اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)نيب راولپنڊي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 23 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي
نيب ذريعن موجب عمران خان کي 23 مئي تي 10 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، کيس 18 مئي تي طلب ڪيو ويو پر هو پيش نه ٿيو، نيب ٽيم عمران خان کي نوٽيس ڏيڻ پهتي ته 2 رڪني ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل جي غير موجودگي سبب نوٽيس ڏيڻ بغير واپس رواني ٿي وئي
نيب پاران عمران خان کي ساڳئي ئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن بعد ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ حساس ٺڪاڻن تي هنگامن جا واقعا پيش آيا، سپريم ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري غيرقانوني قرار ڏئي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو