2 قدم پوئتي هڪ اڳتي، اهو ئي سياسي رستو آهي: واوڊا

2 قدم پوئتي هڪ اڳتي، اهو ئي سياسي رستو آهي: واوڊا

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ سان سياسي ملاقاتون ممڪن ناهي، ڀينرن سان ملاقات غيرسياسي آهي،  اهو انهن جو حق هو جيڪو انهن کي ملي ويو، جاري بيان ۾ هن چيو ته ڪالهه توهان کي مشورو ڏنو هو اڄ توهان کي فائدو ٿيو، 2 قدم پوئتي هڪ قدم اڳتي اهو ئي سياسي رستو آهي، وڏي وزير سهيل آفريدي اڊيالا ۽ اسلام آباد ۾ چڙهائي نه ڪري مثبت قدم کنيو، فيصل واوڊا جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعليٰ ۽ گورنر ڪي پي بنون ۾ شهيد ٿيندڙن کي عزت ڏين، ٻڌايو پنهنجن لاءِ اسان نه بيهنداسين ته ٻيو ڪير بيهندو؟