| 18هين ترميم۽ اين ايف سي مخالف باهه سان نه کيڏين، وفاق دشمن فيصلن ۾ساٿ نه ڏبو: بلاول |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18هين ترميم ۽ اين ايف سي سان کيڏندڙ باهه سان کيڏي رهيا آهن، تنقيد ڪندڙن کي اندازو ناهي ته اسان انهي قدم سان ملڪ ۾ عليحدگي جي سياست دفن ڪري ڇڏي هئي، دشمن ملڪ عليحدگي جي سياست کي استعمال ڪندو آهي، پيپلزپارٽي اهڙي ڪنهن به فيصلي ۾ ساٿ نه ڏيندي، جنهن سان وفاق ڪمزور ٿئي، ڪالهه پ پ جي 58هين يوم تاسيس جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ ٿيل جلسن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پارليامينٽ جي اختيارن ۾ ڪنھن ٻئي اداري کي مداخلت ڪرڻ نه ڏينداسين، ماضي ۾ اھڙا ڪيترائي مثال آھن، جڏھن ٻين ادارن پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪئي ته انهي جو نقصان پاڪستان جي عوام کي ٿيو آھي، آئون سمورن جيالن تي واضح ڪريان ٿو ته اسان آئيني عدالتن جي جوڙجڪ ڪئي، صوبن کي برابري جا حق ڏنا، اھا اسان جي ڪاميابي آھي،اسان 18 ترميم وقت آئيني عدالتون قائم نه ڪري سگھياسين، جيڪي ھاڻي ڪيون آھن، هن چيو ته اسان جا پاڻ ۾ سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر جڏهن ملڪي سلامتي جي ڳالهه هجي ته سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻو آهي، ملڪ جا سمورا صوبا ڀائرن جيان آهن، اسان مودي جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکون ٿا، دشمن اڄ به ملڪ ۾ دهشتگردي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي سازشي طريقا اختيار ڪري رهيا آهن ته جيئن پاڪستان کي غير مستحڪم ڪيو وڃي، هن چيو ته آئين سازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، پارليامينٽ سپريم آهي، ڪابه عدالت، ڪوبه جج يا ڪو به ٻيو ادارو پارليامينٽ جي فيصلن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، عوام فيصلو ڪندو ته اسان جا فيصلا صحيح آهن يا نه؟ اهو ڪنهن به عدالت جو اختيار ناهي، هن چيو ته 18ھين ترميم ۽ اين ايف سي تي تنقيد ڪندڙن کي اھو سمجھڻ گھرجي ته اسان انھي ترميم کانپوءِ عليحدگي پسند ۽ غيرملڪي سازشن کي ختم ڪري ڇڏيو آھي، هن چيو ته وفاقي آئيني عدالت ٺاهڻ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي آهي، نواز ليگ جون 27هين ترميم ۾ گهڻيون خواهشون هيون، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم سان گڏ انتظامي مئجسٽريٽن جو نظام واپس آڻڻ، تعليم ۽ پاپوليشن کاتا صوبن کان واپس وٺڻ شامل هئا وفاقي حڪومت جي خواهش هئي ته اين ايف سي ۾ صوبن کي مليل آئيني تحفظ ختم ڪيو وڃي، اهڙي ئي طرح جون ٻيون گهڻيون تجويزون هيون، پيپلزپارٽي صوبن جو آئيني تحفظ بچائي ورتو، جيڪڏهن آئيني تحفظ ختم ٿي وڃي ها ته سڀ کان وڏو نقصان پنجاب کي ٿئي ها، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان کي به نقصان ٿئي ها، بلاول ڀٽو چيو ته سمورا سياسي ۽ آئيني معاملا وفاقي آئيني عدالت ۽ ڪرمنل معاملا سپريم ڪورٽ ڏسندي، جنهن جو فائدو عوام کي ٿيندو، اميد آهي ته وفاقي آئيني عدالت عوام جو اعتماد قائم رکندي ۽ ڊيم ٺاهڻ، غريب ماڻهن جا گهر ڊاهڻ، ٽماٽن ۽ سموسن جي قيمت طئه نه ڪندي، اميد آهي ته وفاقي آئيني عدالت جمهوري حڪومت ختم ڪري وزيراعظم کي گهر ڀيڙو نه ڪندي.ـ ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ طرف سنڌ جي حوالي سان ڀارتي وزير دفاع غلط انداز ۾ ڳالھائي ٿو ٻئي پاسي وري پاڪستان کي افغانستان سان ويڙهايو پيو وڃي، اسان کي خبر آھي ته پاڪستان جي سمورن صوبن جا رهواسي پاڻ ۾ ڀائر آھيون، اسان سڀ گڏجي مودي جو مقابلو ڪنداسين، ھن چيو ته اسان صوبائي خومختياري ۾ يقين رکون ٿا، اسان ملڪ کي سڀ کان وڏي معاشي بحران کان بچائڻ چاھيون ٿا، ڪورنگي ۾ پ پ پاران ڪوٺايل جلسي کي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھم صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻين خطاب ڪيو ، ان موقعي تي 58ھين يوم تاسيس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.