| 1971 ڪلو وزن واري چاندي جي سر عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو |
ابو ظهبي (انٽريسٽنگ نيوز) يو اي اي دنيا جي سڀ کان وڏي چاندي جي سر تيار ڪري ورتي آهي، 1971 ڪلو وزن واري چاندي جي ان سر عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دبئي ۾ ملٽي ڪموڊٽيز سينٽر ۾دنيا جي سڀ کان وڏي چاندي جي سر پيش ڪئي جنهن جو باضابطا مهورت پڻ ڪيو ويو. تاريخي سر جو وزن 1971 ڪلو ڄاڻايو ويو آهي، سر جو اهو وزن يو اي اي قائم ٿيڻ واري سال 1971 جي منسبت سان رکيو ويو آهي. ان حوالي سان دبئي جي ڊي ايم سي جي ايگيڪيوٽو چيئرمين ۽ سي اي او احمد بن سليم ٻڌايو ته ان تاريخي چاندي جي سر جو مهورت پريشيس ميٽلز ڪانفرنس دوران ڪيو ويو. چاندي جي اها عظيم تاريخي سر 1.3 ميٽر ڊگهي آهي ۽ انکي انتهائي محنت ۽ ڪاريگري سان ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ان سر جو نالو اينگوٽ رکيو ويو آهي . هن چيو ته ڪانفرنس جي 13 هين ايڊيشن ۾ ڪيترائي اهم سنگ ميل پڻ عبور ڪيا جن ۾ سڀ کان ععظيم چاندي جي اها سر هئي