حالت رھي جيڪڏهن عام ماڻھو ۾ خريداري جي قوت ئي نـ رھندي تـ سندس پئداوار جو وڪرو سندن فيڪٽرين تائين محدود رھجي ويندو سندن ڪرنسي ڪاغذ کان سواءِ ڪا معنيٰ نـ رکي سگھندي جڏھن تـ ھن وقت دنيا جو نو سيڪڙو عوام مجموعي طور غربت جي لڪير ھيٺ اوڻيتاليھه سيڪڙو غربت مطلب اڌ آبادي غربت ۾ زندگي گذاري رھي آھي اھو تعداد ھرروز وڌي رھيو آھي. ٿي سگھي ٿو انسان جو غربت سبب بک وگھي مرڻ سبب ڌرتي تان انسان جو وجود ئي مٽجي وڃي! غربت جا ڪيترائي سبب آھن جن ۾ معيشت واپار تي ھڪ ڌر جو قبضو ھئڻ بازارن ۾ ھڪ ھٽي خريد فروخت جي قانون تي ڪو عمل ئي نـ ھجڻ بنيادي سھولتن جي کوٽ سبب ماڻھو جي سڄي زندگي بنيادي زندگي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مصروف ھجڻ سبب ڪري ترقي نـ ٿيڻ مثال صاف پاڪ پاڻي نـ ھئڻ ڪري بيمارين ۾ مبتلا ھجڻ روڊرستا نـ ھئڻ ڪري بازار تائين رسائي نـ ھئڻ تعيلم نـ ھئڻ تعيلم جو مطلب پنج درجا الف ب وغيرھ نـ پر اتي موجود ذريعن مان فائدو وٺڻ جي ڄاڻ نـ ملڻ مثال پاڪستان زرعي ملڪ آھي پر ھاري کي زراعت جي باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ نـ ھجڻ سبب زرعي زمين مان ٺيڪ طرح سان اپت نـ کڻن ۽ آبادگارن کي سرڪاري سھولتون نـ ملڻ سبب زرعي پيداوار مان منافعو کڻن بدران ڏينھون ڏينھون وياجن قرضن ۾ وڪوڙجڻ سبب غربت کي فروغ ملي رھيو آھي.
دنيا جي ھر ملڪ ۾ غربت جا مختلف سبب ھوندا آھن جنگيون قدرتي آفتون وغيرھ گڏيل سبب آھن پاڪستان ۾ ڪجهھ غربت جا سبب بيان ڪجن ٿا جنھن ۾ دھشتگردي، خونداگي جو سطح ۾ ڏينھون ڏينھن گھٽتائي انساني آبادي جو تيزي سان وڌڻ عام معلومات عدم تحفظ جي کوٽ، رواداري، ذاتي فرقيوايت ناانصافي، بي مقصد تعليم ڪاپي ڪلچر جديد طريقن جي پوکائي کان اڻواقفيت جنھن جو مٿي ذڪر ڪيل آھي تعليم معلومات جي کوٽ ججھي مقدار ۾ اناج جو موجود ھئڻ باوجود کاڌ خوراڪ کي محفوظ نـ ڪرڻ جا ذريعا ۽ محفوظ ڪرڻ جي طريقن کان اڻ واقفيت سبب غربت جنم ورتو آھي. ستر سيڪڙو کان مٿي ماڻھو غربت جي زندگي گذاري رھيا آھن جن جو گھڻو تعلق بلوچستان ۽ فاٽا سان سان آھي‚ پنجاھ کان ستر سيڪڙو وچ ۾ غربت واري زندگي گذاريندڙ جو تعلق نو سيڪڙو شھري علائقن سان وابسطا آھي. مجموعي طور غربت ۾ بلوچستان پھرين سنڌ ٻئين، خيبرپختونخواھ ٽئين ۽ پنجاب آخري نمبر تي آھي.
پاڪستان ۾ غربت جي ڪري حالتون ناساز ٿينديون پيون وڃن ھتي ماڻھو اولاد کپائڻ جا سري عام ھوڪا ڏيڻ تي عوام ۾ حيرانگي ٿئي ٿي، جڏھن تـ دنيا ۾ غربت سبب ماڻھو انساني عضوا گردا کپائڻ نئين ڳالھه پڻ ڪنھن کان لڪلل ناھي پراڻي ۽ اڄ جي زماني ۾قبرن مان ڪفن ڪڍي کپائڻ حرام حلال ھڪ ڪري کائڻ مان ثابت ٿئي ٿو غربت بک جو مذھب ڪونھي‚غربت سبب جسماني کان وڌيڪ ذھني بيماريون جنم وٺن ٿيون جيڪي اڳتي ھلي وڏن سانحن کي جنم ڏين ٿيون ان بابت پھاڪا چوڻيون مشھور آھن بک بڇڙو ڏول دانان ديوانا ڪري يا جن جي گندي ۾ داڻا انھن جا چريا بـ سياڻا يعني پئسو ھجڻ سان چريو بـ ۔ عقلمندن ۾ ليکي وڃي ٿو،غربت وڏي ظالم صفت پڻ آھي جنھن ازدواجي زندگي کي معاف ناھي ڪيو لکن جي تعداد ۾ طلاقن جو تعداد غربت سان جڙيل آھي کوڙ ملڪن ۾ سرڪار کان فائدا وٺڻ جي لالچ ۽ مجبوري ۾ عورتون طلاق پڻ وٺن ٿيون مثال بيواھ لا وظيفو سندس ٻارن لا تعليم جو خرچ سرڪار ادا ڪري ٿي غربت صرف غريب کي نـ پر اميرن بادشاھن کي بخش ناھي ڪيو ۔ غربت سبب آيل انقلابن شھنشاھتون وڃائي ڇڏيون.
گلوبل سروي مطابق غربت جي سبن مان ڪجھه اھم سبب ھيٺ بيان ڪجن ٿا، سياسي مذھبي ۔ ذاتي قومي تڪرار، اڻبرابري، روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا ھجڻ باوجود رسائي نـ ھجڻ ماحولياتي تبديلويون ڏڪار ۔ پوڏ رلزلا ۔ قدرتي ۔ مصيبتون گھريلو توڙي سرحدي ۽ عالمي جنگيون ھن سڀني شين جو اثر غربت پيدا ڪري ٿو . عالمي غربت کي گهٽائڻ جا عالمي معاشي ماھرن ڪي مؤثر طريقا ڳولي پڻ لڌا آھن جنھن ۾ پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جو انتظام بهتر ڪرڻ زرعي پروگرامن ۾ سرمايو لڳائڻ، ملڪن کي واپار ۾ مشغول ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ، نوڪرين تائين رسائي کي وڌايو ۽ بهتر ڪريو ٽيڪنالاجي ۽ جدت تائين رسائي فراهم ڪرڻ بنيادي سماجي خدمتن ، جهڙوڪ تعليم ، صحت جي سار سنڀال ، غذائيت ۽ صفائي جي رسائي فراهم ڪرڻ انھن سڀني حالتن کي نظر ۾ رکندي ۔ غربت جي 1948 ۾ دستخط ٿيل عالمي پڌرنامي کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ غربت هر سال 17 آڪٽوبر تي ملھايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي ، سڀني پس منظر ۽ سماجن جا ماڻهو ، غريبن سان اتحاد ڪري انهن جي مدد ڪرڻ جي عزم کي دھرايو ويندو آھي ياد رکڻ گھرجي سترھن آڪٽوبر تي پيرس جي گھٽين ۾ ھڪ لک کان وڌيڪ ماڻھو ٿي غربت جي عالمي پڌرنامي ڏانھن ڌيان ڇڪايو تـ غربت عالمي حقن جي ڀڃڪڙي آھي ان ڪري غربت کي ختم ٿيڻ گھرجي اتي ھڪ يادگار پٿر پڻ لڳرايو ويو‚ 1992 ۾ گڏيل قومن 17 آڪٽوبر تي سرڪاري طور ڏھاڙو ملھائڻ جو اعلان ڪيو هو اڄ ۔ غربت گھٽائڻ جا کوڙ سارا پروجيڪٽ دنيا ۾ پڻ ھلي رھيا آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *