190ملين پائونڊ ڪيس ۾ بشريٰ جا وارنٽ برقرار، ڪي پي مان گرفتاري جي ڪوشش

نومبر 29, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اسلام آباد باني تحريڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج ناصر جاويد رانا جي غير موجودگيءَ سبب ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي. مسلسل عدم پيشيءَ تي جاري بشري بي بي جي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ کي برقرار رکيو ويو. عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نيب راولپنڊي جي ٽيم ڪي پي رواني پهچي وئي، گرفتاري لاءِ ڪي پي پوليس جي مدد حاصل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ 3 ڏينهن اڳ به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر نيب ٽيم ڪامياب نه ٿي سگهي هئي. نيب ٽيم ٻيهر جوڙي وئي. نيب پوليس کان مدد گهري ورتي، نيب ڪي پي کي به مدد جي هدايت ڪئي، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ بشريٰ جا گرفتار وارنٽ جاري ٿيل آهن.

Leave A Comment