| 18ھين عالمي اردو ڪانفرنس ڪراچي ۾ شروع: عالمي مشاعرو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ چئن ڏينهن واري 18ھين عالمي اردو ڪانفرنس شروع، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري افتتاحي تقريب ۾خطاب ڪندي چيو آهي ته اردو رابطي جي ٻولي آھي، پاڪستان کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ به انهي جي اهميت آهي، ھن پي آءِ اي جي نجڪاري سميت معاشي ترقي کي اجاگر ڪندي چيو ته جيڪي ملڪ جا ادارا عوام تي ٻوجهه آھن، انهن جي نجڪاري جو ھر ھفتي فيصلو ٿيندو، هن چيو ته ملڪ جي نوجوانن جو مستقبل اسان جي هٿن ۾ آهي، غرور، نفرت ۽ حسد کي ختم ڪري اڳتي وڌڻو پوندو، هوڏانهن رات دير تائين جاري مشاعري ۾ ناميارن شاعرن اسد محمد خان، پيرزاده قاسم، رضا صديقي، نورالهديٰ شاهه، مصطفيٰ قريشي، طارق رفيع، اصغر نديم سيد، حفيظ خان، ثروت محي الدين، اعجاز فاروقي، هما مير، ناصر عباس نيئر، يوسف خشڪ، غازي عباسي، مظهر الدين لفظن جي ڀيٽا ڏني، اڄ پڻ مختلف سيشن ٿيندا.