19 ڪامورا سيڪريٽري ۽ ڊي جي ٿي ويا: 14 ڊاڪٽرن،6 انجنيئرن ۽ 68 استادن کي ترقي
مَي 28, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت مختلف کاتن جي 19 ڪامورن، 14 ڊاڪٽرن، 6 انجنيئرن ۽ 68 استادن کي 20 گريڊ ۾ ڏنل ترقين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد شاھ جي صدارت ۾ ٿيل سليڪشن بورڊ ون جي اجلاس ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن، استادن ۽ انجنيئرن کي 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي هئي، ڪالهه سروسز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي سروس ايڪس پي سي ايس گروپ جي 7 آفيسرن معمر ثالق مرزا، فرحان غني خان. صفدر رضوي، عمران عزيز، سيد جنيد احمد، رفيق قريشي ۽ غلام عباس نائچ کي 20هين گريڊ ۾ سيڪريٽري، پاپوليشن کاتي جي ڊائريڪٽر عرفان جوکيو ۽ توانائي کاتي جي ڊائريڪٽر نند لال پي شرما، سوشل ويلفيئر کاتي جي 3 آفيسرن زبيده ٿهيم، محبوب الزمان ۽ نظير فاطمه کي ڊي جي، ٻيلي ۽ جھنگلي جيوت کاتي جي 2 آفيسرن حيدر رضا خان ۽ مير مظفر علي کي چيف ڪنزرويٽر، آبپاشي کاتي جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر ظهير ميمڻ، پبلڪ هيلٿ جي عبدالعزيز شيخ، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي 4 ايس ايز ارشاد ميمڻ، صلاح الدين فاروق، عاصم حسين ۽ سيد حسن عسڪري کي چيف انجنيئر. مڪاني کاتي جي 4 ايڊيشنل ڊائريڪٽرن انور رُڪ، محمد شريف سنجراڻي، ميان محمد ڳاهو ۽ شهاب الدين ميمڻ کي ڊائريڪٽر، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي 19هين گريڊ جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر فوزيا خان کي 20هين گريڊ ۾ چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر طور ترقي ڏني وئي، جڏهن ته صحت کاتي جي 14 ڊاڪٽرن ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسرن کي 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي، جن ۾ ڊاڪٽر شائسته ناظم شيخ، ڊاڪٽر جھامن داس، عبدالسليم قدير، ولي محمد راهمون، ثاقب شيخ، نظير احمد رند، سنيل آنند، ڊاڪٽر شاهد حسين، ڊاڪٽر طارق قاضي، عبيد الله ميمڻ، عبدالستار ۽ غلام مصطفيٰ سمون شامل آهن. ڪاليج ايجوڪيشن جي 29 ايسوسيئيٽ پروفيسرن منصور انيس، سيد نجمي حسين، ناصر اقبال، غلام مصطفيٰ، محمد سلمان، عامر شاھ، منير احمد، هارون رشيد، محمد يوسف خان، اظهر ڪليم، غلام محمد قريشي ۽ ٻين کي پروفيسر، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي 14 ميل ۽ فيميلز ايسوسيئيٽ پروفيسرن ضمير لانگاهه ، نواز شيخ، نور محمد کوسو، طارق ميمڻ، حبيب الله ٿهيم، شفيق ميمڻ، عبدالستار بوزدار، علي اصغر خاصخيلي، عبدالقدير سومرو، خالد محمود ميمڻ، مزنه فهيم، شاهده ڏهر، شبانا حيدر ۽ نگهت عزيز کيپروفيسر ۽ پرنسپال، 25 هيڊماسترن حق نواز پٺاڻ، مزمل صديقي، ارشاد پروين، معين الدين قاضي، محمد طارق مغل، سعيد الرحمان شيخ، عبدالجبار دايو، فهميده جماڻي، محمد پريل، حسن سلطان، غلام حسين، سراج احمد ميمڻ، علي اڪبر ڪلهوڙو، خير النساءَ، علي خان، خورشيد اختر، نظير بيگم، زرينا چنا، زرينا جمالي، محمد صالح ڪوريجو، حافظ معين اختر، محمد عثمان، نياز بانو ۽ عبدالراشد قريشي کي چيف هيڊ ماستر طور ترقي ڏني وئي.