ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران تازو 18هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 25 ڪامورن کي پوسٽنگ ملي وئي
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عبدالمجيد زهراڻي ۽ فياض مهيسر کي تعليم، ڪريم ميمڻ کي ٽرانسپورٽ، نثار عباسي کي پارلياماني مامرا ، زاهد جوڻيجو کي صحت، احمد علي سومرو کي سيڙپڪاري، نور الدين هنڱورجو کي مڪاني ادارن ۽ نور مصطفيٰ لغاري کي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو
فهيم چاچڙ جون خدمتون صحت کاتي جي پراجيڪٽ حوالي ڪيون ويون، جهانگير شاھ کي ڊي سي آفيس ملير ۾ پي اينڊ ڊي جو ضلعي آفيسر مقرر ڪيو ويو
خالد محمود کي سروسز کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري اپيل، سميع الله پٺاڻ کي ڊي سي سائوٿ جي آفيس ۾ ضلعي آفيسر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ اعجاز رند کي اي ڊي سي 2 ڪراچي طور مقرر ڪيو ويو جتان اسد الله کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو
جڏهن ته عبدالجبار راجپوت کي تعليم کاتي جي ڊي جي مانيٽرنگ آفيس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، دلشاد عمراڻي کي شهيد بينظيرآباد جي ڪمشنر آفيس ۾ پي اينڊ ڊي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو