| 18 سالن کان گهٽ ڄمار ۾ شادي چائلڊ ميرج آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ |
لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ننڍي عمر جي شادي بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس منور اقبال دوگل 11 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 18 سالن کان ننڍي عمر جي شادي چائلڊ ميرج آهي، ننڍي عمر جي نينگري سان ازدواجي لاڳاپا قائم ڪرڻ راضپي جي باوجود چائلڊ ابيوز هوندو. جسٽس منور اقبال دوگل چيو ته ننڍي عمر جي نينگري جي راضپي سان بالغ شخص سان رهڻ جو قانوني حق نٿا ڏئي سگهون، چائلڊ ميرج جي نتيجي ۾ ننڍي عمر جي نينگري سان ازدواجي تعلق تي 5 کان 7 سال قيد ٿي سگهي ٿي، چائلڊ ابيوز جي ڏوهه تي گهٽ ۾ گهٽ 10 لک روپيه ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويندو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حنا اسلم جي عمر نڪاح جي وقت تقريبن 15 سال 2 مهينا هئي، نادرا جي رڪارڊ موجب حنا اسلم جي تاريخ پيدائش پهرين مارچ 2011 آهي، حنا اسلم کي مبينه مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. عدالت ننڍي عمر جي نينگري کي چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو جي محفوظ تحويل ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو. عدالت نينگري جي ملاقات والدين يا مبينه مڙس سان صرف نگراني ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ننڍي عمر جي شادي جي الزام جي جاچ کان پوليس انڪار نٿي ڪري سگهي، اغوا جي ڪيس مان مختلف ڏوهن جي صورت ۾ ڌار ايف آءِ آر داخل ٿي سگهي ٿي. عدالت ننڍي عمر جي شادي ۽ جعلي نڪاح نامي جي الزامن جي جاچ جو پڻ حڪم ڏنو ، جسٽس آف پيس قصور جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.