18 اپريل تي حيدرآباد ۾ ”پاڪستان کپي“جلسي جو اعلان: وزيراعظم صاحب! عوام چوي ٿو ڪئنال نامنظور ته پيپلز پارٽي توهان سان نه بيهندي: بلاول
اپريل 5, 2025
نئون ديرو/لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو+ شاهه محمد لاشاري+ نويد لاڙڪ+ نورمحمد سومرو) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جلسي جي مک تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر سال اسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ گڏ ٿي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندا آهيون، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پارٽي جي ڪارڪنن هن جهنڊي ۽ علم کي بلند رکي نسل در نسل اسان جو ساٿ ڏنو آهي، اسان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا علمبردار آهيون، مان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيان ٿو جن 46 سالن کان جدوجهد جاري رکندي جهنڊي کي بلند رکي اسان جو ساٿ ڏيندا پيا اچن، مان توهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته اسان هڪ ٻي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پهريون پاڪستان بڻجي چڪو آهي، جنهن کي نشان پاڪستان جو اعزاز حاصل آهي، صدر آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڙهي خدابخش ڀٽو سان پنهنجو فرض نڀايو آهي، صدر زرداري صدارتي ريفرنس جي ذريعي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏياريو، عوام جي عدالت ۽ تاريخ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بيگناهه قرار ڏنو هو پر اسان کي 50 سال لڳا جدوجهد ڪندي ۽ قانون جي عدالت به شهيد ڀٽو کي بيگناهه ثابت ڪيو، قانونسازي ۽ آئين سازي سياست جي لحاظ کان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 1973ع جي آئين کي صدر آصف علي زرداريءَ کي 18 هين ترميم جي ذريعي آئين کي بحال ڪري صوبن کي حق ڏياري قائد عوام جي واعدي کي پورو ڪيو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي صورت ۾ غربت جي مقابلي، روٽي ۽ ڪپڙي جو واعدو هو اهو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي صدر زرداري پورو ڪري رهيو آهي انهن تاريخي ڪاميابين جي ڪري شهيد ڀٽو جا مڃيندڙ صدر زرداري جا ٿورائتا آهن، ان جو نالو تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، صدر زرداري پنهنجي ڪردار ۽ ڪاميابي جي ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اُهو فيصلو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي جي قيادت صدر زرداري کي ڏني هئي، صدر زرداري اها ذميواري نڀائي، تاريخ ثابت ڪيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صحيح فيصلو ڪندي پيپلز پارٽي جو جهنڊو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هٿ ۾ ڏنو هو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انقلابي فيصلو ڪيو، هن روايتن کي ڇڏي پنهنجي ڌيءَ کي سياسي جانشين بڻايو ۽ اڄ اسان فخر سان چئون ٿا ته ڪالهه به ڀٽو زندهه هو اڄ به ڀٽو زنده آهي، شهيد ڀٽو کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار آهي، شهيد محترمه پنهنجي والد جي مشن ۽ نالي کي زندهه رکي، پيپلز پارٽي جي تاريخ ۾ اها تاريخ رهي آهي جيڪا اسلام جي تاريخ ۾ بي بي زينب جي رهي آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو هر هنڌ پنهنجي للڪار، آواز، ڪردار، محنت، جدوجهد ۽ قرباني سان والد جي علم کي بلند ۽ نالي کي زندهه رکي ڀٽو ڀٽو کي سڀني کي ڀٽو بڻائي وئي، 4 اپريل 1979ع کان هر ڏينهن عوام پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪارڪن هتي گڏ ٿي قائد عوام کي خراج عقيدت پيش ڪري پنهنجي سياسي منزل طئي ڪندا آهن، انسان پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي وڏن جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ دڳ ٺاهڻ لاءِ ئي ڪري سگهي ٿو، شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين، ايٽم بم جو تحفو، جمهوريت، هارين ۽ مزدورن کي حق ڏئي، عوام کي ترقي ڏياري، اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۽ ڪاميابين تي فخر ڪندا آهيون جنهن ٻن آمرن سان ٽڪرائي دنيا جي پهرين مسلمان عورت وزيراعظم بڻي، جمهوريت بحال ڪري عوام ۽ غريب، هارين ۽ عورتن ۽ مزدورن جي آواز بڻي، اسان صدر زرداريءَ جي جدوجهد ۽ ڪاميابين تي فخر ڪندا آهيون، 18 هين ترميم جي صورت ۾ قائد عوام جي آئين کي بحال ڪري اين ايف سي ۾ صوبن کي مالي وسيلا ڏئي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو واعدو پورو ڪري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي انصاف ڏياريو، اسان جي وڏن جي جدوجهد ۽ ڪاميابين جي ڪري اسان ۽ توهان جيڪو حاصل ڪيو آهي مان ان تي به فخر ڪندو آهيان، صدر زرداريءَ جي 18 هين ترميم جي ڪري سنڌ صوبو صحت جي شعبي ۾ ٻين صوبن کان اڳتي آهي ۽ اسان پوري صوبي ۾ مفت علاج جو ڄار وڇايو ان ۾ اين آءِ سي وي ڊي عالمي معيار تي دل جو علاج ٿئي پيو ان ۾ سکر سميت ٻين ضلعن جي عوام جو علاج ٿئي ٿو، عوام کي پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ رليف ملندو آهي، جگر جي علاج لاءِ صوبي ۽ ملڪ جي عوام کي هندوستان وڃڻو پوندو هو پر اهو علاج هاڻِ گمبٽ کان ڪراچي مفت ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ چئني صوبن کان سنڌ اچي ماڻهو علاج ڪرائن پيا جيڪا پيپلز پارٽي ۽ عوام جي ڪري آهي، سنڌ حڪومت سرسو ۽ پيپلز ۽ پاورٽي پروگرام جي ذريعي 10 لک عورتن کي بنا وياج قرض ڏئي معاشي طور مضبوط ڪري غربت سان وڙهي رهي آهي پر تاريخي منصوبو پيپلز هائوسنگ انيشيٽو اسڪيم آهي، جنهن تحت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ گهر ٺهي رهيا آهن، شهيد ڀٽو عوام کي زمين جو مالڪ بڻايو ۽ مان 20 لک خاندانن کي گهر ڏيڻ سان گڏ زمين جو مالڪ به بڻائي رهيو آهيان. هن چيو ته هڪڙو ماڻهو هو جنهن 10 لک گهرن جو خواب ڏيکاريو پر اسان 20 لک ٺاهي رهيا آهيون هي منصوبو نه صرف پاڪستان جو پر پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گهر ٺاهڻ جو منصوبو آهي جيڪو منصوبو پيپلز پارٽي ٺاهي رهي آهي جنهن سان نه صرف اسان عوام کي معاشي طور مضبوط ڪري ايندڙ قدرتي آفتن کان محفوط بڻائي رهيا آهيون پر گڏوگڏ 20 لک گهر ٺاهي 10 لک روزگار جا به موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، هن منصوبي جي ذريعي اسان جي ڪوشش آهي ته عورتن جي نالي اهي گهر ۽ زمينون ڪيون ته جيئن عورتن کي بااختيار بڻايون ۽ هن وقت عورتن جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ کلي رهيا آهن جنهن سان عورتون بااختيار ٿينديون، اسان هي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان سکيو اسان سياست کي عبادت سمجهيو آهي نه ڪي نفرت ۽ ويڙهائڻ جي سياست ڪئي آهي، اسان عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين، هي منصوبو ان ڪري ممڪن ٿيو ته مان ٻوڏ دوران توهان جو پرڏيهي وزير هيس ۽ پوري دنيا کي قائل ڪيو ته موسمي تبديلي جي ڪري اسان جو جيڪو نقصان ٿي رهيو آهي ان ۾ اسان جو قصور نه پر توهان جو قصور آهي جنهن ڪري اسان جا ماڻهو ٻڏي رهيا آهن ۽ تاريخ ۾ سڀني کي گڏجي ويهاري چيو ته پوري دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ آهي، مان چين، يورپ سميت ٻين هنڌن تي ويس ۽ پوري دنيا اسان جي مدد ڪئي، اسان وفاق کي مڃائي ته هي تاريخي قدرتي آفت آهي، هي هڪ ماڻهو، صوبائي حڪومت يا ملڪ مقابلو ڪري نه ٿو سگهي، سڀئي مقابلو ڪري ماڻهن کي بچائيندا، مان پوري دنيا ۽ وفاقي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جيڪي هن منصوبي تي اسان جو ساٿ ڏئي رهيا آهن ۽ هي منصوبو ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان جي جيڪا ذميواري هوندي آهي اسين ان ذميواري کي پورو ڪندا آهيون، مان پرڏيهي وزير بڻيس ته اقوام متحده ۾ اسلامو فوبيا ۾ اقوام متحده جي سيڪريٽري جي موجودگيءَ ۾ بحث ڪرايو ته پوري دنيا ۾ مسلمانن سان ظلم ٿي رهيو آهي ان خلاف آواز اٿاريو، اسان پاڪستان کي فيٽف جي شرطن مان ڪڍي جي پي ايس پلس مان بچايو، موسمي تبديلي جي جنگ جنهن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ شامل آهي اها جنگ مان پرڏيهي وزير طور عالمي سطح تي پاڻي جو ڪيس وڙهي آيو آهيان ته اسان کي سنڌوءَ کي بچائڻو آهي، ان وقت ٻيا سڀ سمهي پيا هئا اسان کي سنڌو کي فعال، بحال ۽ صحتياب ڪرڻو آهي، اچو پاڪستان جو ساٿ ڏيو، هي جيڪو هڪ زماني ۾ مائٽي انڊس چيو ويندو هو ان کي اسان کي بچائڻو آهي، مان دنيا جو شڪرگذار آهيان ته هو اسان جي ڳالهه مڃي ويٺا آهن ته اسان کي مالي طور تي انڊس بيسن کي فعال ڪرڻ ۾ مدد ڪندا، هو اسان کي ٽيڪنالاجي جي طور تي انڊس کي بچائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيندا، پرڏيهي وزير هيس ته هندوستان پاڻي تي هڪ طرفا فيصلا ڪندو هو ان وقت مان هندوستان جو مقابلو ڪندو هيس ۽ ڪندو رهندس، ساحلي علائقن ۽ پڇڙي وارن جو حق ۽ عوام جو ڪيس آهي اهو اسان عالمي دنيا ۾ کڻي وڙهندا پيا اچون، مان ائين نه چيو ته مان متفقه آئيني ترميم ڪري آيو آهيان، ماحولياتي حق ۾ پاڻي ۽ ٻيا منصوبا آهن اهي اڳ نه هئا انهن کي اسان آئين ۾ شامل ڪيا اهي هاڻي پيپلز پارٽي حق ڏياريا، اسان عوام جي پراڻي شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جو به ڪيس کٽيو، قائد عوام جي عدالتي قتل کان پوءِ اسان آئيني عدالت قائم ڪرئي جيڪا شڪايت اسان شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل ڪيس ۾ ٻڌي هاڻي اهي شڪايتون ٻڌڻ ۾ نه اينديون، آئيني عدالتن ۾ چئني صوبن جي برابر نمائندگي هوندي، جتي ماضيءَ جي ڪاميابين تي فخر ڪندا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، اسان مٿان اِهو به فرض آهي ته اسان اڄ جي موجوده مسئلن سان منهن ڏيون، پاڪستان تاريخي مسئلن مان گذري رهيو آهي، پ پ پ جو هر نمائندو ڪارڪن کان قيادت تائين اسان جي ذميواري آهي ته اسان عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون پر اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي قومي اسيمبليءَ ۾ ٽئين سياسي طاقت آهي، اسان شايد 100 سيڪڙو پنهنجي مرضي حاصل نه ڪيو پر اسان مثبت سياست تي يقين رکون ٿا جنهن سان ئي اسان عوام جي نمائندي ڪري سگهون ٿا، پاڪستان هن وقت هر طرف مسئلن جو شڪار، معاشي بحران، دهشتگردي عروج تي آهي، بين الاقوامي سطح تي سازشون جاري آهن ته جيئن پاڪستان کي نقصان پهچي ۽ اندروني سياست ان نهج تائين پهتي آهي جنهن سان پوري معاشري کي نقصان ٿي رهيو آهي، هي نفرت ۽ ورهاست واري سياست اسان جي ايندڙ نسلن کي نقصان پهچائي رهيا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ڇا آپشن آهي؟ ڇا اسان کي به ان ئي نفرت ۽ ورهاست جي سياست يا اميد، يڪجهتي ۽ مثبت سياست ڪرڻي آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان کي مثبت سياست سيکاري آهي جيڪا اسين ڪندا پيا اچون ۽ ڪندا رهنداسين، پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه دهشتگردي خلاف آواز اٿاريو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو دهشتگردي خلاف سڀ کان وڏي آواز هئي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪندي پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي قرباني ڏني آهي، بين الاقوامي سازشن ۽ ملڪ جي غلطين جي ڪري دهشتگردي جي ٻي لهر بلوچستان کان وٺي ڪي پي ڪي تائين عروج تي آهي جتي اسان جون اندروني ڪمزوريون آهن انهن کي درست ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور ۽ ايجنڊا ۾ ماضيءَ ۾ به رهيون آهن ۽ اڄ به موجود آهي ۽ ان تي اسان ڪم ڪندي احساس محرومي کي دور ڪري پٺتي پيل علائقن کي ترجيح ڏيڻ، صوبائي خودمختياري تي صحيح معنيٰ سان عمل درآمد ڪرڻ، جمهوريت ۽ انساني حقن کي فعال ڪري مضبوط ڪرڻ سان ئي اسان هي نظرياتي جنگ کٽي سگهون ٿا، هن وقت فوري طور اسان کي انهن درندن جو مقابلو ڪرڻو آهي جيڪي پاڪستان جي عوام جي خون سان هولي کيڏي رهيا آهن پنهنجي سياسي منزل حاصل ڪرڻ ۽ بين الاقوامي سهولتڪارن جي ذريعي سازشن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پاڪستان جي عوام کي شهيد ڪيو پيو وڃي. ڪي پي ڪي ۾ رمضان جي مهيني ۾ ڪنهن مسجد ۾ مسلمان عبادت ڪندا آهن ته خودڪش حملي سان ماڻهن کي شهيد ڪيو ٿو وڃي ۽ بلوچستان جي غريب مظلوم ماڻهن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ٿو وڃي، اسان جي قائدين کي لياقت باغ جي روڊن تي خودڪش حملن ۾ شهيد ڪيو ٿو وڃي، ڪراچيءَ ۾ بلوچستان جي ڀينرن کي خودڪش بڻائي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري اسان جي مهمانن تي حملي جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، دهشتگرد ڪڏهن مذهب، قومپرستي ۽ عليحدگي پرستي جي پٺيان لڪندا آهن اصل ۾ دهشتگردي جو ڪو مذهب يا قوم ناهي هوندو، هي رانديڪا ۽ پيشيور قاتل جيڪي هر هنڌ موجود هوندا آهن جيڪي پنهنجي قوم ۽ مذهب کي عالمي طاقتن کي وڪرو ڪري انهن جي طاقت ۽ پئسي تي پنهنجي ئي مذهب ۽ قوم جي ماڻهن کي قتل ۽ شهيد ڪن ٿا، دهشتگردن خلاف اسان اڳ به مقابلو ڪري شڪست ڏني آهي ۽ اڄ به عوام سان ملي ڪري شڪست ڏيارينداسين، اسان کي سياسي طور، بين الاقوامي سطح تي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين، دهشتگرد هاڻي پاڪستان جي عوام سان جنگ جوٽي چڪا آهن، اسان کي هن هڪ پوائنٽ ۽ ايجنڊا تي ته اسان کي پنهنجي عوام کي تحفظ ڏيارڻو آهي ۽ بيگناهن جي قتل جو جواب ڏيڻو آهي، اسان کي پنهنجي سياسي اختلافن کي هڪ حد تائين ختم ڪرڻو پوندو، ائين ته اسان کي هزار شڪايتون وفاقي، صوبائي، پوليس ۽ فوج سان شڪايتون هونديون جيڪي شڪايتون اسان ڪندا رهنداسين اسين محبت وطن پاڪستاني آهيون جيڪو اسان جو حق آهي پر جتي هن دهشتگردن جو مقابلو ڪري کين جواب ڏيڻ جي ڳالهه آهي اتي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو هر ڪارڪن پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي، جتي هڪ طرف پاڪستان جي ڳالهه آهي، هڪ طرف پاڪستان جو جهنڊو هجي ۽ ٻئي طرف موت جا ڪاروباري درندا ۽ پيشيور قاتل هجن جيڪي اسان جي بيگناهه شهرين، عورتن، ٻارن ۽ مزدورن کي قتل ۽ شهيد ڪن ٿا ته ٻئي طرف هي دهشتگرد بيٺا هجن ته نه صرف پاڪستان پيپلز پارٽي پر هر محب وطن جي ذميواري آهي ته هن جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻو آهي، هن وقت حڪومت ۽ وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم جو اهم ڪردار هوندو آهي، اسان بطور پيپلز پارٽي هن محنت ۽ ڪوشش ۾ ساٿ ڏينداسين پر گڏوگڏ اسان مخالف ڌر کي اپيل ٿا ڪيون ته هو به پنهنجو ڪردار ادا ڪن باقي انهن جا ڪهڙا به معاملا هجن، قيدي نمبر 804 جيڪو به هجي سياست انهن جو حق آهي اهي ڪن پاڪستان پيپلز پارٽي اعتراض نه ڪندي پر جتي پاڪستان جو دهشتگرد ۽ بين الاقوامي سازشن جي ڳالهه آهي ته مخالف ڌر کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ڪا هڪ جماعت يا صوبو دهشگردن ۽ عالمي قوتن جو مقابلو ڪري نه ٿي سگهي جيڪڏهن اسان هڪ ٿي وينداسين ۽ هڪ ٿي متحد ٿينداسين ته انشاءَ الله اسان هنن کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين. هن چيو ته عوام جي ترقي معاشي ترقي سان ڳنڍيل آهي جتي عوام کي بيروزگاري ۽ غربت جي لڪير کان ڪڍڻ جو مسئلو آهي حڪومت دعويٰ به ڪري رهي آهي پر اسان حڪومت جي انهن ڪاميابين کي ڀليڪار ڪندي اميد ٿا ڪيون ته ان سان عوام کي رليف ملي ۽ عوام کي روزگار جا موقعا ڏنا وڃن، اسان محدود وسيلن جي ذريعي عوام کي رليف فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته ماڊرن ٽيڪنالاجي استعمال ڪري سنڌ جي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري پر ان ۾ وفاق جي ترجيح جي ضرورت آهي ته پاڪستان جي عوام جو اِهو مطالبو آهي جتي حڪومت مهانگائي کي قابو ڪيو آهي ائين روزگار جو به بندوبست ڪرڻو پوندو جيڪا حڪومت جي ذميواري آهي ته جيئن هو روزگار جا موقعا فراهم ڪري، اسان چاهيون ٿا ته ٿرپارڪر جي ماڊل وانگر ترقي ٿئي جتي ڪوئلي جي منصوبي ۾ ڪمپنين کي حصيدار بڻايون جنهن سان مقامي ماڻهن کي فائدو پهچي ۽ اسان ٿرپارڪر ۾ زور ڏنو ته اتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻو آهي اسان جنهن نموني ٿرپارڪر ۾ انقلاب آندو آهي جتي عورتون ٽرڪ ڊرائيور کان انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن ۽ اهڙي طرح اسين پوري پاڪستان ۾ ترقي چاهيون ٿا، اسان حڪومت سان ويهي ڪوشش ڪئي ويندي ته پٺتي پيل علائقن جي ترقي ٿئي ۽ حڪومت اسان سان طئي به ڪيو هو ته چئني صوبن جي پي ايس ڊي پي مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي گڏجي ٺاهيندا، مان خاطري ٿو ڪريان ته مشاورت کان بغير ووٽ نه ڏينداسين ۽ حڪومت سان گڏجي ويهي پي ايس ڊي پي بجيٽ ٺاهينداسين، اسان جي هميشه مثبت سياست تي زور ڏنو آهي ۽ ان سان عوام جي مسئلن جو حل ڪڍنداسين، اسان هميشه وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، صوبن کي حق ڏنا آهن جيڪي حق تاريخ ۾ ٻين ڪو نه ڏنا، ون يونٽ کان پوءِ شهيد ڀٽو جي آئين جي نتيجي ۾ چار صوبا ٺهيا ۽ اين ايف ڊبليو پي به ٺهيو، هن وفاق کي پيپلز پارٽي جي ڪارڪن رت ۽ پگهر جي قرباني سان جوڙي ۽ بچائي رکيو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو چئني صوبن جي زنجير هئي، مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پٽ آهيان، مان هميشه وفاق سان گڏ بيهي هر سازش کي ناڪام بڻائيندو رهندس، اسان ته پاڪستان کپي چوڻ وارا آهيون، پاڪستان نه کپي نه کپي چوڻ وارا ناهيون، هي دهشتگرد پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهن ٿا، سوات مان پاڪستان جي جهنڊي کي لاهڻ چاهن پيا پر شهيد بي بي واعدو ڪيو ته هو سوات ۾ پاڪستان جو جهنڊو لهرائيندي ۽ اهو ڪم پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪري ڏيکاريو، اسان پنهنجي شهيدن کي دفنائي پاڪستان کپي جو نعرو هڻندا آهيون، اڄ جيڪڏهن پاڪستان جي ڪنهن ڪنڊ کان کين اِهو خواب اچي ته کين پاڪستان جو جهنڊو لاهڻو آهي ته کين سڀ کان پهريان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جو مقابلو ڪرڻو پوندو، هي دهشتگرد ڪڏهن مذهب ۽ عليحدگي پسند جي نالي تي ملڪ کي ٽوڙڻ چاهن ٿا اسان پاڪستان کپي سان انهن کي جواب ڏينداسين، جيڪي پاڪستان جي معاشي ترقي روڪي عوام کي معاشي ترقي ڏيارڻ ۾ رڪاوٽ بڻجن پيا اسان انهن جي به سازشن کي ناڪام بڻائينداسين، جيڪي پاڪستان جي وفاق کي نقصان پهچائڻ، بلوچستان جي حالتن جو فائدو وٺي اسان جي ملڪ، پاڪستان ۽ وفاق کي نقصان پهچائڻ چاهن ٿا، جيڪي ڪي پي ڪي ۾ دهشتگرد ۽ خوف ڦهلائي اتان جي حالتن کي بگاڙڻ چاهي پاڪستان کي نقصان پهچائي ٽوڙڻ چاهن پيا، جيڪي پنجاب جي پٺتي پيل علائقن جي محرومين کي استعمال ڪري نقصان پهچائڻ چاهن ٿا، جيڪي سنڌ ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪرڻ چاهن ٿا، مان سياسي ۽ غيرسياسي قوتن کي ٻڌائي خبردار ڪرڻ ٿو چاهيان انهن کي به پاڪستان پيپلز پارٽي جواب ڏئي انهن جي رستا روڪ ڪندي. هن چيو ته پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ جي ڳالهه هجي ان لاءِ اسان جي تاريخ توهان جي سامهون آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو تڪراري ڊيم منصوبي کي روڪي ڇڏيائين، ان وقت شهيد محترمه بينظير ڀٽو حڪومت ۾ نه هئي پر سڀ کان پهريان آواز لاهور جي جيالن اٿاريو ته پوءِ سڀ کان پهريان ميدان تي لاهور جو جهانگير بدر لٿو، تاريخ جڏهن لکي ويندي ته هن منصوبي کي ڪيئن روڪيو ويو ته ان ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ لڳل ڌرڻي جو به ذڪر ٿيندو، اهو ڌرڻو لاهور کان نڪتو، اهو ڪير هيو جنهن اعلان ڪيو ته اسان هن منصوبي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي اها شهيد محترمه بينظير ڀٽو هئي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڊيم منصوبي کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ ان وقت جي پاڻي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف اعلان ڪيو ته هي منصوبو دفن ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ڪئنالن جي مخالفت، پاڪستان پيپلز پارٽي ئي اڪيلي سِر پاڻي جي منصفاڻي ورڇ پوري پاڪستان ۽ عالمي سطح تي پاڻي جو ڪيس وڙهي رهي آهي، هي ڪير ٿيندا اسان کي سيکارڻ وارا، مان موهن جو دڙو مان آهيان، اسان کي ٻيو ڪجهه نه ٿو اچي، اسان هزارين سالن کان نسل در نسل اسان کي هڪ ئي ڪم ايندو آهي ته درياهه سان گڏ رهي پوک ڪرڻي آهي، هي جدوجهد ڪالهه جي نه پر هي جدوجهد مشرف ۽ عمران خان جي دور ۾ تڪراري ڪئنالن جي هڪ طرفي منظوري کان هلندي پئي اچي، تنهن ڪري پيپلز پارٽيءَ جو هر ڪارڪن چوندا آيو آهي ته سنڌوءَ تي درياهه نامنظور، اسان ماضيءَ ۾ به ارسا جي رپورٽ جي مخالفت ڪندا پيا اچون ته سالن کان وٺي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کان علاوه پنجاب ۽ بلوچستان جي پاڻي کوٽ بابت ڇا ٿا چون، هن وقت پنجاب جو هاري پوري دنيا ۾ مشهور آهي، پنجاب جي هارين جي هارين جون پنهنجون شڪايتون آهن ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري جيڪڏهن اسان پاڻي هتان کڻنداسين ته جنوبي پنجاب جي هارين کي نقصان ٿيندو، هي هاڻي کان نه پر پهريان جا اعتراض آهن، مشرف يا عمران خان يا موجوده دور هجي اهڙو ڪو فورم يا مورچو نه رهيو آهي جتي مون کان وٺي منهنجي جيالن ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل نمائندن ۽ صدر پاڪستان تائين هي جدوجهد ڪندا پيا اچون، سڀ کان پهريان ڪئنالن خلاف مان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي آواز اٿاريو، هنن کي اڄ ياد اچي وئي آهي، اسان اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنسون ڪيون، نئون ديرو ۽ رتوديرو ۾ صاف پاڻي جي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي چيو هو ته اسان ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين، 27 ڊسمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن اسان سڀني ملي ڪري هڪ طرفي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، ان کان پوءِ جنوريءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ اسلام آباد ۾ پارٽي جي ميٽنگ ۾ پڌرائي ٿئي ٿي ته اسين حڪومت وقت کان ناراض آهيون هڪ سال ٿي چڪو آهي، اسان حڪومت ۾ شامل نه ٿياسين ۽ وزارتون نه ورتيوسين تنهن ڪري ڪو اعتراض يا اختلاف راءِ ته هوندو ان وقت هي سڀ ننڊ ستل هئا اسان چيو ته ڪئنالن جو فيصلو هڪ طرفو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي ان کي سپورٽ نه ڪندي، صدر پاڪستان پارليامينٽ جي جوائنٽ سيشن ۾ پوري دنيا کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جو سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري هڪ طرفي فيصلي جي مخالفت ڪيان جيڪو وفاق کي نقصان پهچائي رهيو آهي پر هي اُهي قوتون آهن جن کي زرداري فوبيا آهي انهن کي هر شيءَ جي پٺيان زرداري نظر ايندو آهي. انهن کي صدر زرداري کان ايترو خوف آهي جو کين ننڊ ۽ خواب ۾ به صدر زرداري نظر ايندو آهي هي اٿندا ۽ رڙيون ڪندا آهن ته صدر زرداري جيڪي سياسي يتيم آهن، صدر زرداري جو صرف پاڪستان کپي جي نعري هنن جي پاڪستان نه کپي جي نعري کي دفن ڪري ڇڏيو آهي اهو وفاق تي ڪيئن سودو ڪري سگهي ٿو اهو ممڪن ئي ناهي، اسان کي نفرت ۽ ورهاست واري سياست کي جواب ڏيڻو پوندو، چار صوبا چار ڀائر آهن جيڪي گڏجي فيصلا ڪن ته سڄي دنيا جي طاقت به ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي ۽ بين الاقوامي سازشن کي ختم ڪري سگهنداسين جيڪا سازش ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪنهن صوبي ۾ شامل آهي ته جيئن وفاق کي صوبن ۽ هڪ صوبي ئي ٻئي صوبي سان ويڙهايون پر انشاءَ الله پاڪستان پيپلز پارٽي انهن سمورن سازشن کي ناڪام بڻائيندي، اسان پاڪستان کپي جو نعرو کڻي ڪري هر ڊويزن ۾ وڃي انقلابي شهر حيدرآباد ۾ پهرين جلسي کان شروعات ڪري وفاق ۽ پاڪستان کي بچائي هر سازش کي ناڪام ڪنداسين، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا جيالا هر وقت ۽ هر دور ۾ تيار هوندا آهن، 18 اپريل تي توهان کي پاڪستان کپي جو نعرو هڻي وفاق ۽ پاڪستان کي بچائي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کي جواب ڏيڻ ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ مون سان گڏ حيدرآباد اچڻو آهي، عوام ماضيءَ ۾ هر سازش کي ناڪام بڻايو ۽ هاڻي به عوام هر سازش کي ناڪام بڻائيندو، مون کي خبر آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي منشور ۽ اصولن موجب سياست ڪندي پئي اچي ۽ حڪومت ۾ ويٺل جيڪي جماعتون آهن انهن کي خبر آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه قومي مفادن کي ترجيح ۽ قربانيون ڏنيون پر قومي مفادن کي هميشه ترجيح ڏني، اڄ قومي مفادن ۾ چئني ڀائرن کي ڀاءُ ٿي رهڻو آهي ته پوءِ جيڪو هڪطرفو منصوبو ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو آهي ان تي اسان جو حڪومت وقت، وزيراعظم کان مطالبو آهي ته سنڌ، جنوبي پنجاب، پنجاب جي عوام جي آواز کي ٻڌي پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ اسان جو حق آهي، اسان پاڪستان کپي چوڻ وارا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته هر اُها پاليسي جنهن سان وفاق کي نقصان ٿي رهيو آهي اها پاليسي واپس ورتي وڃي ان تي اسان جو زور ۽ مطالبو هوندو ته شهباز شريف صاحب هي عوام جو مطالبو آهي ته عوام جو ڇا چوڻ آهي جيڪڏهن عوام چئي پيو ته نوان ڪئنال نامنطور آهي ته پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان گڏ بيٺي هوندي يا توهان سان گڏ بيٺي هوندي، مان حڪومت جو شڪرگذار آهيان ته ڪئنالن بابت ايڪنڪ جي منظوري کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعتراضن جي تحت جاري ناهي ڪيو پر هي منصوبو ايترو ته تڪراري بڻجي چڪو آهي جنهن تي پاڪستان پيپلز پارٽي اوهان کي خبردار ڪندي پئي اچي ۽ توهان کي اهڙي قسم جو غيرذميواري فيصلو ڪرڻ نه ڏيندي جنهن سان پاڪستان ۽ وفاق کي نقصان پهچي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن سان گڏجي اهي قوتون جيڪي وفاق ۾ دوريون ۽ هڪ ڀاءُ کي ٻئي ڀاءُ سان ويڙهائڻ چاهن ٿا انهن کي اسان ۽ توهان کي جواب ڏيڻو آهي، اڄ اسان ۽ توهان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آواز آهيو ۽ اها آواز بڻجي دهشتگردن جو مقابلو ڪري پاڪستان جي غريب ماڻهن جي نمائندگي ڪندي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ تي هر هنڌ آواز اٿارڻو آهي ۽ عوام کي ان تي منهنجو ساٿ ڏيڻو پوندو، اسان ملي ڪري ڪاميابي حاصل ڪنداسين. هن چيو ته 17 اپريل تي نواب يوسف ٽالپر مرحوم ۾ عمرڪوٽ ۾ ضمني چونڊون آهن جيڪو پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ هو جيڪو اسان وچ ۾ ناهي رهيو، مون کي نواب يوسف ٽالپر ياد ايندو آهي جنهن کي توهان هر ڀيري قومي اسميبليءَ جو ميمبر بڻائي پاڻيءَ جي مصنفاڻي ورڇ تي نواب يوسف ٽالپر پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن طور آواز اٿاريندو رهيو، ڇا عمرڪوٽ جو عوام نه چاهيندو ته نواب يوسف ٽالپر جيان عمرڪوٽ پاڻي جي مسئلي تي اسيمبليءَ ۾ آواز اٿاري، عمران خان جي دور ۾ نواب يوسف ٽالپر اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندو هو، موجوده اسيمبليءَ ۾ نواب يوسف ٽالپر سخت بيمار هو پر وهيل چيئر تي اسيمبليءَ ايندو هو، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ ڪئنالن واري معاملي تي پنهنجي بيماري جي صورت ۾ وهيل چيئر تان اٿي ڪري عمرڪوٽ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نمائندگي ڪندو هو، 17 اپريل تي تير جو نشان ۽ ضمني چونڊون ٿينديون، مان عمرڪوٽ جي عوام کي درخواست ڪندس ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو نشان عمرڪوٽ، حق ۽ سچ جو نشان آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي تير کي کٽرائڻو آهي، 17 اپريل تي عمرڪوٽ ۾ منهنجي نمائندي کي کٽرائي 18 اپريل تي اسان کي گڏجي حيدرآباد ۾ پاڪستان کپي واري نعري سان پارٽيءَ جو جشن ملهائڻ پاڪستان نه کپي جو نعرو هڻندڙن کي جواب ڏيڻو آهي.