سنڌ ۾ 18 ڪلاڪ بجلي بند ڇو؟ آصفه ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريو
سيپٽمبر 4, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري قومي اسميبلي ۾ سنڌ اندر بدترين لوڊشيڊنگ جو مسئلو اُٿاريو، آصفه ڀٽو زرداري چيو ته واڌو بجلي جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته پوءِ سنڌ ۾ 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڇو آهي؟ وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ جواب ڏيندي چيو ته لوڊشيڊنگ جو اڪيلو سبب بجلي نه هجڻ ناهي، رِڪوَرِي نه ٿيڻ جي ڪري به لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، آصفه ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي تڪ ۾ 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، 2 کان 3 ڏينهن به بجلي ناهي ايندي، اعظم نذير تارڙ چيو ته لوڊشيڊنگ جي آخري حد 18 کان 20 ڪلاڪ آهي، اُن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ جا ڪي ٻيا سبب هوندا.