| 2لکن جو اِي چالان؟ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي نوٽيس |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اي چالان خلاف بس اونرز ايسوسيئيشن جي درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي 25 نومبر تائين نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار جي وڪيل منصف جان گجر موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته اي چالان ذريعي ڳرا ڏنڊ وجهڻ غير قانوني ۽ ظالماڻا آهن. بسن تي پهرين چالان تي 2 لک ۽ ٻئي چالان تي 3 لک رپيا مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بس جي ڇت تي مسافر جي ويهڻ تي15 هزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي، ساڳئي ريت هيلمٽ نه پائڻ تي 5000 رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.