نئين مالي سال 2024-25 لاءِ 18 هزار ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي وفاقي بجيٽ ڪجهه دير ۾ پيش ڪئي ويندي
جُون 12, 2024
نئين مالي سال 2024-25 لاءِ 18 هزار ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي وفاقي بجيٽ ڪجهه دير ۾ پيش ڪئي ويندي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جي تجويز، جنرل سيلز ٽيڪس ۾ هڪ کان 2 سيڪڙو واڌ جا امڪان، پيٽرول تي 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ يا پيٽروليم ليوي وڌائڻ جا امڪان، ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 12 هزار 970 ارب مقرر، سڌين ٽيڪسز جو هدف 5 هزار 291 ارب روپيا رکڻ جو امڪان، دفاع لاءِ هڪ هزار 252 ارب روپيا رکڻ جي تجويز، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي ترقياتي بجيٽ 3 هزار 595 ارب رکڻ جا امڪان، صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت 7 هزار ارب روپيا جاري ڪيا ويندا، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بجيٽ تجويزن تي غور ويچار، وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندو