جناح هائوس ۾ ”ديوار ندامت“ اڏڻ تي غور: ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جا ڦوٽو هنيا ويندا

مَي 21, 2023

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) جناح هائوس لاهور ۾ ”ديوار ندامت“ اڏڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي

ذريعن وٽان سڌ پئي آهي ته جناح هائوس ۾ ”ديوار ندامت“ ٺاهي ويندي جنهن تي 9 مئي واري ڏهاڙي جناح هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ان جي رٿابندي ڪندڙن جا ڦوٽو لڳايا ويندا

ٻڌايو پيو وڃي ته 9 مئي تي جناح هائوس ۾ ٿيل ڀڃ ڊاهه کانپوءِ عمارت جو مرمتي ڪم ٿيڻ دوران ”ديوار ندامت“ به اڏي ويندي

ياد رهي ته 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ مڇريل ماڻهن جناح هائوس تي ڪاهه ڪري عمارت ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ اتي باهه به لڳائي هئي جنهن بعد ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جاري آهي

Leave A Comment