18 هين صدي جي شهنشاهه ٽيپو سلطان جي تلوار 14 ملين پائونڊ ۾ نيلام

مَي 26, 2023

لنڊن(پنهنجي ويب ڊيسڪ) ميسور جي 18 هين صدي جي شهنشاهه حڪمران ٽيپو سلطان جي تلوار 14 ميلن پائونڊ ۾ نيلام ڪئي وئي آهي

لنڊن جي خانگي عالمي نيلام گهر بونهاس ۾ تاريخي تلوار جي نيلامي لاءِ ٻولي لڳائي وئي شروعاتي طور اها ٻولي 15 کان 20 لک پائونڊ هئي پر بعد ۾ اها 14 ملين تائين پهچي وئي

تاريخي تلوار تي ٽيپو سلطان کان علاوا يا ناصر يا فتاح يا نصير يا معين يا ظهير الله لکيل آهي، اها تلوار شهنشاهه ٽيپو سلطان سان هر وقت گڏ هوندي هئي

 اسلامي ۽ انڊين آرٽ جي سربراهه اوليور وائٽ نيلامي کان اڳ ان تلوار جي تاريخ ٻڌائيندي چيو ته اها تلوار سن 1782 ۽ 1799 جي وچ ۾ اسٽيل سان ٺاهي وئي هئي جنهن تي سون جي ڪاريگري پڻ ٿيل آهي ان دور ۾ تلوار کي اقتدار جي علامت سمجهيو ويندو هو

هن ٻڌايو ته اها تلوار ٽيپو سلطان جي آرامگاهه مان هٿ آئي هئي جنهنکي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج ميجر جنرل ڊيوڊ بيرڊ کي حملي ۾ بهادري ڏيکارڻ جي نشان طور پيش ڪئي وئي هئي حملي ۾ ٽيپو سلطان مارجي ويو هو

ننڍي قد واري ٽيپو سلطان کي ميسور جي ٽائيگر جي نالي سان به ڄاتو وڃي ٿو جنهن انگريزن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا هئا

نيلام گهر ۾ اسلامي ۽ اندين آرٽ جي گروپ هيڊ نيما ساغرچي چيو ته ان تلوار جي هڪ غيرمعمولي تاريخ آهي ان ۾ حيرت ۾ وجهندڙ حقيقت ۽ بي مثال ڪارگري جو مظاهرو ٿيل آهي انڪري ئي خريدارن جي دلچسپي رهي

نيلام گهر پنهنجي ويب سائيٽ تي لکيو ته اها ٽيپو سلان جي بيڊ چيمبر تلوار آهي جنهن ۾ اسٽيل جي بليڊ تي سون جي ڪاريگري نظر اچي ٿي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام