| 18سالن کان گهٽ عمر ۾ نڪاح تي 3 سال سزا: پنجاب ۾ بل منظور |
لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ ننڍي عمر وارن ٻارن جي شادي تي پابندي بابت ترميمي قانوني مسودو اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو. پنجاب اسيمبلي گهٽ عمر وارن ٻارن جي شادي جي پابندي بابت ترميمي مسودو منظور ڪيو، چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن سارا احمد چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي ويزن مطابق نياڻين جي تحفظ لاءِ تاريخي قانونسازي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پنجاب چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ بل 2026 ۾ گهٽ عمر جي شادي تي سخت سزائن جي منظوري ڏني وئي آهي. چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن موجب 18 سال کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن کي گهٽ عمر سان نڪاح ڪرڻ تي سزا ڏني ويندي. ان سان گڏ جيڪڏهن والدين يا سرپرست ننڍي عمر جي شادي ۾ مدد ڪندا ته انهن کي 2 کان 3 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ ٿيندو.