| 18هين ترميم تي عمل نه ٿيو، صوبا کاتن کان محروم، جاچ ڪميٽي قائم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس، ارڙهين آئيني ترميم تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ ۽ صوبن ڏانهن منتقل ڪيل وفاقي وزارتن ۽ ادارن جي ٻيهر بحالي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ان معاملي جي جاچ لاءِ ذيلي ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس جي صدارت ڪاميٽي چيئرمين بريسٽر ضمير حسين گهمرو ڪئي، جڏهن ته پونجو ڀيل ۽ سينيٽر جان بليدي شرڪت ڪئي. سينيٽر ضمير حسين گھمرو چيو ته 30 جون 2011ع کانپوءِ صوبائي معاملن سان لاڳاپيل وفاقي وزارتن جو ٻيهر قيام آئين جي روح جي ابتڙ آهي. تعليم، صحت، قومي غذائي تحفظ، ثقافت، موسمياتي تبديلي، سماجي بهبود، هائوسنگ، اي او بي آءِ، متروڪه وقف املاڪ، زڪوات ۽ عشر سميت ڪيترائي شعبا آئيني طور صوبن جي دائري اختيار ۾ اچن ٿا. هن چيو ته وفاقي حڪومت آئين موجب محدود وزارتن بدران وزارتن جو انگ وڌائي 31 ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب وفاقي خرچن ۾ غيرمعمولي اضافو ٿيو آهي. ڪاميٽي 2 ڊسمبر 2010ع، 15 اپريل 2011ع ۽ 29 جون 2011ع جي نوٽيفڪيشنن تي عملدرآمد ۽ انهن جي مبينا ڀڃڪڙين جو جائزو وٺڻ لاءِ ذيلي ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪابينا ڊويزن کي هدايت ڪئي وئي ته آئيني دائري کان ٻاهر قائم وزارتن بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سينيٽر پونجو ڀيل چيو ته ڪابينا ڊويزن کي اهڙيون وزارتون ختم ڪرڻ گهرجن.سينيٽر جان محمد بليدي چيو ته ذيلي ڪاميٽي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي غيرفعال بڻائڻ وارن معاملن جو پڻ جائزو وٺي. اجلاس دوران اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران منتقل ڪيل شعبن ۾ ڀرتين بابت بريفنگ ڏني وئي، ڪاميٽي چيو ته نيون ڀرتيون روڪيون وڃن ۽ ٻن هفتن اندر سمورين ڀرتين جا تفصيل ڏنا وڃن، ڪاميٽي ارڙهين ترميم تحت تيل ۽ گيس جي آمدني ۾ صوبن جي حصي جو به جائزو ورتو. سينيٽر ضمير گھمرو چيو ته وفاق پنهنجو حصو حاصل ڪري رهيو آهي، پر صوبن کي سندن آئيني حق مڪمل طور نٿا ڏنا وڃن، جنهن سبب احساس محرومي وڌي رهي آهي. ڪاميٽي گذريل 16 سالن دوران صوبن کي ڪيل ادائيگين جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا. ڪاميٽي چيو ته صنعت، شماريات، پيٽروليم، ريلوي، بين الصوبائي رابطا، منصوبابندي ۽ ترقي ۽ واپڊا جهڙن شعبن تي وفاقي وزارتن جو سڌو انتظام آئيني گهرجن موجب ناهي.