| 190 ملين پائونڊ ڪيس: بئريسٽر سلمان صفدر کي اڄ منجهند 2 وڳي عمران سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ بيرسٽر سلمان صفدر کي اڄ ٻه وڳي باني پي ٽي آءِ سان جيل ۾ ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔ وڪيل بشريٰ بي بي جي حد تائين مرڪزي اپيل بدران سزا معطلي واري درخواست جو پهريان فيصلو ڪرڻ جي استدعا ڪئي ته چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر اپيلن کي جلد اُڪلائڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته توهان اپيل تي دليل ڏيڻ شروع ڪندا ته 7 ڏينهن ۾ انشاءَالله اپيل جو ئي فيصلو ڪري ڇڏينداسين۔ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف باني پي ٽي آئي ۽ بشريٰ بي بي جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن ۽ سزا معطلي وارين درخواستن سان گڏ مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جن ۾ اپيلن تي قانوني مشاورت لاءِ جيل ۾ باني پي ٽي آئي سان ملاقات ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطلي درخواست تي جلد ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي هئي۔ باني پي ٽي آئي جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر ۽ نيب جي اسپيشل پراسڪيوٽر جاويد اشرف ۽ رافع مقصود عدالت آڏو پيش ٿيا۔ چيف جسٽس چيو ته توهان جي درخواست ڇا آهي، باني پي ٽي آئي سان ملاقات واري درخواست منظور ڪريون ٿا، توهان وڃي باني پي ٽي آئي سان ملاقات ڪريو. بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته ٻه وڳي جو وقت مقرر ڪيو وڃي۔ بيرسٽر سلمان صفدر بشريٰ بي بي جي سزا معطلي واري درخواستون پهريان ٻڌڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان جيل ۾ ملي اچو، اسان اپيل به مقرر ڪري ڇڏيون ٿا، هر هفتي ٻه ڏينهن لاءِ اپيل لڳائي ڇڏينداسين، توهان پنهنجي موڪل (ڪلائنٽ) سان ملاقات ڪريو. سلمان صفدر چيو ته عدالت هن وقت اپيل مقرر نه ڪري مان جيل ۾ ملاقات ڪري پوءِ عدالت جي مدد ڪندس، عورت جي حد تائين توهان سزا معطلي واري درخواست تي فيصلو ڪري ڇڏيو۔ عدالت جيل اختيارين کي باني پي ٽي آئي سان سلمان صفدر جي اڄ ٻئين وڳي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي خميس 9 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔ اسپيشل پراسڪيوٽر عدالت کي ڪيس سومر لاءِ مقرر ڪرڻ جي استدعا ڪئي. چيف جسٽس چيو ته ڏسون ٿا، ڪالهه به اهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ آيو، اسان کي خبر نه هوندي آهي ته سومر تي ڪهڙي مصروفيت هوندي، تنهنڪري پنهنجي مصروفيت ڏسي تاريخ مقرر ڪندا آهيون..