| 17 هزار ايڪڙ غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ ملڪ رياض، پٽ زين ۽ احمد سميت 10 ڄڻن جا وارنٽ |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب عدالت ساڍا 17 هزار ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۾ ملوث ملڪ رياض، زين ملڪ ۽ احمد علي رياض سميت 10 مفرور جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ريفرنس ملوث اڳوڻو وڏو وزير عدالت ۾ پيش نه ٿيو، وڪيل عدالت کان استده ڪندي چيو ته قائم علي شاهه جي طبيعت ناساز آهي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي قائم علي شاهه جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو وڃي، ٻڌڻي دورا آغا مقصود عباس، جاويد حنيف سميت 13 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته اڳوڻي ڊي جي ايس بي سي اي منظور ڪاڪا پيش نه ٿيو، ملڪ رياض سميت 10 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي مڪمل نه ٿي سگهي، عدالت قائم علي شاهه جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ ڪرڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي به ملتوي ڪري ڇڏي، جوابدار صديق ماجد ۽ ضياء الدين پاران نيب جي جواب جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالت مختيار علي، اقبال ميراڻي سميت 7 جوابدارن کي سمن جاري ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته جوابدارن تي سپر ها۽ وي ويجهو بحريه ٽائون کي ساڍا 7 هزار ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ جو الزام آهي.