17 سال سزا 14 سالن واري سزا ختم ٿيڻ بعد شروع ٿيندي: تارڙ

17 سال سزا 14 سالن واري سزا ختم ٿيڻ بعد شروع ٿيندي: تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته توشه خانه ٽو ڪيس جي سزا 190 ملين پائونڊ جي سزا جو مدت مڪمل ٿيڻ بعد شروع ٿيندي۔ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 14 ساله سزا ختم ٿيندي ته ان کان پوءِ 17 سال سزا شروع ٿيندي۔ فراڊ تحت تحفن جي قيمت گهٽ لڳرائي وئي، فيصلو انصاف تي ٻڌل آهي، تحفن جي قيمت گهٽ ڏيکاري سرڪار کي گهٽ رقم ادا ڪئي وئي۔ عطا تارڙ چيو ته رياست کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچائي تحفا ذاتي استعمال لاءِ رکيا ويا، بشريٰ بي بي تحفا روڪي مالي فائدو حاصل ڪيو۔ 3 ڪروڙ ۽ 7 ڪروڙ رپين جو رياست کي نقصان پهچايو ويو۔ باني پي ٽي آءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 10 سال ۽ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي۔